روهڙي ڪئنال کي پيل گهارو: ذميوار ڪير آهي؟

محمد ادريس راجپوت

ڪاوش جي هڪ خبر مطابق، آچر 13 مئي تي شام جو 6.10 وڳي روهڙي ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي 723 آر ڊي تي نيو سعيد آباد کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بکر جمالي موري وٽ کنڊ پئجي ويو. شروع ۾ گهاري جي ويڪر 10 فوٽ هئي، جيڪا وڌي 130 فوٽ ٿي وئي. پاڻيءَ جي تيزيءَ سبب 13 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، هزارين ايڪڙ فصل ٻڏي ويا. بکر جمالي، گرڊ اسٽيشن، ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا سميت درجنين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آهن ۽ پاڻي نيو سعيد آباد شهر ڏانهن رُخ ڪري رهيو هو. گهاري جو پتو پوڻ تي سڄي سعيد آباد تعلقي ۾ خوف ۽ افراتفريءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. تعلقي سعيد آباد جي سوين ڳوٺن جا ڳوٺاڻا خوف واري حالت ۾ پنهنجا گهر، مال متاع ڇڏي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي لڏ پلاڻ ڪري پيادل محفوظ هنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا. نيو سعيد آباد کان بکر جماليءَ واري لنڪ روڊ تي ماڻهو پريشانيءَ جي حالت ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا نظر اچي رهيا هئا. ڳوٺاڻن مطابق، ڇهه لڳي ڏهن منٽن تي بکر جمالي موري وٽ روهڙي ڪئنال ۾ هڪ وڏي ڇپ ڌماڪي سان ڪِري، جنهن ڪري 10 فوٽ گهارو پئجي ويو، تنهن کانپوءِ وڌيڪ ڀڪون ڪرڻ ڪري اهو ڏهن فوٽن مان وڌي 130 فوٽ ٿي ويو. صدر پاڪستان انهيءَ جو نوٽيس وٺي صوبائي وزير سيف الله ڌاريجي کي فون ڪري گهاري جي سببن بابت هڪدم رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ اها به هدايت ڪئي ته گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن. صوبائي سطح تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گهاري جو سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري، ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري، چيف انجنيئر سکر بيراج کي فوري طور گهاري بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي گهاري بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. الله ڪندو هڪ ٻن ڏينهن ۾ کنڊ بند ٿي ويندو. باقي ٿيندو ڇا؟ بس اهوئي ته، انهيءَ وچ ۾ ڪجهه آفيسر معطل ٿيندا ۽ ڪنهن چيف انجنيئر جي سربراهيءَ ۾ هڪ جاچ ڪاميٽي ٺاهي ويندي، جنهن کي هي مول متا ڏنا ويندا: (1) کنڊ پوڻ جا سبب معلوم ڪرڻ (2) اهو معلوم ڪرڻ ته ڇا کنڊ روڪڻ جا مناسب اپاءَ ورتا ويا؟ (3) عوامي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ (4) کنڊ بند ڪرڻ جو وقت ۽ ڪوتاهيون معلوم ڪرڻ (5) کنڊ پوڻ جي ذميواري مقرر ڪرڻ.

وري ائين ٿيندو جو جاچ رپورٽ اهڙي ڏني ويندي، جنهن ۾ ڪنهن آفيسر تي جوابداري نه اچي يا اچي ته ايتري ٿوري اچي، جو هو شوڪاز ۾ جواب ڏئي ڇٽي وڃي. سڀئي معطل ٿيل آفيسر وري بحال (Reinstate) ٿي ويندا ۽ روهڙي ڪينال ائين ئي وهندو رهندو ۽ وري کنڊ پوڻ لاءِ تيار رهندو.

