سنڌ ۾ موتمار ٻوڏ ڇو ٿي اچي؟

اشتياق انصاري

لداخ جي ماڻهن جو اهو ايمان آهي ته”شينهن درياهه جو پاڻي پيئندڙ ماڻهو بهادر ۽ شينهن جهڙو دلير هوندو آهي“. سنڌو جڏهن سورنهن هزار فٽن جي بلندي تان برف ۽ برسات ميڙي لداخ پهچي ٿو ته اتان جا ماڻهو ڌرتي، هوا ۽ خوشحالي جي ديوتائن سان گڏ سنڌوءَ اڳيان به سيس نمائن ٿا. سنڌو درياهه، لداخ مان گهمندو ڦرندو جيئن ئي هن ملڪ جي سرحد ۾ پير پائي ٿو، خوش قسمتي سان مون کي اتان کان وٺي سمنڊ تائين دنيا جي هن پنجين نمبر تيز ترين درياهه ۾ ڪرندڙ ندين، نالن ۽ گهٽن گهيڙن کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. تازي ٻوڏ جي صورتحال ڏسي سوال اڀري ٿو ته سنڌو درياهه آخر سنڌ ۾ ايتريون موتمار ٻوڏيون ڇو ٿو آڻي؟ ان لاءِ سنڌو درياهه جنهن پربت مان جنم وٺي ٿو، اتان کان وٺي سمنڊ تائين سندس وهڪري ۽ جاگرافيائي جوڙجڪ تي نظر وجهڻ ضروري آهي. اسان سنڌو جي ان ساري سفر کي زميني ساخت مطابق مکيه ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون جابلو علائقي ۾ سنڌو جي موج مستي، ٻيو ميدانن ۾ سنڌوءَ جو مزاج، ٽيون ڊيلٽائي حصي ۾ سنڌو ۽ سمنڊ جو جهيڙو.

دنيا جي ٻن اتاهين جبلن هماليا ۽ هندو ڪش جي وچ ۾ اڳي وشال ڍنڍن ۽ رنگ برنگي گليشيئرن سان ڍڪيل هڪ ماٿري هوندي هئي. اڄ کان پنج لک سال اڳ هماليا ۽ هندو ڪش جي پهاڙن ۾ چرپر ٿي، آخر انهن جي ڀڪوڙ ڪري پاڻي سان لبريز، ان جي وادي مان هڪ نئون جبل ڪئلاش اڀري آيو. ڪئلاش پربت جي نروار ٿيڻ سان ان وادي ۾ جيڪي پاڻي جون ڇرون هيون، انهن مختلف ڏسائن ۾ وهڻ شروع ڪيو، جن ۾ اتر پاسي کان شينهن جي وات مان وهندڙ اسان جي ديومالائي سنڌو به آهي. هاڻي به هماليا تي موجود پنج هزار گليشيئرن مان اٽڪل ساڍا ٽي هزار گليشيئر رڳو شينهن درياهه جي اڃ اجهائن ٿا. سنڌوءَ جو جيئن ته شروعاتي سفر جابلو علائقي مان آهي، اتي جبل سندس رستو روڪڻ لاءِ وڏا وس ڪن ٿا، تنهن هوندي به سنڌو مڙسان مڙسي مختلف موڪرين ماٿرين، سنگلاخ پهاڙن جو سينو چيريندو اچي ٿو. سنڌو درياهه انهن پهاڙن ۾ ايترو ته اونهائي ۽ هيٺاهين تي وهي ٿو، جو هيٺ درياهه جي ڪپر تي بيهي يا ٻيڙي ۾ ويهي مٿي ڏسبو ته سوين فٽ اڀا ڪپر، سج کي ڍڪيون بيٺا هوندا آهن. ماڻهو ڄڻ هڪ اونداهين غار مان لنگهي رهيو هجي. ان هنڌ تي درياهه لڇي ڦٿڪي، ٽڪرن سان مٿو ٽڪرائي ٿو. درياهه ڪيترن ئي سوڙهن گاجن ۽ لنگهن مان لنگهي ٿو، جيئن اٽڪ ڀرسان گهرڙا تڙپ وٽ جبل درياهن جي پيءُ اباسين کي سوڙهو ڪيون بيٺا آهن. هت سدائين سنڌو ۽ جبلن جي وچ  ۾ ويڙهه جاري رهي ٿي، سنڌو هتان ڄڻ کاٽ هڻي نڪري ٿو. گهوڙا تڙپ وٽ درياهه ايترو ته تنگ آهي، جو چيو