يونيورسٽي جي تباهيءَ جا ذميدار ڪير؟

غلام نبي مغل

سنڌ يونيورسٽي هڪ مهيني کان بند رهي. بند ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه، پر پنهنجا ئي شاگرد. پنهنجا ئي استاد هئا. اداري جي انتظاميه جي نااهلي پڻ هڪ ڪارڻ آهي. ڪنهن ملڪ جا تعليمي ادارا اهڙيءَ ريت بند ٿين، اهو ائين ئي آهي، ڄڻ ملڪ ۾ ڪرفيو لڳل آهي. سنڌ يونيورسٽي ڪو اڄ بند نه ٿي آهي، پر اهو هڪ تسلسل آهي، نااهليت جو، جيڪا ائڊمنسٽريشن جي شڪل ۾ موجود رهندي آئي آهي. نااهليت، ڪجهه حصي کي ڇڏي، استاد فيڪٽر جي ذهني ڪيفيت منجهه آهي، جيڪي ڊيوٽي تمام ٿورڙي، نالي ماتر ڏين ٿا ۽ Ambitious وڌيڪ آهن. اُن کان پوءِ جڏهن کان شاگردن ۾ سياسي ۽ ڀوتارڪي پُٺ سان گڏ، منفي طاقت جي نمائش جي رجحان جو بنياد پيو آهي، اُت يونيورسٽي، مادرِ علمي، مادرِ سنڌ، ڌرتيءَ جي مقدس حصي کي Pollute ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. پنهنجي ماءُ جي پاڪ هنج ۾ ميٺاڄ ۽ ڏاهپ سان ڀرپور تقدس کي ائين منفي انداز ۾ ولوڙي، جَهَل جي دڳن تي هلڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، اسان جي اڄوڪي سياسي، سماجي ۽ تعليمي ماحول ۾ مروج ٿي چڪو آهي. شاگرد جڏهن مادرِ علميءَ پاڪ سرزمين ۾ داخل ٿين ٿا ته اڳ ۾ ويٺل Zombies، سندن ذهنن ۾ علم حاصل ڪرڻ جي خواهشن کي ڪڍي، ان ۾ منفي سياست ۽ اڻانگن پيچرن ڏانهن ويندڙ منزلن کي حاصل ڪرڻ جا ٻج ڇٽي ڇڏين ٿا ۽ پنهنجا مقصد، ادارن ۾ ويٺل نمائندن ذريعي يا ريمورٽ ڪنٽرول تي ماڻين ٿا، سنڌ جي مستقبل کي تباهه ڪن ٿا. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ويٺل ڀوتار، يونيورسٽيءَ جو وي سي اٺهتر سالن جي عمر ۾ به ڪروڙين رپيا گورنر هائوس ۾ ادا ڪري جڏهن اچي ٿو، تڏهن سندس ذهني خواهشن مطابق روڊ ميپ ڇا هوندو؟ اهو سڀئي اسٽئڪ هولڊر سمجهي سگهن ٿا. عام طور ڳالهيون ان الف ليلوي انداز ۾ ڦهليل آهن ته گذريل ٽيهن سالن ۾ ڪيترا وائيس چانسلر، گورنر هائوس جي شهزادن ۽ خليفن کي ڪيترا کوکا ڏيئي آيا آهن. (کوکو  بالي ووڊ جي انڊر ورلڊ جي محاوري مطابق هڪ ڪروڙ کي چوندا آهن.) ضرورت آهي ته گورنر هائوس جي انهيءَ انڊر ورلڊ کي ختم ڪري تعليم جي ڪوالٽي کي سپر نيچرل راڪاس جي قبضي مان ڇڏائجي.