هتي آئون روهڙي ڪئنال ۾ پيل ڪجهه کنڊن جو ذڪر ڪندس. سال 2007ع ۾ کيسانا موريءَ وٽ کنڊ پيو، انهيءَ وقت پاڻيءَ جي سخت کوٽ هئي. هڪڙي پاسي کوٽ وڌي، ٻئي پاسي پاڻي جو زيان ٿيو، انهيءَ ڪري فصلن کي نقصان ٿيو ۽ آبپاشي کاتي جي ساک متاثر ٿي. ساڳئي سال 25 سيپٽمبر تي ڪنب ڏاڙهون وٽ کنڊ پيو، ان گهاري جي ڪري 40 ڳوٺن جا ماڻهو دربدر ٿيا، اٽڪل 400 ڪچا گهر پٽ پئجي ويا. ٽنڊو آدم- ڀٽ شاهه روڊ تي گهاري جي پاڻيءَ سبب ٽريفڪ بند رهي، هزارن ايڪڙن ۾ بيٺل ڪيلي، ڪمند، وونئڻن ۽ سارين جو فصل ٻڏي ويو. سال 1990ع ۾ جڏهن ڄام صادق علي چيف منسٽر سنڌ هو ته آر ڊي 839 تي کنڊ پيو. کنڊ جو پاڻي سُئي ڪندر شاخ کي ٽوڙي ٽنڊي آدم شهر ۾ گهڙي پيو ۽ هنگامي حالتون ٻه مهينا هليون. سال 2008ع ۾ سعيد آباد سامهون آر ڊي 752 تي گهارو پيو. اهو ڇنڇر 5 جولاءِ تي صبح جو وقت هو. گهاري جي ڪري 50 کن ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، فصل ٻڏا ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو.

گهارا ڇو ٿا پون؟

گهارا پوڻ جا ٽي مکيه سبب آهن، 1. واهن جي بندن جي حالت ٺيڪ نه هجڻ 2. مناسب سار سنڀال ۽ چوڪسي (Patrolling) جو نه هجڻ 3. امن امان جي صورتحال جو خراب هجڻ. اچو ته انهن ٽنهي سببن تي ڪجهه وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪريون.

1. واهن جي بندن جي حالت جو ٺيڪ نه هجڻ:

واهن ۽ بندن جي حالت ٺيڪ هجڻ کپي، انسپيڪشن ۽ نان انسپيڪشن رستن جي ويڪر پوري هجڻ کپي. برم هجڻ کپي، فري بورڊ پورو هجڻ کپي، پاڻي جي سيمي کي روڪڻ لاءِ مٽيءُ جو ڪَور هجڻ کپي. چوپائي مال جي لنگهڻ ڪري گهٽ گهيڙ ٿي پون ٿا، اهي ڪمزور جايون آهن، جتان پاڻي نڪري سگهي ٿو، اتي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

(2) مناسب سار سنڀال ۽ چوڪسيءَ جو نه هجڻ:

اسان ڏينهن جو ڪم ڪريون ٿا ۽ رات جو آرام ڪريون ٿا.  پر واهه ڏينهن رات هلن ٿا ۽ اسان وانگر رات جو بيهي نٿا وڃن. آبڪلاڻي جي مند ۾ واهن ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻو پوي ٿو ته جيئن سڀني کي جام پاڻي ملي سگهي. وڌيڪ پاڻي هلائڻ ڪري واهن جي سطح وڌي ٿي، پاڻي واهه جي اڻ سيڪيل هنڌن تي لڳي ٿو. سڄا واهه مٽيءَ جا ٺهيل آهن، اتي واهه مان روڻيون پون ٿيون. جيڪڏهن انهن روڻين جي وقتائتي خبر رکجي ته اهي سولائيءَ سان بند ٿي سگهن ٿيون. وقتائتي خبر رکڻ لاءِ ڏينهن رات پهرو کپي. جيڪڏهن نگران عملو ڏينهن رات صحيح ڊيوٽي ڏئي ته وقتائتي خبر پوڻ ڪري هر ڪا ڳالهه ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي، جو انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته: An stitch in time, saves nine يعني ”وقتائتو هڪ ٽانڪو نوَن ٽانڪن کان بچائي ٿو“. کنڊ گهڻو ڪري رات جي پوئين پهر ۾ پون ٿا ۽ اهوئي وقت آهي، جڏهن ماڻهن تي ننڊ جو گهڻي کان گهڻو غلبو ٿئي ٿو.

