سينيٽ جون چونڊون ۽ 20 ترميم وارو بل!

سهيل ميمڻ

11 مارچ 2012ع تي 49 سينيٽر رٽائر ٿي ويندا. هڪ سينيٽر سردار جمال لغاري اڳ ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ائين مارچ 2012ع ۾ 50 سينيٽرن جي چونڊ ٿيڻي آهي، جن مان هر صوبي جي ست جنرل، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ ٻه عورتن جي سيٽن سميت يارهن سيٽن تي چئني صوبن مان 44 سينيٽر چونڊبا، جڏهن ته فيڊرل ايڊمنسٽريٽرڊ قبائلي علائقن يعني فاٽا جا چار ۽ اسلام آباد جي ڪيپيٽل ايريا جا ٻه سينيٽر چونڊبا. سينيٽ آف پاڪستان 1973ع ۾ پهريون ڀيرو وجود ۾ آيو. شروع ۾ 45 ميمبر هوندا هئا، جيڪي 1977ع ۾ 63 ٿيا ۽ 1985ع ۾ انهن جو تعداد وڌائي 87 ڪيو ويو ۽ 2002ع ۾ اسٽيٽ آف پاڪستان جي ميمبرن جو تعداد 100 ڪيو ويو. ايندڙ مارچ ۾ سينيٽ مان رٽائر ٿيڻ وارن ۾ اڪثريت مسلم ليگ جي ميمبرن جي آهي، جيڪي مشرف حڪومت جو حصو هئا، يعني مسلم ليگ (ق) جي نالي تي چونڊيا ويا هئا. مسلم ليگ (ق) سان ماضي جي انهن سينيٽرن مان ڪجهه ڇڙوڇڙ ٿي، ڪجهه خاموش ٿي ويهي رهيا آهن. ڪجهه ٻين پارٽين ۾ هليا ويا آهن ۽ ڪي نيون راهون نهاري رهيا آهن، جو مارچ ۾ رٽائر ٿيڻ وارو جو تعداد 20 آهي. مسلم ليگ (ن) جو هڪ، پيپلز پارٽي جا 5، مسلم ليگ فنڪشنل ليگ جو هڪ سينيٽر سيد ساجد زيدي، ٿهيم جي جاءِ تي سينيٽر ٿيو هو، پيپلز پارٽي شير پائو جو هڪ، متحده مجلس عمل جيتوڻيڪ رهي ناهي پر ان جي ٽڪيٽ تي چونڊيل سينيٽر طلحه محمود به رٽائر ٿيندو. ان کان علاوه اي اين پي جو هڪ، متحده قومي موومينٽ جا 3، جماعت اسلامي جا 3، ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جا 5 سينيٽر رٽائر ٿيندا، جڏهن ته فاٽا جا چارئي سينيٽر آزاد آهن، جيڪي پڻ رٽائر ٿيندا. جمهوري وطن پارٽيءَ جو به هڪ سينيٽر مارچ ۾ رٽائر ٿيڻ وارن ۾ شامل آهي. نيشنل پارٽي بلوچستان ۽ بي اين پي عوامي کان سواءِ سينيٽر عبدالرحيم مندوخيل پڻ رٽائر ٿيندو، جنهن جو تعلق پختونخواهه ملي عوامي پارٽي سان آهي.

