سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ۽ نئين نسل جي سجاڳي!

دستگير ڀٽي

هڪ مهينو اڳ مون پنهنجي ڪالم جي Tail piece (پڇاڙي واري حصي) ۾ لکيو هو ته سرائيڪي ۽ هزاره صوبي جي اصل نمائندگي ڪندڙ سياسي اڳواڻن کان اڳ ۾ ئي ايم ڪيو ايم پنهنجن ميمبرن وسيلي قومي اسيمبليءَ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واسطي جيڪا رٿ جمع ڪرائڻ جو سانباها ڪري رهي آهي، ان تي حيرت ٿئي ٿي ته ”ڄڃ ۾ سڃاڻي ئي ڪو نه، آکي گهوٽ دي پُڦي“ واري ڪار ڪندڙ هنن همراهن جي نيت ۾ ضرور ڪو نه ڪو فتور يا فِتنو آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي خبردار ۽ هوشيار ڪرڻ گهرجي. اڃا هفتو به مس گذريو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ خيرن سان اچي ويو، جنهن کي اسپيڪر فهميده مرزا ائڊمٽ ڪيو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيائين. انهيءَ ٺهراءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٻن صوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جو مطالبو ڪندي ايم ڪيو ايم پنهنجي اصل نيت ۽ سازش کي به اهو چئي پاڻ ئي وائکو ڪري ڇڏيو ته ڪنهن به صوبي جون جاگرافيائي حدون مقدس نه ٿينديون آهن، تنهن ڪري آئينده جيڪڏهن وڌيڪ ٻين صوبن ٺاهڻ جا مطالبا ٿين ته انهن کي ريفرينڊم وسيلي تسليم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي هِن ٺهراءَ ۾ ريفرنڊم جي گنجائش پيدا ڪرڻ واسطي دستور جي آرٽيڪل 239 ڪلاز 4 کي آئين ۾ ويهين ترميم ذريعي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي ويئي آهي. سندن مطالبي جو مطلب هيءُ آهي ته سنڌ وانگر رضاڪارانه طور پاڪستان ٺاهيندڙ يا پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ پنهنجي صديون پراڻي تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فيڊريٽنگ يونٽ پاڪستان جي وفاق يا پارليامينٽ کي هڪ اهڙو آئيني ڪات يا ڪهاڙو تحفي طور ڏيئي ڇڏين، جنهن ذريعي جنهن صوبي کي به جڏهن وڻي هڪ نام نهاد ريفرينڊم ڪرائي ملڪ جي موجوده Geography کي ڳترا ڳترا ڪري سگهجي.

مون اڳ ۾ ئي چيو هو ته متحده جي انهيءَ مطالبي کانپوءِ سنڌ اندر لڏپلاڻ وسيلي آباد ٿيل ٻيا ماڻهو به اهڙا مطالبا شروع ڪري ڇڏيندا ته کين ڌار صوبو ڏنو وڃي. نتيجو اڄ ئي سامهون اچي ويو، جڏهن عوامي نيشنل پارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ سينيٽر ميان افتخار ٽيليوزن انٽرويو ذريعي چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ويهين ترميم وارو مطالبو مڃيو ويو ته پوءِ اسين پٺاڻ به ڪراچي شهر اندر پنهنجو ڌار صوبو گهرڻ ۾ حق بجانب هونداسين. معنيٰ ته سڀاڻي بنگالي، برمي ۽ افغاني به پنهنجي لاءِ ڌار علائقو گهرڻ جا حقدار ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته کين سرڪار نامدار طرفان شناختي ڪارڊ ته اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن ۽ تازو ايم ڪيو ايم پاران بنگالين ۽ بهارين جا ووٽ به زوريءَ داخل ڪرايا ويا آهن، جنهن سان ڪراچيءَ اندر سنڌي ماڻهو اقليت ۾ اچي چڪا آهن.

