|
ڪالاباغ ڊيم جي حامي لابي وري سرگرم ٿي وئي محمد ادريس راجپوت
تربيلا ۽ ڪالاباغ وانگر ڀاشا ڊيم ٺاهڻ واري جاءِ هڪ قدرتي جاءِ ناهي، اِها جاءِ 1967ع ۾ عالمي بئنڪ پن بجلي لاءِ رٿي هئي، پر واپڊا وارن ان جي پهرين فزيبلٽي رپورٽ 1984ع ۾ پاڻي گڏ ڪرائڻ لاءِ ٺهرائي، ان ڊيم جي عمق 922 فوٽ آهي ۽ ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 6.7 ملين ايڪڙ فوٽ آهي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4500 ميگا واٽ آهي. هي رولڊ سمينٽ ڪانڪريٽ جو ٺاهيو پيو وڃي، دنيا ۾ ڪو به ڊيم انهيءَ اوچائي جو Rolled cement concrete جو ٺهيل ڪونهي. ڀاشا ڊيم هڪ سياسي يا ڪوڙو ڊيم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٺڳيءَ جي ڳالهه جي نتيجي ۾ پرويز مشرف 17 جنوري 2006ع تي ڪالاباغ بدران ڀاشا ڊيم جي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، انهيءَ جي سلامتي انهيءَ ڪري خطري واري آهي، جو اِن جي اوچائي 922 فوٽ آهي، جيڪا تمام گهڻي آهي، دنيا ۾ اوچي ۾ اوچو ان قسم جو ڊيم چين ۾ ٺهيل آهي، جيڪو 620 فوٽ اوچو آهي. رولڊ سمينٽ ڪانڪريٽ عام طرح Vibrated concrete جي ڀيٽ ۾ نرم ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڏار پئجي سگهن ٿا ۽ پاڻي سيمو ڪري سگهي ٿو. ان ڊيم جي ٺهڻ جي جاءِ زلزلي واري علائقي ۾ آهي، جيڪا ڳالهه سال 2005ع ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 7.6 شدت واري زلزلي مان ثابت آهي. خود ايترو اوچو ڊيم ٺاهڻ ڪري به زلزلو پيدا ٿي سگهي ٿو، انهيءَ طرح جا زلزلا هندستان ۽ چين ۾ ٺاهيل ڊيمن ڪري به آيا آهن. هندستان ۾ 1967ع ۾ ڪونيا ڊيم ڪري 6.4 مقدار جو زلزلو آيو، جنهن ڪري 180 ماڻهو مري ويا. چين ۾ وري 2004ع ۾ Yangtze درياهه جي ڇاڙ تي ٺهيل ڊيم ڪري ريڪٽر اسڪيل تي 7.9 شدت واري زلزلي ڪري اسي هزار ماڻهو مري ويا. ڀاشا ڊيم جي اوچائي تمام گهڻي هجڻ ڪري ۽ زلزلي واري علائقي ۾ هجڻ ڪري ان کان وڏي شدت جو زلزلو پيدا ٿي سگهندو ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيندو. بدقسمتي سان ڀاشا ڊيم جي اڀياس رپورٽ ۾ تمام اوچي ٺهيل ڊيم جي نتيجي ۾ زلزلي جي پيدا ٿيڻ بابت نه ٻڌايو ويو آهي. سنڌو ماٿري ۾ اڪثر برفاني ڇپون ۽ جابلو ڀڪون ڪرنديون رهن ٿيون، جن ڪري درياهه جو وهڪرو بند ٿي وڃي ٿو ۽ ڪچا ڊيم ٺهن ٿا. جڏهن اهي ٽٽن ٿا ته درياهه ۾ طوفان اچي ٿو. 19 هين صديءَ جي وچ ڌاري زلزلي ڪري ناگا پربت جو هڪ ٽڪرو درياهه ۾ ڪري پيو، جنهن ڪري درياهه ۾ وهڪرو ڇهن مهينن تائين بند رهيو. ڀاشا ڊيم جو اڀياس ڪندڙ مک جرمن ڪمپني جي شهرت ٺيڪ ناهي، اها ڪمپني رشوت ڏيڻ جي ڪري عالمي بينڪ پاران سال 2006ع ۾ بليڪ لسٽ ڪئي وئي هئي. مٿين سڄي ڊيگهه جو اهو مطلب آهي ۽ اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ بدران ڪالاباغ ڏانهن موٽ کائجي، جو نه اتي زلزلا ٿا اچن، نه ان جي اوچائي گهڻي آهي، جو ان ڪري زلزلا پيدا ٿي سگهن، نه اهو رولڊ ڪانڪريٽ جو ٺهندو، جو ڏار پئجي سگهن، يا پاڻي سيمو ڪري سگهي، نه وري اتي ڇپون ڪرن ٿيون، نه ڀڪون ڪرن ٿيون ۽ نه اهو انهيءَ بليڪ لسٽيڊ ڪمپني جو اڀياس نه ڪيل آهي، جنهن ڀاشا ڊيم جو اڀياس ڪيو آهي. ڪڏهن وري چون ٿا ته ڀاشا ڊيم سان گڏ ڪالاباغ ڊيم به ٺاهيو. تازو فريندس آف ڊيموڪريٽڪ پاڪستان جي ٽاسڪ فورس پاران ٺاهيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪالاباغ ڊيم هڪ تمام سٺو منصوبو آهي، جنهن کي ٺاهڻ لاءِ سرڪار وري سوچي. پر اهو چئي به جيڪي منصوبا ٺاهڻ لاءِ چيو ويو، تنهن ۾ پهريون نمبر ڀاشا ڊيم آهي.