(3) امن امان جي صورتحال خراب هجڻ:

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، سج لٿي کانپوءِ ماڻهن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ڏکيو آهي. اغوا جا واقعا گهڻا ٿين ٿا. انهن حالتن ۾ آبپاشي وارو عملو ڪيئن ڊيوٽي ڏئي؟ خاص طرح رات جو. جڏهن عملو پهرو ئي نه ڏئي سگهي ته واهه صحيح ڪيئن هلندا ۽ کنڊن تي ڪيئن ڪنٽرول ٿي سگهندو؟ ائين برابر آهي ته واهن کي ٺيڪ رکڻ ۽ صحيح هلائڻ جي جوابداري آبپاشي کاتي جي آهي، پر جيستائين حالتون نارمل نه ٿينديون، اهڙي صورتحال ۾ رڳو انهن کي ڏوهاري چوڻ صحيح ناهي. وري ائين به ناهي ته رڳو امن امان جي صورتحال ڪري کنڊ پوَن ٿا ۽ آبپاشي وارن جي ڪا ڪوتاهي ناهي. تازو پيل کنڊ ڏينهن ڏٺي جو پيو، واسطيدار ماڻهو اتي ڇو نه هئا، جو صورتحال ڪنٽرول نه ٿي سگهي؟

کنڊن کان بچڻ لاءِ آبپاشي وارن کي ڇا ڪرڻ کپي؟

آبڪلاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ واهن جي ڪمزور جاين کي مضبوط ڪجي، يعني جتي برم نه هجي، اتي جڪ هڻڻ کپن. جتي گهٽ گهيڙ هجن، انهن کي بند ڪرڻ کپي. جتي مٽي کُٽل هجي، اها پوري ڪجي. ريگيوليٽرن جي مٿين ڀر پاڻيءَ جي سطح هٿرادو چاڙهي بندن جي سيڪائي ۽ چڪاس ڪجي. ڊي اوز کي ڏسجي ۽ جتي خرابي هجي، اتي انهن کي ٺيڪ ڪجي. خطري واري هنڌن کي مضبوط ڪجي، پاڻيءَ جي چاڙهه ۽ لاٿ ۾ تڪڙ نه ڪجي. تڪڙي چاڙهه جي ڪري روڻ پئجي سگهي ۽ ڀڪ به ڪري سگهي ٿي. آر ڊي 723 تي به ٻڌايو ويو آهي ته ڀِڪ ڪري، معنيٰ پاڻي تڪڙو چاڙهيو ويو. ريگيوليٽر تان نڪرندڙ ننڍي واهه ۾ جيڪڏهن کنڊ پئجي وڃي ته انهيءَ کي منهن کان تڪڙو بند نه ڪجي، نه ته مين ڪينال ۾ اوچتي سطح وڌڻ ڪري کنڊ پئجي ويندو. آبڪلاڻي مند ۾ گشت ڪندڙ عملي لاءِ مناسب مفاصلي تي لانڍيون ٺاهڻ کپن ته جيئن آبڪلاڻي ۾ اتي رهي سگهن. هر لانڍيءَ تي مناسب آبڪلاڻي وارو سامان يعني پڃر، ٽوئا، پترون، واريءَ سان ڀريل ڳوڻيون، ڀاڻ رکڻ کپي ته جيئن اوچتي پوندڙ روڻ کي بند ڪري سگهجي. انهيءَ سان گڏ گاسليٽ سان ڀريل بتي، پاڻيءَ لاءِ دلو ۽ کٽ به رکڻ کپي. گشت لاءِ آبڪلاڻي بيلدار رکيا وڃن ۽ انهن جي جاچ لاءِ سپروائيزنگ وارو عملو هجڻ کپي. اهو عملو ڊيوٽي چارٽ ٺاهي بيلدارن جي ڏينهن رات چڪاس ڪري. ريگيوليٽرن تي ڪم ڪندڙ ٽنڊيل رات جو ڪن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ يا پئسا وٺي واهن جا در وڌائي ڇڏيندا آهن، انهن جي رات جو جاچ ٿيڻ کپي. ايس ڊي او ۽ انجنيئر پنهنجن هيڊ ڪوارٽرن تي نٿا رهن، جنهن ڪري هيٺيون عملو به گم ٿي وڃي ٿو ۽ واهن جي صحيح نظرداري نٿي ٿئي. آفيسرن کي کپي ته آبڪلاڻي ۾ پنهنجن هيڊ ڪوارٽرن تي رهن. انجنيئرن کي واهن جي گيجن تي نظر رکڻ کپي ته ڪٿي مِس ريگيوليشن ته نٿي ٿئي، ڇو ته مِس ريگيوليشن معنيٰ واهن ۾ اوچتو لاهه يا چاڙهه، جنهن ڪري کنڊ پئجي سگهي ٿو.