پر سوچڻ جهڙي ڳالهه ته هيءُ سمورو سنڌ دشمن، عوام دشمن ۽ پاڪستان دشمن تماشو سنڌي ماڻهن جي پنهنجي چونڊيل حڪومت (فقط چونڊيل نه پر چوٿون ڀيرو چونڊيل پ پ پ حڪومت) جي دور ۾ اسان جي ئي وطن کي ڀاڱا ڪرڻ جي نيت سان هڪ اهڙي ڏکوئيندڙ ٽرئجيڪاميڪل (Tragi-comical) ڊرامي جيان اسٽيج ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڏسي سڄي سنڌ جا پنج ڪروڙ انسان تڙپي اُٿيا آهن. ان جي ابتڙ چونڊيل جمهوري سرڪار جي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه هيڏو وڏو هاڃو ڏسندي به ”ماسي مفاهمت“ آڏو ڪُڇن پُڇن ئي نه ٿا. پوءِ ڀلي پيا ڪروڙين سنڌي ماڻهو لُڇن ۽ ڦٿڪن! سڀاڻي نتيجي طور جيڪڏهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ خانه جنگي شروع ٿي وڃي ته ان لاءِ ذميوار ڪير هوندو؟ ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم وارا پاڻيهي وار ڪري واويلا ڪرڻ جا عادي آهن. سمورو الزام وقت جي سرڪار ۽ ان جي بي اثر ۽ بي ثمر پاليسين تي لڳندو، جيئن پ پ جي پهرين سرڪار جي دور ۾ حيدرآباد ۾ خونريزي ڪندڙ دهشتگردن جڏهن پڪي قلعي اندر مورچا ٺاهي پناهه ورتي ۽ تڏهوڪي پوليس آءِ جي سنڌ آغا سعادت علي شاهه مرحوم سندن پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ”پڪا قلعا آپريشن“ جو هٿ ٺوڪيو نالو ڏيئي پ پ حڪومت مٿان نه رڳو بي گناهه ماڻهو قتل ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو، بلڪه صدر غلام اسحاق خان کي ان وقت جي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ پ پ حڪومت جي خاتمي لاءِ مجبور ڪيو. نيٺ 6 آگسٽ 1990ع تي پ پ سرڪار کي ڊاهي سنڌ مٿان ڄام صادق عليءَ جي سولين ڊڪٽيٽرشپ وارو اونداهون راڄ مڙهيو ويو، جنهن ۾ اڌو اڌ پارٽنرشپ ايم ڪيو ايم حاصل ڪئي. گذريل ويهن سالن کان اها حڪومتي ڀائيواري ايتري ته طاقتور ۽ زور آور ٿي چڪي آهي، جو ڪيترن ئي خونن جي ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث ڏوهاري وڏن وڏن عهدن تي ڏهه سال لاڳيتو راڄ ڪري نه رڳو سنڌ اندر نوان رڪارڊ قائم ڪري ڏيکاريا آهن، بلڪه سنڌ جي تعليمي ۽ صحت جي ادارن کي زبردست نقصان پڻ رسائي چڪا آهن. هي ماڻهو ايترا ته پاور فل آهن جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسرور حسين جتوئي پاران 1973ع واري آئين کي بچائڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ کي نه رڳو پ پ سرڪار سندن پريشر هيٺ لنوائيندي رهي آهي، پر جڏهن سڄي سنڌ ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيڻ کان پوءِ اسپيڪر کهڙو راضي به ٿيو ته فقط ايستائين ته ان آئيني ٺهراءَ کي هڪ اهڙي ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي خود اها خبر ئي ناهي ته کين ڪڏهن گڏجاڻي ڪرڻي آهي ۽ گهڻن ڏينهن اندر سنڌين جي زندگي ۽ موت سان تعلق رکندڙ هن اهم ترين معاملي کي آخري شڪل ڏيئي سنڌ اسيمبليءَ آڏو منظوريءَ لاءِ پيش ڪرڻو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر مسرور جتوئي صاحب جي رٿ ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا 1973ع واري آئين سان ٽڪراءَ ۾ هجي، جنهن ڪري پ پ سرڪار لاءِ ڪا غير آئيني صورتحال پيدا ٿي پوي ۽ سندن بار بار ورجايل انهيءَ دعويٰ تي پاڻي هارجي وڃي ته پيپلز پارٽيءَ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 1973ع جو آئين پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ٿي سگهيو آهي، تنهن ڪري وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري جو ڪريڊٽ پڻ پ پ کي ملڻ گهرجي. ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ ۾ ميان رضا رباني کان وٺي اعتزاز احسن تائين انيڪ آئيني ماهر ۽ قانون جا ڄاڻو موجود آهن، جيڪي مسرور جتوئي واري ٺهراءَ ۾ موجود ڪنهن به غير آئيني سِٽ even هڪ لفظ جي به نشاندهي ڪري سگهن ٿا. پوءِ آخرڪار پ پ قيادت ايتري خاموشيءَ جو مظاهرو ڪري سنڌي ماڻهن کي نيٺ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي؟