“ سنڌ سنڌوءَ تي ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ ناهي، جو گهٽ وهڪرن وارن سالن ۾ ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي ۽ جيڪڏهن انهن سالن ۾ ڊيم ڀريو ويو ته سنڌ جو خريف وارو فصل نه ٿي سگهندو، تنهن ڪري ئي اسان رواجي ڊيم ٺاهڻ جا حامي نه آهيون ۽ ڪيري اوور ڊيم ٺاهڻ تي راضي آهيون ته جيئن رڳو ٻوڏ وارن سالن ۾ انهن کي ڀري سگهجي ۽ پوءِ هڪ کان وڌيڪ مندن لاءِ پاڻي ڏئي سگهجي. اسان ڀاشا ڊيم جي انهيءَ ڪري مخالفت نه ڪئي آهي، جو هڪ ته اِهو سنڌوءَ تي اهڙي هنڌ ٺهي ٿو، جتان واهه نٿا نڪري سگهن، ٻيو ته اِهو رڳو سنڌوءَ جو پاڻي ذخيرو ڪندو ۽ ڪابل درياهه سون، هيرو ۽ ڪرم نين جو پاڻي پوءِ به هيٺ پيو ايندو ۽ ان تي ڪنٽرول هڪڙي صوبي جو نه ٿيندو. ٽيون ته تربيلا ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش لٽ پوڻ ڪري گهٽجي پئي، اِها 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي، جيڪا هينئر گهٽجي 6.9 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي، يعني 74 سيڪڙو. جيستائين ڪو وڏو ڊيم ٺهي، اها اڃا گهٽبي. جنهن ڪري ڊيم ۾ آڳاٽي خريف لاءِ پاڻي نه بچندو ۽ اسان جي خريف جي پوکي جي صورتحال اڃان خراب ٿيندي. سنڌوءَ تي نئون ڊيم ٺاهڻ بابت فني ڪاميٽي جو چيئرمين اي اين جي عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ ڪجهه هن طرح ٻڌايو هو: ”الهندي درياهن تي پاڻي جي اچڻ جي صورتحال اهڙي آهي، جو تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ هڪ مند کان ٻئي مند لاءِ پاڻي گڏ ڪري کڻي وڃڻ ممڪن ناهي، پر ٻوڏ وارن سالن ۾ تمام گهڻو واڌو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ موجود آهي. اهو واڌو پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ اچي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو. اهو پاڻي رڳو هڪ وڏي گنجائش واري ”ڪيري اوور ڊيم“ ۾ ئي جمع ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو هڪ عام رواجي ڊيم ۾ گڏ ڪيو وڃي، جنهن جي گنجائش 6 ملين ايڪڙ فوٽ هجي ته اهو ٻوڏ واري آيل پاڻيءَ جو رڳو 20 سيڪڙو گڏ ڪري سگهندو. سنڌو تي اڪيلي ٺهي سگهندڙ ڪيري اوور ڊيم (يعني اسڪردو يا ڪٽزارا) جي اڃا تائين فزيبلٽي نه ڪئي وئي آهي. رڳو پري فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي پئي وڃي، جيڪا سال 2005ع ۾ پوري ٿيڻي آهي. اها ڳالهه اهم آهي ته انهيءَ جي فزيبلٽي ٻن ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو ڊيم آيل ٻوڏ جو 84 سيڪڙو پاڻي گڏ ڪري سگهي ٿو. ڪالاباغ ۽ ڀاشا ٻنهي ڊيمن جي فزيبلٽي تيار آهي. ڪالاباغ ڊيم جي فزيبلٽي 1984ع کان 1988ع واري عرصي ۾ ڪئي وئي هئي، اها فزيبلٽي نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح قيمتن جي ڪاٿي بابت ۽ ذخيري کي ڀرڻ واري اسٽڊي جيڪا 1991ع واري پاڻي ٺاهه کان اڳ ڪئي وئي هئي. جيستائين اسڪردو- ڪٽزارا ڊيم جي فزيبلٽي ٿئي، ڀاشا ۽ ڪالاباغ ڊيمن مان هڪڙي ڊيم کي ٺاهڻ بابت سوچي سگهجي ٿو. اهو مناسب ٿيندو ته اهو فيصلو ڪابالاغ ڊيم جي فزيبلٽي نئين ڪرڻ (Update) کان پوءِ ڪيو وڃي. ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم کان انهيءَ ڳالهه ۾ بهتر آهي، جو انهيءَ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي ۽ پيدا ٿيندڙ بجلي ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ آهي، انهيءَ کان سواءِ کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان نڪرندڙ واهن ۽ نوشهره شهر ٻڏڻ بابت صوبن جا خدشا دور ڪرڻ ضروري آهن.“ عباسي صاحب جي رپورٽ ۾ صاف ظاهر آهي ته ان هينئر ئي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪو نه چيو آهي، ان جو زور هڪ وڏي گنجائش واري ڪيري اوور ڊيم تي آهي. پر جيڪڏهن سرڪار اسڪردو- ڪٽزارا جي فزيبلٽي مڪمل ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ڊيم کي ٺاهڻ چاهي ٿي ته ان جي خيال ۾ ڀاشا ڊيم کان بهتر آهي. اچو اڀياس ڪندڙ جرمن فرم تي، اها آهي لامائير ڪمپني، جيڪا دنيا جي چئن وڏي ڪمپنين مان هڪڙي آهي، جيڪي پن بجلي پيدا ڪرڻ بابت اڀياس ڪن ٿيون. ڪرپشن يا رشوت جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي، سا آفريڪا جي هڪ ملڪ بابت آهي، جيڪو هڪ سياسي مامرو هو. هڪڙي حڪومت مٽجڻ کان پوءِ ٻي حڪومت اچي الزام مڙهيا، جيئن پوئتي پيل ملڪن ۾ عام طور تي ٿيندو آهي ۽ ”سُڪن سان گڏ ساوا به سڙڻ“ واري چوڻي مطابق اها ڪمپني به الزامن هيٺ اچي وئي ۽ معاملي ٿڌي ڪرڻ لاءِ عالمي بينڪ ان تي ايڪشن کنيو، پر جڏهن تحقيقات ڪرائي وئي ته اهي ڳالهيون سياسي هيون، جنهن تي عالمي بينڪ ان فرم کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي. وري اچو رولڊ ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه تي، جڏهن چين ۾ انهيءَ نموني 620 فوٽ وارو ڊيم ٺهيل آهي ته اتي به ته ڏار پوڻ ۽ سيمي جا مامرا هوندا، جن کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، پوءِ هتي اُهي ڇو نه ڪنٽرول ٿي سگهندا؟! وري ڊيم جي ڪري ٿيندڙ زلزلي بابت به اڀياس ڪندڙن کي ڄاڻ آهي، انهن ضرور انهيءَ بابت سوچيو هوندو ۽ جيڪڏهن اڳي نه سوچيو آهي ته هاڻي انهيءَ بابت معلومات وٺي سگهجي ٿي. وري اها ڳالهه ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ واري جاءِ قدرتي ناهي. ڊيم هميشه جبلن ۾ ئي ٺهندا آهن. ليفٽينڪ رپورٽ ۾، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٺهي سگهندڙ سڀني ڊيمن جو ذڪر آهي، ڀاشا واري جاءِ تي به ڊيم ٺاهڻ جو ذڪر آهي. وري اچو اعتراض واريندڙ بشير اي ملڪ تي. هي صاحب واپڊا ۾ به رهيو آهي ۽ ڪجهه وقت انڊس واٽر ٽريٽي وارين ڳالهين ۾ هيٺين سطح تي رهيو آهي، جنهن بابت به هن هڪ ڪتاب Indus basin treaty in retrospect لکيو آهي. هي صاحب ڊيم ٺاهڻ جو ماهر ڪونهي، نه ڪو ڪو ڊيم ٺهرايو اٿس. ڳالهه جي تت اهو آهي ته پنجاب وارن جو ساهه ڪالاباغ واري طوطي ۾ آهي، جيڪڏهن ڀاشا ڊيم ٺهي ويو ته ڪالاباغ ماڻهن کان وسري ويندو، پنجاب جا ڪالاباغ ڊيم مان واهه ڪڍڻ وارا ارمان اڻپورا رهجي ويندا، تنهن ڪري هر ڪنهن ڳالهه ۾ هو ڪالاباغ ڊيم کي اڳتي آڻن ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي انهيءَ کي ٺاهڻ کان نابري واري آهي، جيستائين هنن جي حڪومت آهي، اهو ڊيم ٺهي نه سگهندو، هنن کانپوءِ به جيستائين سنڌ وارا راضي نه ٿيندا، هي ڊيم ٺهي نه سگهندو. idrisrajput@hotmail.com |
|
The Kawish Group of
Publication |