|
رٽائرڊ ڪامورن هٿان يرغمال ٿيل يونيورسٽيون! دستگير ڀٽي
پاڻ سنڌي ماڻهن جي نِج پنهنجي چونڊيل حڪومت جنهن نموني سمورن سرڪاري ادارن ۽ درسگاهن منجهان مئرٽ کي زوري اڏائي، سفارشي ڀرتين وارو انصافين ۽ بدعنوانين سان ٽمٽار ”مئرٽ لتاڙ ڪلچر“ ٿاڦي، حقدارن جا حق ماري ذهانت ۽ قابليت جي رستا روڪ ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، سو ته تاريخ ۾ ڪاريءَ مس سان لکيو ويندو. پ پ وارن حڪمرانن جو شايد اهو خيال آهي ته نذير مغل صاحب جي واپسيءَ تي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن ادارن جا استاد، شاگرد ۽ ملازم هزارن جي تعداد ۾ گڏجي جهمريون پائيندا ۽ سرڪار جي هن ”تاريخي“ فيصلي تي وڏو شاندار جشن ملهائيندا. سچ پڇو ته مون کي ته هن فيصلي خلاف هڪ زبردست احتجاج اڀرندي نظر اچي پيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سرڪار جي وزيرن ڪبيرن کي ڪجهه به نظر نٿو اچي، يا ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته مادرِ علمي کي جوکم ۾ وجهندڙ هِن سفارشي وائيس چانسلر هٿان بابر اعواڻ جهڙي ڪنهن ڪردار کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏياري وڃي. رٽائرڊ ماڻهوءَ کي ٻيهر وائيس چانسلر ٺاهڻ جو فائدو تازو ڊاڪٽر رحمان ملڪ به ته ورتو آهي، سو به گاڏيون چورائڻ واري ڪيس ۾ عدالت وٽان سزا يافته ٿيڻ ۽ صدر صاحب کان رحم جي اپيل وسيلي سزا ختم ڪرائڻ کانپوءِ. اڄڪلهه ته بابر اعواڻ صاحب عمرو ادا ڪرڻ واسطي ڀلي پار ويل آهي. تازو سپريم ڪورٽ سندس بار لائسنس کي سسپينڊ ڪري حڪم ڏنو آهي ته پنهنجون تعليمي سَنَدون جانچ لاءِ عدالت حوالي ڪري. اها ڳالهه ته اڳ ۾ ئي عالمِ آشڪار آهي ته هو پاڻ کي جنهن آمريڪن يونيورسٽيءَ مان قانون ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل ڄاڻائي ٿو، ان نالي سان آمريڪا سڄي ۾ ڪنهن يونيورسٽيءَ جو وجود ئي ڪونهي. رڳو بابر اعواڻ ئي ڇو؟ پنهنجي پارليامينٽ سڳوريءَ ۾ ويٺل گهڻا ئي چونڊيل ميمبر جعلي ڊگرين جي سهاري انهيءَ منزل تي پهتا آهن. تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته اڄ جڏهن سنڌ پرڳڻي جي 12 منجهان 11 مادر علمين مٿان 66 کان وٺي 88 سالن واري عمر جا هلڻ کان هلاڪ سربراهه ٿاڦيل آهن ته اها سڄي راند ڪنهن نه ڪنهن مقصد سان ئي رچائي ويئي هوندي. تازو نارٿ آمريڪا جي سنڌين پاران ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ سڏايل ڪانفرنس دوران ته اهي به راز فاش ٿيا ته وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ خاطر مٿين ايوانن تائين ڪروڙين رسايا وڃن ٿا. آخر اهي ڪروڙ به ته يونيورسٽين جي فنڊ مان ئي وصول ڪيا ويندا. ڏوڪڙن کان سواءِ هِن قسم جا ”جي حضوري“ ڪندڙ ماڻهو وزيرن توڙي گورنرن کي ٻين ڪمن کان علاوه ڊاڪٽريٽ جهڙا اعزازي مقصد ماڻڻ ۾ به مدد فراهم ڪندا آهن. هيءُ ڪو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مرتبي ۽ شان مان وارا ماڻهو ته آهن ئي ڪو نه، جنهن وڏي دليريءَ سان جنرل ايوب خان جي سفارش تي افغانستان جي تڏهوڪي بادشاهه ظاهر شاهه کي اعزازي ڊگري ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته ”سواءِ قابليت رکندڙ حقدار تعليمي ماهرن جي مان ڪنهن به بادشاهه يا شهنشاهه کي تو جهڙي فوجي ڊڪٽيٽر جي دٻاءَ هيٺ اعزازي ڊگري هرگز نه ڏيندس.