کنڊن بابت عام تاثر:

عام تاثر اهو آهي ته آبپاشي وارا پئسا ڪمائڻ لاءِ هٿرادو کنڊ وجهرائين ٿا. وري کنڊ پوڻ کانپوءِ آبپاشي وارا چوندا آهن ته اهو دهشتگرديءَ جو نتيجو آهي. منهنجي خيال ۾ اهي ٻئي تاثر غلط آهن. واهه ۾ کنڊ پوڻ آبپاشي وارن لاءِ هڪ وڏي مصيبت آهي. هڪڙي آفيسرن جي ڪاوڙ، ٻيون عوام جون پٽون ۽ پاراتا، ٽئين کنڊ بند ڪرائڻ ۾ خواري ۽ خرابي، چوٿين انڪوائرين کي منهن ڏيڻ وغيره. آبپاشي جو ناليوارو اڳوڻو سيڪريٽري مرحوم عبدالوهاب شيخ چوندو هو ته، اريگيشن جي نوڪري زبردست آهي، پر جيڪڏهن واهن ۾ کنڊ نه پون ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ وري اهو چوڻ ته کنڊ دهشتگرديءَ جي ڪري پيو، اهو به غلط هوندو آهي. اهو آبپاشي وارا پنهنجي بچاءَ ۾ انڪوائري کان بچڻ لاءِ ۽ ماڻهن جي ڪاوڙ گهٽ ڪرائڻ لاءِ چوندا آهن. روهڙي ڪينال واري هِن تازي کنڊ کي ئي وٺو. کنڊ ڏينهن ڏٺي جو واهه جون ڀِڪون ڪرڻ سبب پيو، انهيءَ ۾ ڪهڙي تخريب ڪاري يا دهشتگردي؟

ان کنڊ جي نتيجي ۾ ڪجهه آفيسر معطل ٿيندا، انڪوائري ڪميٽي ويهندي، جيڪا ڪن ماڻهن کي جوابدار قرار ڏيندي، يا ڇڏي ڏيندي، کنڊ پوڻ جا سبب ٻڌايا ويندا ۽ اها رپورٽ آفيس ۾ فائيل ٿي ويندي. انهيءَ جي سفارشن تي ڪجهه عمل ته ڪيو ويندو ۽ اڳتي به کنڊ پوندا رهندا. مان مٿي روهڙي ڪئنال ۾ پيل چئن کنڊن جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جن تي انڪوائري ٿيل آهي، پر اهي انڪوائري رپورٽون ڏسو ته ڇا انهن جي سفارشن تي عمل ٿيو آهي؟ جيستائين اسان پراڻن ناڪام تجربن مان سبق نه پرائينداسين ته کنڊ پوندا رهندا. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن: Wise man commit mistakes, fools repeat them. ان چوڻيءَ جو تت اِهو آهي ته اسان سياڻا ماڻهو ٿيڻ نٿا چاهيون.

idrisrajput@hotmail.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com