مون اڳ به هڪ دفعي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ادبي فنڪشن ۾ چيو هو ته جيڪي به يونيورسٽيءَ جا اسٽيڪ هولڊرز آهن، جيڪي فل سوٽ ۽ ڪاٽن پوش ننڍا وڏا ڀوتار آهن، سي اسان جي گذريل ٻن کان ٽن نسلن کي تعليمي، سماجي ۽ عقلي طور تباهه ڪرڻ جا ذميدار آهن. هن ۾ شاگردن جا مڊل ڪلاس جا مائٽ جيڪي ناجائز آمدني سان معاشري جا چڱا مڙس ٿي پيا آهن، سي به انهيءَ لسٽ ۾ شامل آهن. ناجائز آمدنيءَ جا بريف ڪيس، بي علمن کان علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽس وٺڻ ۾ پورا رهيا. علم حاصل ڪرڻ وارا پيپر آئوٽ ڪرڻ ۽ پنهنجن مائٽن جي ناجائز ڪمائيءَ جي زور تي خواهشمند استادن کان مارڪون وٺڻ ۾ پورا هئا ۽ يونيورسٽيءَ جا مالڪ ڀوتار سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين ڏيڻ ۾ پورا هئا ته جيئن Invest ڪيل کوکا نفعي سان واپس ٿي سگهن. اهڙا شاگرد ٻئي مرحلي ۾ جڏهن وري مائٽن جي ڪمايل پئسي ۽ تعلقاتن ذريعي سنڌ سرڪار جي ڪامورن جي ڪرسين تي اچي ويٺا ۽ انهن جو، سواءِ ڪجهه ڄڻن جي، اهو حال آهي ته ڊڪٽيٽر مشرف به چئي ڏنو ته سنڌي آفيسر وڌيڪ پروموشن لاءِ اهل نه آهن. يونيورسٽيءَ جي انتظامي وڏيرن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ پوليس رکڻي پئي، رينجرس کي پوسٽ ڪرڻو پيو ۽ چئوطرف ديوارون ڏياريون پيون وڃن ۽ علم کي ڄڻ اوپن جيل ۾ بند ڪيو ويو، يا شاگرد ريڊ انڊين هئا، جن کي کليل فضا مان ڪڍي Reservations ۾ رکڻو پيو، ته به ڪهڙا نتيجا نڪتا؟ شاگردن جا اهڙا ڏوهه ته ڪو نه هئا. شاگردن کي سڀ کان پهرين هڪ وائيس چانسلر چار مارچ 1967ع ۾ استعمال ڪري پاڻ ته هڪ ڪاموري ڪمشنر سان اڌو گابرو مهاڏو اٽڪائي چارج ڇڏي هليو ويو ۽ وري انهن شاگردن نڪو انهيءَ وي سيءَ جو نالو ٻڌو ۽ نڪي سندس ڪا خبر آهي. پر هو تعليم جي وهڪري ۽ شاگردن کي پيٽي پاليٽڪس ۾ الجهائي ويو ۽ شاگرد اسلامي سوشلزم ۽ جمهوريت جي مهندارن جي ور چڙهي ويا، جتان نيٺ ننڍن وڏن ڪامورن جي ڪرسين تي وڃي ويٺا ۽ اقتصادي طور تي خوشحال ٿي ويا. ٻئي طرف شاگرد ڌرتيءَ جي سياست جي پنجوڙ ۾ وڃي اٽڪيا. ڪي رهبرن جي فڪري ڌارا ۾ لُڙهي ويا ته ڪي پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد ٺاهي ويٺا ۽ اڃا به مصروف آهن، جڏهن ته عام ڌرتيءَ جو ماڻهو نالي ۾ نهال سوشلزم، اسلامي ڌڙن، فيڊريشن جي سياست جي آڙاهه ۾ ڦاٿل ٿي رهيو. قدرت انهن ئي ماروئڙن کان سخت امتحان وٺي پئي. اهو دڳ ئي هڪ انقلاب ڏانهن ويندو ۽ تبديليءَ جا جزا جڏهن هڪ مرڪب ٿي انهن وانجهيل، غريبن، ڌرتيءَ جي ڌڪاريل، ڀوتارن جي سياسي ۽ لينڊ ڪروزي پنجوڙ مان جان ڇڏائي آجپي ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ماڻيندو ته سڀ ڪوڙ سمنڊ جي حوالي ٿي ويندو ۽ ڪوڙا ڏاڍا مڙس زلزلن جي وَر چڙهي گهاڻي ۾ پيسبا ويندا.

