سياست جي بي رحم بازار

ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي

ڪڏهن به ڪنهن نه سوچيو هوندو ته ”هٽلر“ جا پوئلڳ ”يهودين“ سان دوستانه تعلقات رکندا، ڪميونسٽ ”جمهوريت پسند“ ٿيندا ۽ مذهبي پارٽيون ”سيڪيولرازم“ کي ڀاڪر پائينديون؟، پر ”وقت“ هر شيءِ، هر لقاءَ ۽ هر بنياد ۾ ”تبديلي“ آڻي ٿو ڇڏي. ائين ئي مصر جي ”اخوان المسلمين“ (Muslim-brother hood) سان ٿيو آهي. هتي صرف مضمون کي ”اخوان المسلمين“ تائين محدود رکنداسون ۽ پوءِ پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن ته ”سياست جي بي رحم بازار ۾ واپاري ڪيئن نه پلترا هڪ سئو اسي ڊگري سان ٿا تبديل ڪن ٿا، ۽ پوءِ ان کي ”لچڪ“ (Flexibility) جو نالو ڏيئي تن کي تسڪين ڏجي ٿي. پر ڇا ڪجي ”سياست“ ان جو ئي نالو آهي. ”اخوان المسلمين“ اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته مصر ۽ اسرائيل جون گڏيل صنعتون، جيئن جو تئين قائم رهنديون، هو ٽي بلين ڊالرز آءِ ايم ايف کان وٺڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، (جنهن کي هو ”وياج، تي هلندڙ سرمائيدارن جي شيطاني مشين چوندا هئا) ۽ بيچ (Beach)  تي چڍا پائي هلندڙ عورتن خلاف ڪو به قدم نه کڻندا. وغيره وغيره...هاڻ اچو ته ”اخوان المسلمين“ جي ڊگهي تاريخ تي نظر وجهون، جنهن هاڻ آدرشي اصولن بدران ”زميني حقيقتن“ کي سمجهڻ ۾ چوراسي سال لڳايا ۽ لکين ڪارڪنن جي جدوجهد کان پوءِ هنن سمجهيو ته ”آفاقي خيالن ۽ زميني حقيقتن“ ۾ ڪيڏو نه وڏو فرق هوندو آهي. اسان هتي ڇو اچي مصر جي هن تنظيم جو ذڪر ڪيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هي دنيا جي ڊگهي تاريخ رکندڙ مضبوط تنظيم آهي، جنهن کي ڪو به آمر ۽ سپر پاور نه جهڪائي سگهيو، پر ”زميني حقيقتن“ جي ڪري هن انهن ڳالهين کي مڃيو آهي، جيڪي بظاهر هنن جي اصولن جي خلاف آهن، پر ”If there is will, there is way“ وانگر هنن ائين ڪيو ۽ پارٽي جي لکين ڪارڪنن ان اڳيان ”سر جهڪايو.“ پارٽي پاليسي تبديل ڪري سگهي ٿي، حڪمت عملي مٽائي سگهي ٿي ۽ نئين حالتن مطابق اصولي طريقي ڪار به موڙي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ ”ڪاميابي به ماڻي“ سگهي ٿي، جيڪڏهن اوهان وٽ هڪ ”منظم تنظيم“ هجي...اچو ته هن دنيا جي منظم تنظيم تي سرسري روشني وجهون.

حسن ال-بنا:

هڪ اسڪول جي استاد صرف ڇهن ساٿين سان گڏجي مارچ 1928ع تي ”اخوان المسلمين“ جو بنياد وڌو. شروعات ۾ هنن ”خيراتي ادارو ۽ تعليمي ادارو“ کولي ڪم شروع ڪيو. هنن جو خيال هو ته دنيا جي مسئلن جو حل ”مذهبي نظام“ لاڳو ڪرڻ سان آهي. ٻي عالمگير جنگ ۾ برطانيه ۽ آمريڪي دٻاءَ ۾ اچي مصر جي وزير اعظم محمد فهمي نوڪراشي، ”اخوان المسلمين“ تنظيم تي الزام هنيو ته هنن جا ”نازي جرمني“ سان تعلقات آهن. ان ڪري هن جي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن جي بدلي عيوض عبدالمجرد احمد، مصر جي وزير اعظم کي 28 ڊسمبر 1948ع تي گولي هڻي ماري ڇڏيو ۽ حڪومت جي حامين وري ”اخوان المسلمين“ جي روح روان ”حسن ال-بنا“ کي قاهره جي هڪ گهٽي ۾ هلندي قتل ڪري ڇڏيو. ائين هڪ دفعو ”مصر ۾ خانه جنگي“ شروع ٿي ويئي.