وڃي ٿو درياهه جي مٿان گهوڙو ٽپي ويو هو. تاريخ ۾ آهي ته چنگيز خان تيرهين صدي ڌاري خوارزم شاهه جلال الدين کي ڊوڙائيندو هت پهتو هو ته خوارزم شاهه گهوڙي سميت جهنڊو هٿ ۾ کڻي گجگاهه ڪندڙ درياهه ۾ ٽپو ڏنو هو. چنگيز خان جي لشڪر هن کي پويان تير هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چنگيز خان پنهنجي ماڻهن کي روڪي ڇڏيو. هو خوارزم شاهه جي بهادري کان متاثر ٿي کيس پٺي ۾ تير هڻڻ نه پيو چاهي. انهن جبلن ۾ تمام گهٽ ٻوڏيون اچن ٿيون، تنهن هوندي به 1841ع ڌاري نانگا پربت مان هڪ گليشيئر رڙهندو اچي درياهه جي پيرن ۾ ڪريو هو. ان ڪري هت هڪ وڏي ڍنڍ ٺهي وئي هئي. پوءِ اوچتو گليشيئر ٽٽڻ ڪري پشاور تائين ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. جن ۾ پنج سئو سک سپاهي به لڙهي ويا هئا. مطلب ته ڪئلاش پربت کان وٺي ڪالاباغ تائين جبل سنڌو کي پنهنجي مضبوط ڀاڪر ۾ ڀريون بيٺا آهن، اڳتي درياهه جو وهڪرو ڪالاباغ کان وٺي سمنڊ تائين ميدانن مان گذري ٿو. ميداني علائقي ۾ پير پائڻ سان درياهه حد نگاهه تائين اڇ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ڪالاباغ وٽ سنڌو درياهه سمنڊ جي سطح کان 700 فوٽ مٿي آهي، جڏهن ته ڪالاباغ، سمنڊ کان 950 ميلن جي مفاصلي  تي آهي. اهڙي طرح هڪ ميل جي وهڪري ۾ سنڌو لهوارو وهي ٿو، ان کانسواءِ جيئن ته پهاڙن جي چوٽين کان تيزي سان لهندڙ سنڌو پنهنجي طاقت سان مٿانهين ماٿرين مان مٽي ۽ لٽ ميڙيندو اچي ٿو، تراکڙن پٽن ۾ پهچڻ بعد سندس اها موج مستي مريو وڃي ۽ سندس رفتار به سست ٿيو وڃي. جيئن ڊيري اسماعيل خان وٽ سندس پيٽ 15 ميلن ۾ ڦوڪيل آهي. ان ڪري مٿان ريڙهي آندل وزني لٽ هو وڌيڪ گهلي نٿو سگهي، نتيجي ۾ درياهه جي پيٽ ۾ دڙا ۽ ٻيٽ جڙي، درياهي وهڪري کي روڪن ٿا. درياهه انهن رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ نانگ جيان وٽ سٽ کائي ٿو، پوءِ جتان به کيس ڪمزور ڪنارا ملن ٿا، اتان رستو ٺاهي ٻاهر رخ رکي ٿو. سنڌو جي اها قهري ڪيفيت گهڻو ڪري چوماسيءَ ۾ ٿيندي آهي. جڏهن برساتن ۽ نئين جو پاڻي سندس وجود ۾ شامل ٿي کيس مٺي پاڻي جو سمنڊ بڻائي ڇڏي ٿو. جاگرافيائي ۽ زميني ساخت مطابق سنڌو پنجاب مان گذرڻ مهل گهڻو ڪري اتان جي زميني سطح کان هيٺ گهرائي ۾ وهي ٿو. ان ڪري اتي ٻوڏيون گهٽ اچن ٿيون. جيڪڏهن ڪٿي ڪو گهارو لڳي به ٿو ته درياهه جو پيٽ هيٺ هئڻ ڪري اهو پاڻي ڦري گهري واپس درياهه ۾ موٽي اچي ٿو. جيئن سرحد ۽ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جو مثال اسان جي سامهون آهي، جتي پاڻي واپس وري رهيو آهي. پر سنڌ ۾ زميني ساخت ۽ لابي جو مسئلو ڪجهه پيچيده آهي.