مارچ ۾ سينيٽ مان رٽائر ٿيڻ وارن سينيٽرن ۾ وڏا نالا، پيپلز پارٽيءَ جا رضا رباني، ڊاڪٽر صفدر عباسي، عبدالحفيظ شيخ ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ شامل آهن. رتنا ڀڳوان داس چائولا پڻ پيپلز پارٽيءَ جي سيٽ خالي ڪندي. ان کان علاوه وسيم سجاد، جاويد اشرف قاضي، اسحاق ڊار، محمد علي دراني، نيلوفر بختيار، ايس ايم ظفر، جان محمد جمالي، عبدالرحيم مندوخيل، خالد محمود سومرو، طاهر مشهدي، پروفيسر خورشيد، سليم سيف الله خان، الياس بلور، طارق عظيم ۽ وسيم سجاد اهي وڏا نالا آهن، جيڪي هن سال مارچ ۾ سينيٽ مان پنهنجو ڇهن سالن جو مدو پورو ڪري واپس ٿيندا. ايندڙ سينيٽ واري چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو پيپلز پارٽيءَ جو ٿيندو، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽيءَ جا سينيٽر به چڱي تعداد ۾ ايوان ۾ اچي ويندا. مسلم ليگ (ق) جا چوڌري ڀائرن جي پيپلز پارٽيءَ سان ٺاهه سبب ڪجهه سينيٽر اچي سگهن ٿا. ايوان ۾ مولانا فضل الرحمان به ڪوشش ڪندو ته هو وڌ کان وڌ حصو وصول ڪري. متحده مجلس عمل، جماعت اسلامي وغيره جو پنهنجي اڳ واري سيٽن تي ٻيهر اچڻ ممڪن ناهي. اسلام آباد ۾ عام تاثر اهو ئي آهي ته حڪومت کي جيڪي تازا لوڏا آيا آهن، ان جو سڌو تعلق سينيٽ چونڊن سان آهي ۽ ملڪ جون اهي قوتون جن وٽ اصل طاقت هوندي آهي، سي نه ٿيون چاهين ته پيپلز پارٽي مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪري. انهيءَ ڪري مارچ کان اڳ ئي ڪو معاملو ٿي پوي ۽ اهي چونڊون ان صورت ۾ نه ٿين، جيڪا پوزيشن موجوده اسيمبلين جي آهي. پر لڳي ٿو ته، حڪومت ان معاملي ۾ مضبوط پوزيشن ۾ آهي ۽ سينيٽ جون چونڊون ڏنل ٽائيم تي ٿيڻ جا امڪان آهن. وري به وڌيڪ ڳالهه 13 فيبروريءَ تي وزير اعظم جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ واضح ٿيندي. هوڏانهن متحده قومي موومينٽ هر ڀيري جيان هن ڀيري وري ملڪ ۾ صوبن ٺاهڻ وارو بل قومي اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايو آهي. متحده جي حڪمت عملي رهي آهي ته ڀلي اتحاد ڇو نه هجي، پر هر اهڙي موقعي تي، جنهن مهل اتحادي حڪومت کي سندس حمايت جي ضرورت هوندي آهي، ڪو نه ڪو مطالبو رکي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هن ڀيري به اهو ئي نظر اچي رهيو آهي، نه ته صوبي هزاره ۽ صوبي سرائيڪي لاءِ ڪنهن بل جي ضرورت ايئن نه هئي، جنهن طرح ايم ڪيو ايم وڌو آهي ۽ عين ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي ان بل کي منظور ڪرائڻ ۾ به دير نه ڪري، جو هر صورت ۾ کيس سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻي آهي. هوڏانهن سنڌ ۾ متحده جي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل کي سنڌ جي ورهائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪو نئون صوبو ٺاهڻ جي سازش طور ورتو ويو آهي. سنڌ بچايو ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾ اچي هڙتال ڪرائي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم جي آئين جي شق 239، 106، 51 ۽ 1 ۾ ترميم جي خلاف مسرور جتوئي جڏهن مائيڪ بند ٿيڻ باوجود اها قرارداد پيش ڪئي ته سڄي ايوان زوردار تاڙيون وڄايون، جنهن مان ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ، پيپلز پارٽي مرڪز جي اهڙن فيصلن سان سهمت ناهي، پر اهي ڪڇن نه ٿا، جو ذاتي مفاد هر ڪنهن کي عزيز آهن. مسرور جتوئي واري قرارداد ۾ آهي ته، هيءَ اسيمبلي حڪومت سنڌ کي سفارش ٿي ڪري ته وفاقي حڪومت ۽ ٻين يونٽن کي آگاهه ڪيو وڃي ته هيءَ اسيمبلي آئين جي آرٽيڪل 239 (4) ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جي مخالفت ڪري ٿي. هيءَ اسيمبلي ۽ سنڌ جو عوام ڪنهن به اهڙي قدم جي حمايت نه ڪندو، جيڪو مستقبل ۾ سنڌ جي ورهاست لاءِ مددگار ثابت ٿئي. ان قرارداد تي پيپلز پارٽيءَ جي عمران لغاري، مير حسن ٽالپر، حاجي منور عباسي، احمد علي شاهه، سردار ڄام تماچي انڙ، نواز تيمور ٽالپر، پيتامبر سيواڻي، امداد پتافي، فياض ٻٽ، ڊاڪٽر سڪندر شورو، انور مهر، اين پي پي جي عارف جتوئي، مسلم ليگ فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي ۽ مسلم ليگ (ق) جي غالب ڊومڪي جون صحيحون آهن.

متحده قومي موومينٽ هميشه ڪو اهڙو موقعو ئي ڳولهيندي آهي، جڏهن پنهنجي ڳالهه حڪمرانن کان مڃائي وٺجي. هن ڀيري به سينيٽ جي چونڊن مهل هي بل پيش ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو بل قومي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿو ٿئي ته ايم ڪيو ايم جو ڀلو، پر جيڪڏهن نٿو ٿئي ته سرائيڪي ۽ هزاره معاملو رولي ۾ اچي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته، اهو بل رولو وجهڻ لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. ان بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جي ورهاست جي دستاويز تي ته صحيح ٿي ويندي، پر هڪ پاسي متحده اهڙو بل پيش ڪري، ان پاسي قدم وڌايو آهي ته ٻئي پاسي هزاره ۽ سرائيڪي صوبي واري معاملي کي منجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

سينيٽ جي چونڊن بعد عوامي نيشنل پارٽي سينيٽ ۾ ملڪ جي ٽئين وڏي پارٽي طور اڀري ايندي. اي اين پي کي اميد آهي ته، هو سينيٽ ۾ وڌيڪ 6 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ويندا، جنهن بعد هنن جي سينيٽرز جو تعداد 12 ٿي ويندو. سينيٽ ۾ اڳ ۾ موجود ڇهن سينيٽرن مان الياس بلور جي سينيٽري جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، جنهن کي ٻيهر چونڊرائڻ جي اميد آهي. عوامي نيشنل پارٽي جو خيال آهي ته سندن پنج سينيٽر خيبر پختونخوا مان ۽ هڪ سينيٽر بلوچستان مان چونڊجي ويندو. بهرحال حيرت آهي ته سينيٽ چونڊن جي جلدي وارا اڳواڻ، پيپلز پارٽي توڙي جلد عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪرڻ واري مسلم ليگ (ن)، سنڌ توڙي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن.

memonsuhail@hotmail.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com