“ بار بار چوندو آهيان ته هيءَ جيڪا اڄوڪي حڪمران پيپلز پارٽي آهي، تنهن ڪجهه سالن کان وٺي اعليٰ اصولن، آدرشن ۽ تدبر کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي. جڏهن کان جنرل مشرف جو دور ختم ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ مصلحت کان ڪم وٺندي ٻيا ڪيترائي ڪم ڪرڻ سان گڏ جنرل مشرف کي بينظير ڀٽو جي شهادت واري مقدمي ۾ گرفتار ڪرڻ بدران گارڊ آف آنر ڏيئي وڏي عزت ۽ احترام سان ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ Safe passage ڏنو ويو. مشرف جي ڏوهن ۾ شريڪ سندس ساٿاري جن ڏهه سال عيش ڪيا، کيس ورديءَ ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا چونڊرائڻ جي هام هنئي ۽ جن ڌرين چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڪراچي ايئرپورٽ اندر سوڙهو ڪري 12 مئي تي معصوم سياسي ڪارڪنن جو قتلام ڪيو، جن سنڌ جي نقشي کي ڦيرائي ڪراچي ۽ حيدرآباد مٿان پنهنجو دائمي قبضو ڄمائڻ جون سازشون سٽيون، انهن عوام دشمن ۽ جمهوريت جي ويرين کي پ پ پ ڀاڪرن ۾ ڀري پنهنجي اقتدار ۾ چڱو خاشو شيئر ڏنو آهي. ان جي ئي مهربانيءَ سان اين آر او ۾ گهربل ساڍا ست هزار ڏوهاري آزاد گهمندا وتن. جڏهن اهڙي صورتحال هوندي ته پوءِ هن پارٽيءَ جا پير مظهر جهڙا وزير باتدبير نذير مغل جهڙن ماڻهن کي هفتي اندر واپس گهرائي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڇو نه ڪندا، پوءِ ڀلي ته استاد، شاگرد ۽ ملازم هڙتالن تي هليا وڃن. هڪ ڀيرو وري سنڌ يونيورسٽي کي تالا لڳي وڃن، نوجوانن جو هڪڙو وڌيڪ سال برباد ٿي وڃي. انهيءَ کي پاڻ چوندا آهيون، ”جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ.“ وزيرِ تعليم پير مظهر صاحب جو ذڪر نڪتو آهي ته ستن مهينن کان سيني ۾ سانڍيل انهيءَ سچائيءَ کي به اڄ پڙهندڙن آڏو ظاهر ڪري ڇڏيان ته پير صاحب جو اسان سينئر صحافين سان ڪهڙو ورتاءُ رهيو آهي، جنهن کي اسين برداشت ڪندا رهندا آهيون. گذريل سال جون مهيني ۾ جڏهن وزير تعليم جي دانهن تي صدر آصف علي زرداريءَ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي نياڻي ناهيد شاهه کي سيڪريٽري تعليم جي عهدي تان هڪدم هٽائي ۽ پير صاحب کي سندس من پسند سيڪريٽري صديق ميمڻ مقرر ڪري ڏئي ته بيوس ۽ لاچار وڏي وزير اک ڇنڀ ۾ حڪم جي بجا آوري ڪئي. پنهنجي ڌيءَ کي هڪدم Jobless ڪري ڇڏيو، جيڪا اڃا تائين گهر ويٺي آهي. انهيءَ فيصلي جو پسمنظر اختيار کوکر ڪاوش ۾ پنهنجي رپورٽ ذريعي ڄاڻايو، جنهن تي مون آرٽيڪل لکيو. مون محترمه ناهيد شاهه سان ٿيل ناانصافيءَ تي احتجاج ڪندي سندس انهيءَ راءِ جي حمايت ڪئي ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ 23 نوان ڪاليج ٺهرائڻ تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ بدران وڏيرن جي اوطاق، گودام يا ٿاڻا بڻيل پنج هزارن اسڪولن کي کولائي سنڌي عوام کي پرائمري بنيادي تعليم ڏيارڻ وڌيڪ ضروري ۽ وقتائتو عمل ٿيندو. نوَن ڪاليجن تي خرچ ٿيندڙ اربين روپين جي بجيٽ ۾ انجنيئر ۽ ٺيڪيدار گهوٻيون هڻندا ۽ اڄڪلهه جهڙي ريت ناقص اڏاوت جو رواج آهي، هي نيون عمارتون به گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهنديون. عوامي خزاني کي وڏو نقصان رسندو، منهنجي اها راءِ پير مظهر صاحب کي نه وڻي، هن اڌ ڪلاڪ کن فون ذريعي مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو. سندس وڏي ۾ وڏو دليل اهو ئي هو ته ميڊيا ۾ استاد پارٽ ٽائيم جاب ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ اندر تعليم تباهه ٿي رهي آهي. مون پير صاحب کي چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ فقط ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ۾ اوهان جي اتحادي ڌر جا ويهه پنجويهه هزار آفيسر ۽ ڪلارڪ اهڙا آهن، جن پنهنجي دفتر جو ڪڏهن منهن به ڏٺو ناهي ۽ گهر ويٺي پگهار پيا کڻن. پ پ حيدرآباد جي ڪيترن عهديدارن جا ڀائر ۽ عزيز سوئي گئس مان ڳريون پگهارون کڻن ٿا ۽ آفيسن ۾ اچن ئي ڪو نه. پنج هزار اسڪولن ۾ سالن کان مينهن جا واڙا ۽ گودام بڻيل پيا آهن، هر اسڪول واسطي مقرر ٿيل پنج ست گوسڙو ماستر جيڪڏهن ٽوٽل ڪندئو ته هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ماستر ثابت ٿيندا، جيڪي اوهان جي مهربانين سان گهر ويٺي اڌو اڌ پگهارون کڻن ٿا. جيڪڏهن محترمه ناهيد شاهه انهن اسڪولن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ سنڌ اندر پرائمري تعليم پکيڙڻ واسطي جدوجهد ڪري ته اوهين رنڊڪ وجهو ٿا ته هروڀرو غير ملڪي قرضن مان مليل اربين روپيا نيون عمارتون اڏڻ تي خرچ ڪيا وڃن ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل اهي قرض موٽائڻ ۾ ئي پورا ٿي وڃن. بهرحال پڇاڙيءَ ۾ فون تي پير صاحب اهو به ٻڌايو ته جلد ئي پاڻ اهڙن صحافين جي لسٽ ظاهر ڪندو، جيڪي صحافت سان گڏوگڏ سرڪاري ملازمت پڻ ڪن ٿا. مون کيس ورندي ڏني ته اڄڪلهه جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ ۾ لکين ماڻهو پارٽ ٽائيم جاب ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن، اوهان جي حڪومت ۾ ته ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني به کسجي چڪي آهي. ٿورو ويچار ڪريو ته ٽيون ڏينهن مدئجي مان جوان جماڻ ڇوڪريءَ جو 24 ڪلاڪن تائين واٽ تي پيل لاوارث لاش ۽ پاسي ۾ ويٺل سندس معصوم ٻارڙو انهيءَ سنڌ ۾ رهندڙ هئا، جنهن وٽ همدردي، مهمان نوازي، سخاوت ۽ ڏکويلن جا ڏک ونڊڻ جون صديون پراڻيون روايتون هيون؟ اڄ ئي لاڙڪاڻي مان قتل ٿيل نينگر جي فقط مُنڍي ملي آهي، سندس ڌڙ غائب آهي. ڇا هيءَ اها ساڳي سنڌ آهي، جيڪا اسان کي پنهنجن وڏڙن کان ورثي منجهه ملي هئي؟ ههڙي سُڃي سنگدل ۽ بي رحم سنڌ اسان ڪڏهن به ناهي ڏٺي. هيءُ خطرناڪ بي حسي ۽ وحشتناڪ خود غرضي ۽ پئسو ميڙڻ جي ڊوڙ اسان جي سماج کي ڪهڙي اونهي کاهيءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي؟ ڇا اسان ماڻهن کي بهتر گورننس جو حق ناهي؟ ڇا ميرٽ جي لتاڙ، پوليس جي ظلمن، سرڪاري خزاني ۾ لڳندڙ ڌاڙن کي اڃا به نه روڪيو ويندو؟ حڪومت کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته ٻوڏ ۾ دربدر ٿيل بي گهر ماڻهن جا اجها ٺهرائڻ لاءِ رکيل 800 ڪروڙ (8-ارب رپيا) پنج پنج ڪروڙ ايم پي ايز ۽ ڏهه ڏهه ڪروڙ ايم اين ايز ۾ ورهائي عوامي خزاني جي کلم کلا ڀينگ ڪري؟ dastgirbhatti@gmail.com |
|
The Kawish Group of
Publication |