سنڌو درياهه جبل جهاڳيندو، ميدان ماريندو سنڌ ۾ پهچي ٿو ته بدر ابڙو چواڻي ته گڊو بئراج وٽ درياهه سمنڊ جي سطح کان 250 فوٽ مٿي آهي ۽ گڊو بيراج کان وٺي سکر بئراج تائين 80 ميل پنڌ ڪري ٿو. جڏهن ته سکر وٽ درياهه سمنڊ کان 200 فوٽ بلند آهي، ان پنڌ دوران سنڌوءَ جي لاهي فقط 50 فوٽ آهي. ساڳي طرح سيوهڻ وٽ درياهه جي سمنڊ کان اوچائي 11 فوٽ آهي ۽ سکر کان سيوهڻ جو مفاصلو 120 ميل آهي، يعني 120 ميلن جي پنڌ ۾ درياهه کي فقط 89 فوٽ سلوپ ملي ٿو. اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج سمنڊ جي سطح کان 70 فوٽ مٿي آهي ۽ سيوهڻ کان ڪوٽڙي بئراج جو پنڌ 60 ميل آهي، يعني 60 ميلن جي سفر دوران درياهه کي صرف 40 فوٽ لاهي آهي. اسان  اڃا اڳتي ڏسنداسين ته ڪوٽڙي کان وٺي ڳاڙهي جو مفاصلو 100 ميل آهي ۽ ڳاڙهي جي سمنڊ کان اوچائي فقط 11 فوٽ آهي. انهن 100 ميلن ۾ درياهه کي تمام گهٽ 59 فوٽ لاهي ملي ٿي، ان حساب سان گڊو بئراج کان ڳاڙهي تائين 370 ميلن جي مفاصلي ۾ سنڌو جي وهڪري کي رڳو 250 فوٽ سلوپ ملي ٿو، يعني هر ميل تي سنڌو جي پاڻي کي رڳو 8 انچ لاهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هت درياهه جي وهڪرن ۾ ايڏي تيزي نه آهي، اهي سڀ فاصلا سڌا آهن، ان ۾ درياهي ور وڪڙ شامل نه آهن.