حسن اسماعيل ال حديبيه:

موٽ ۾ هن گروپ نائٽ ڪلبن، ۽ انهن هوٽلن تي حملا ڪيا، جن جا مالڪ برٽش هئا. پر جڏهن ”جمال ناصر“ اقتدار ۾آيو ته هنن ان جي حمايت ڪئي ۽ بادشاهت کي ننديو، پر 1954ع ۾ هنن ٻيهر جمال عبدالناصر تي حملي جي ڪوشش ڪئي، پوءِ هنن لاءِ جمال ناصر ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. هنن جو اڳواڻ ”سيد قطب“ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هزارين ٻين ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو. هاڻ ”سيد قطب“ هنن جو ليڊر هو. هن کي ٻيهر 1965ع ۾ گرفتار ڪيو ۽ ڇهن ٻين ميمبرن سميت ڦاسي تي چاڙهيو ويو.

ال جهاد تنظيم:

هنن جو فڪري رهنما ”سيد قطب“ ۽ ”مولانا مودودي“ رهيا هنن جو روح روان نابين عبدالرحمٰن شيخ هو ۽ جڏهن 1979ع ۾ انور سادات ”اسرائيل سان امن جو معاهدو“ ڪيو ته هنن انور سادات کي ماري ڇڏيو. ايمن زواهري پوءِ هن گروپ کي اسامه بن لادن سان گڏائي القاعده“ گروپ ٺاهيو.

مصطفيٰ مشهوري:

”اخوان المسلمين“ هن جي دور ۾ ”جمهوريت“ جو نعرو لڳايو ۽ ويڙهه لاءِ ٺهيل جٿا ٺهندا هئا، انهن کي بند ڪيو ويو، ۽ مڪمل جدوجهد کي ”پرامن تحريڪ“ سان ڳنڍيو ۽ خيراتي ۽ تعليمي سرگرمين سان گڏ هنن ”جمهوريت جي بحالي“ لاءِ سمورا رستا اختيار ڪيا. جيئن هو ”اقتدار اعليٰ“ کي حاصل ڪري سگهن. جيتوڻيڪ ”ڊڪٽيٽر حسني مبارڪ“ هوندي هنن اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪافي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪيون. هنن طئي ڪيو ته هو جڏهن به اقتدار ۾ آيا ته ”غير مسلمانن“ کان ”جذيه“ وصول ڪندا پر جڏهن کان مصر جو حسني مبارڪ ويو، تڏهن کان هنن نئين پارٽي ”فريڊم اينڊ جسٽس پارٽي“ ٺاهي ۽ ان جو اڳواڻ محمد بديع کي مقرر ڪيو، جنهن هاڻ ”عارضي حڪمران“ جي هيٺ اليڪشن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هنن کي اڪثريت حاصل ٿي ويئي آهي. اها حڪومت نئون آئين ٺاهيندي. هاڻي هنن آءِ ايم ايف، سان معاهدا جاري رکڻ، اسرائيل سان ٺهيل جوائنٽ وينچر کي تحفظ ڏيڻ، سيڪيولرازم کي جاري رکڻ ۽ جذيه تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

خليل جبران جي ڪهاڻي:

خليل جبران جي مشهور ڪهاڻي ”حوسِ اقتدار“ ۾ هو لکي ٿو ته، هن هڪ اهڙو ديو ڏٺو، جنهن جو مٿو ”انسان“ جو هو، پر ان جو ڌڙ ”لوهه“ جو ٺهيل هو. هو سڄو ڏينهن بک اجهائڻ لاءِ زمين جي مٽي پيو کائيندو هو ۽ ”اڃ“ اجهائڻ لاءِ سمنڊ مان پيو پاڻي پئيندو هو...ڪافي دير ڏسڻ کان پوءِ مون ان ديو کان پڇيو ته، ڇا اهو تنهنجي لاءِ ڪافي نه آهي، ڇا تنهنجي ”اڃ“ ۽ ”بک“ ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي؟ هن جواب ڏنو، ”مان مطمئن به آهيان ۽ ڪونه به آهيان، ڇو ته مون کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن مون لاءِ کائڻ لاءِ مٽي ختم ٿي ويئي ۽ سمنڊ جو پاڻي ختم ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ حوسِ اقتدار ”۾ ائين ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ ڇو لکين ڪارڪنن کي ائين قرباني جو ٻڪر ڇو بنايو ويو؟ ان ڪري ضروري آهي ته سياست ۾ اهڙا ماپا مقرر ڪجن، جو انهن تي قائم رهي سگهجي...اخوان المسلمين ته هڪ مثال آهي، جيڪو سڀني سياست ڪندڙن لاءِ هڪ موجوده دور جو وڏو سبق آهي.

Mun_bdn@yahoo.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com