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته چار پنج مهينا اڳ مون پنهنجي ڪالم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو هو ته سنڌ جي وحدت کي بچائڻ لاءِ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واسطي 1948ع کان سٽيل سازش کي جنهن نموني ڀٽو صاحب ناڪام بڻائي، سنڌ جي وحدت ۽ وجود کي بچائي ويو آهي، ان بابت آئينده ڪڏهن احوال ڪنداسين. آئون سمجهان ٿو ته 1973ع جي دستور ۾ آرٽيڪل 239 جي ڪلاز 4 شامل ڪري شهيد ڀٽو سنڌ جي ورهاڱي آڏو جيڪو بند ٻَڌي ويو آهي، ان کي عبور نه ڪري سگهڻ سببان ئي ايم ڪيو ايم کي ريفرينڊم وارو شارٽ ڪٽ وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي. اڄ سندن سڄي راند ملڪ جي ٻچي ٻچي اڳيان پڌري ٿي چڪي آهي. سنڌ سهڻيءَ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ فقط متحده قومي موومينٽ يا اڄوڪو نسل نه، پر ان کان اڳ ۾ به جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بل آندو ويو هو، تڏهن به ”اردو کا جنازه“ جهڙا نعرا لڳا هئا، پر هر ڀيري کين ناڪامي نصيب ٿي آهي. گذريل سال به ڪراچيءَ جي ڀتين تي ڌار صوبي جا نعرا لکي پوءِ کين پاڻ ئي اهي ڊاهڻا پيا آهن. يقين ڪريو ته گذريل ڇهن ڏهاڪن ۾ هنن هر نسخو آزمايو آهي ته ڪنهن به ريت پنهنجي لاءِ الڳ صوبو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿين، پر شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ قلندر جي ڌرتيءَ مٿان جيئن ماضيءَ ۾ ڌارين حملي آورن ۽ قابضن جا پير کُپي نه سگهيا، جناح پور کان مهاجر صوبي يا سائوٿ سنڌ وارو سندن خواب سدائين خواب رهيو آهي ۽ خواب ئي رهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو نئون نسل هاڻي ايترو سجاڳ ۽ پنهنجي وطن جي خاطر ويڙهاند واسطي ائين سنڀرجي اُٿيو آهي، جو آڏي ڍال رکڻ بدران اسين پنهنجي مرشد ڀٽائيءَ آڏو ضرور سرخرو ٿينداسين. رڳو گذريل ڇهن مهينن اندر سنڌين پاران گذريل سال آگسٽ وارين ٽن هڙتالن کان وٺي اڄوڪي (ڪالهوڪي) احتجاج تائين نظر ڊوڙايو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن جي دلين اندر ٽهڪندڙ قومي جذبن جو طوفان سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏڻ لاءِ ڪَر کڻندو ڏسجي پيو. جڏهن کان ايم ڪيو ايم ٺهي آهي، يعني گذريل 25 سالن دوران هن تنظيم جي بي شمار ناانصافين، خاص طور تي تعليمي ادارن، ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا، ملازمتن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب انتظامي سرشتو مڙهڻ کان علاوه سوين جانين جا نذرانا پيش ڪري، سنڌي ماڻهن وڏي صبر، سهپ ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي، پر جڏهن سنڌ دشمنن اسان جي صبر ۽ برداشت جو ناجائز فائدو وٺي سنڌ جي مقدس سرحدن مٿان ميري اک وڌي آهي ته سنڌين جي صبر جو پيمانو به هاڻي لبريز ٿي چڪو آهي.