ان ساري پنڌ ۾ سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو گهڻو ڪري گهرائي ۾ وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ سنڌو جو ترو، بندن کان ٻاهرين زمين جي سطح جي ڪٿي برابر آهي، نه ڪٿي مٿي، جڏهن درياهه ۾ پاڻي وهي ٿو، ته عام طرح ان وهڪري جي مٿين سطح زمين جي سطح کان گهٽ ۾ گهٽ اٺ فوٽ مٿي آهي، يعني درياهي وهڪرو اسان جي زميني ليول کان ڪافي مٿي وهي ٿو. جڏهن بند نه هئا ته سنڌو جو پاڻي هميشه آس پاس هيٺاهين ڏي وهي ويندو هو. پر بند اچڻ بعد ٻنهي ڪنڌين جي وچ ۾ وهڻ تي مجبور آهي. ساڳي وقت لاهي گهٽ ۽ سست رفتاري ڪري هن جو سارو زور بندن تي آهي. هاڻي اتفاق سان ڪو به بند ڀڄي ٿو ته درياهه کي واپس ورائي، پنهنجي وهڪري ۾ آڻڻ تمام مشڪل آهي. درياهه بادشاهه پنهنجي مرضي سان هيٺاهين واري زمين تي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو وڃي ٿو، جيئن تازو هو ٽوڙي بند کي پنهنجو نشانو بڻائي، پنهنجي مرضي سان ملڪ ڀيليندو وتي ٿو. ڪاوش اخبار جي رپورٽ مطابق 1904ع کان وٺي هن وقت تائين ٽوڙي وٽ 21 گهارا لڳي چڪا آهن، جن مان ڪجهه گهارا مون پاڻ وڃي ڏٺا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو ان هنڌ کي نازڪ سمجهي انگريزن پنهنجي دور ۾ ئي اتي هڪ شاهي ريسٽ هائوس ٺهرايو هو. هن ٻه ماڙ خوبصورت ڳاڙهين سرن جي عمارت ۾ وڏا ۽ اوچا ورانڊا آهن، شاندار فرنيچر سان سينگاريل ڪشادا ڪمرا، بورچي خانو، نوڪرن لاءِ الڳ ڪوارٽر، چوڦير ڪيترن ايڪڙن ۾ ڦهليل باغيچو، بنگلي اندر لائبريري هاڻي جنهن جا خالي ڪٻٽ ڦاٽل پنن سان ڀريل آهن، البته اسان کي انگريزي ادب ۽ يورپ جي تاريخ تي لکيل ڪجهه ڪتاب نظر آيا. 1902ع ۾ ٺهيل هن ٽوڙي بنگلي ۾ هڪ عاليشان انڊور سوئمنگ پول اڄ به جاذب نظر آهي. مطلب ته انگريز حڪمران ان وقت به هن نازڪ بند جي صورتحال کي ذهن ۾ رکي اتان جي عملي کي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون هيون، جيئن هتان جو عملو مڪمل آرام ۽ سڪون سان هن خطرناڪ ماڻهو مار بند جي نگهباني ڪري سگهي. پر افسوس جو نه اسان اهو شاهي بنگلو سنڀالي سگهياسين نه ئي وري بند جي حفاظت ڪري سگهياسين.

آخر ۾ سنڌو جڏهن جبلن ۽ ميدانن جو پنڌ پورو ڪري سمنڊ تائين پهچي ٿو ته اتي سمنڊ وري درياهي پاڻي کي اڳتي اچڻ نه ڏيندو آهي. سمنڊ ۽ درياهه جي ان دنگل دوران درياهه ڪيترن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. پر پوءِ به ان ويڙهه ۾ ڪاميابي درياهه جي ئي ٿيندي آهي، ڇو ته هو هوريان هوريان وڏي ڌيرج سان پنهنجي لَٽَ جمع ڪندو سمنڊ کي پوئتي ڌڪيندو ويندو آهي. اهڙي طرح دنيا جي سمورين لٽائي ندين جيان سنڌو به پنهنجو ڊيلٽا ٺاهيو آهي. هاڻي جڏهن سنڌوءَ جي مٿانهين علائقي ۾ ڪيترائي ڊيم ۽ بئراج ٺاهي کيس بند ڪيو ويو آهي، ان ڪري اسان سنڌو جي بندن کي بيڪار سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. ڪن هنڌن تي زمينداري بند ٻڌي سندس رستا روڪ ڪئي وئي آهي، ساڳي وقت درياهه ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي ۽ لٽ نه اچڻ ڪري سمنڊ کي ملهه ماريندو اڳتي وڌندو اچي ٿو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com