خبر ناهي ته سنڌ جو اڳوڻو وزير داخله ذوالفقار مرزا ڪهڙي جهان ۾ آهي؟ وڏيون دعوائون ڪندو هو ته جڏهن به سنڌ مٿان وار ٿيو ته هو لکين ماڻهو ساڻ ڪري گورنر هائوس جو گهيرو ڪندو، جنهن کي پاڻ سازش ۽ رٿابنديءَ جو ڳڙهه سڏيندو رهيو. مرزا صاحب کي مبارڪون هجن ته گورنر عشرت العباد سندس ديرينه دوست صدر آصف علي زرداريءَ جي آشيرواد سان گورنر هائوس سنڌ ۾ ڏهه سالا جشن ملهايو آهي. چڱو ٿيو جو سنڌي ماڻهو اوهان جهڙن اڳواڻن جي پويان ڪو نه لڳا ۽ پنهنجو اجتماعي شعور ڪتب آڻي دشمنن جي سازشن سان پنهنجو پاڻ مهاڏو اٽڪائيندا اچن. سنڌي ماڻهن لاءِ ته انڌي جهڙي پيڪن ۾ تهڙي ساهرين. جنرل مشرف جو دور هو، تڏهن به اسين سُورن ۾ هئاسين، جو سنڌ مٿان ايم ڪيو ايم جي بادشاهي هئي، هاڻي گذريل چئن سالن کان پ پ جي حڪومت ته نالي ماتر برابر آهي، پر حاڪمن جو حال اهو آهي ته اتحادين کي کليل لفظن ۾ ايترو به نه ٿا چئي سگهن ته جيڪڏهن اسان جي ڌرتي ماءُ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندئو ته اسين اوهان کان پنهنجون راهون جدا ڪري واپس پنهنجن ووٽرن ڏانهن هليا وينداسين. جن پ پ ميمبرن مسرور جتوئي صاحب جي حق ۽ سچ تي مبني سنڌ بچائڻ واري ٺهراءَ تي صحيحون ڪيون، تن کي صدر زرداري جي حڪم موجب وڏي وزير ٻئي ڏينهن سي ايم هائوس طلب ڪري دڙڪا ۽ دهمان ڏنا، مٿن پارٽي ڊسيپلين ٽوڙڻ جا الزام هنيا. سيد قائم علي شاهه کان ڪو پڇي ته سائين ون مئن شو وارين غير جمهوري رويا رکندڙ پارٽين جي ڊسيپلين کي مڃڻ ضروري آهي يا وطن مٿان وار ڪرڻ وارن جا هٿيار مُڏا ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائڻ مقدس قومي فرض آهي؟ ڪمپرومائيز ڪري حڪومتون هلائڻ کان بهتر ته عوام جي سگهه ۽ پنهنجي سياسي طاقت جو سهارو وٺڻ آهي، جنهن جي دائمي اهميت ۽ ان ۾ حڪمران پارٽيءَ جي پنهنجي عزت پڻ آهي. سنڌ بچايو ڪميٽي  جا سمورا غيرتمند اڳواڻ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون بهادر ڀينرون جس لهڻين، جيڪي سنڌ مٿان ايندڙ هر مشڪل مهل ۾ سِر تريءَ تي رکي ميدان ۾ نڪريو نروار ٿين ۽ دشمنن جا ارادا خاڪ ۾ ملايو ڇڏين. تاريخي رڪارڊ موجود آهي ته اڄ کان 23 سال اڳ 30 ڊسمبر 1989ع تي هڪ سنڌ دشمن ڪاموري طرفان سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ٺاهيل سازش جا دستاويز مون پاڻ ان زماني جي سڀ کان وڏي سنڌي اخبار هلال پاڪستان ذريعي سنڌي عوام تائين پهچائي کين هن سازش کان باخبر ڪيو هو. اڄ به اهو تعصبي آفيسر ۽ سندس سرپرست ساڳين سازشن ۾ رڌل آهن، پر سنڌ جاڳي پئي.

ڪالهوڪي هڙتال ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جو نئون نسل سجاڳ آهي.

dastgirbhatti@gmail.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com