پر انهن مقصدن لاءِ نوجوان ۽ علم حاصل ڪندڙ شاگردن جي مثبت قوت کپي، سول سوسائٽيءَ جي ڪرتن ڌرتن جي حرفتي خاموشي ۽ خواهشون نه کپن. استادن ۽ ادارن جو تقدس کپي. انهيءَ تقدس سان گڏ، استادن کي حاصل ڪيل پنهنجي علم کي وڌائڻ کپي ۽ انهيءَ سان گڏ کين ڇهه کان اٺ ڪلاڪ ڪلاس وٺي، پنهنجي علم، معاوضي ۽ سهولتن کي جائز طور استعمال ڪرڻ کپي ۽ هفتي ۾ هڪ پيرڊ وٺي پاڻ کي ڊاڪٽر پروفيسر ۽ 18 گريڊ کان 21 گريڊ جي ليبل جي نمائش نه ڪرڻ کپي. استادن جي نوڪري جائز نموني ڏسجي ته هن وقت سڀني سروسز ۾ اعليٰ درجي جي آهي. منهنجو مطلب علم جي تقدس سان گڏ، مليل پگهار، سهولت ۽ معاشري ۾ عزت ۽ احترام مان آهي. سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي رعايتي قيمتن تي ڇهه سئو وال پلاٽ ۽ اُن جي تعمير لاءِ آسان قسطن تي وياج واري قرض سان گڏ رهائش لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊفينس جهڙا بنگلا مليا. ناجائز ڪمائيءَ مان به اهڙا ٺهن ٿا، پر اوهان کي عزت، احترام سان گڏ اعليٰ رهائشي سهولتون به حاصل ٿين ٿيون. ڇا اهو گهٽ آهي؟ پنهنجي پگهار ٻين انتظامي نوڪرين سان ڀيٽيو ته اوهان عرش تي بيٺا آهيو. باقي اوهان کي ايس ايڇ او ۽ ايس پي يا انڪم ٽيڪس آفيسر جا پاور نه آهن. ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻڻ ۽ کولڻ جا اختيار نه آهن. پر اهو به نه وساريو ته انتظامي، جوڊيشل يا سياسي ڀوتار به اوهان جو ڏنل علم ئي حاصل ڪري انهن عهدن تي پهچن ٿا. اوهان کي فخر محسوس ٿيڻ گهرجي. اوهان قوم تي مهرباني ڪريو ۽ پنهنجي پروفيشنل ڊيوٽين تي استاد ۽ مائٽ وانگر واپس اچو ۽ شاگردن جا قيمتي ڏينهن برباد نه ڪريو. هفتي ۾ هڪ پيرڊ وٺڻ بجاءِ ست ڏينهن روز ڇهه پيرڊ وٺو، پنهنجي ريسرچ جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيو. پاڻ کي انهيءَ مقام تي پهچايو، جو اسان کي توهان تي فخر محسوس ٿئي.

شاگرد به انسان آهن، کين پنهنجي حياتي تباهه نه ڪرڻي آهي، اهي داداگيري ۽ اداري کان ٻاهر ويٺل سياسي ڀوتارن جي خيالن ۽ منشور کي پنهنجي علم حاصل ڪرڻ ۾ نظرانداز ڪن. اسان سڀئي اوهان جي طاقت کي مڃون ٿا. نوجوان ئي قوم جي طاقت هوندا آهن، پر پورس جا هاٿي ثابت نه ٿيو. اوهان پنهنجي سياسي ڀوتارن سان گڏ سنڌ جي منفي تاريخ لکو پيا. مستقبل جا نوجوان اوهان لاءِ ڇا سوچيندا. مون اهڙا به سنڌي شاگرد ڏٺا آهن، جيڪي يونيوسٽي جي ڪلاسن بدران علامه دائود پوٽا لائبريريءَ ۾ اٺ کان ڏهه ڪلاڪ پڙهن ٿا. اهي شاگرد به ڏٺا آهن، جيڪي يونيورسٽي لائبريري بدران، چندو ڪري قاسم آباد جي ڪنهن ٿرڊ ريٽ فليٽ ۾ ويهي پڙهن ٿا ۽ پراونشنل، فيڊرل ڪميشن جا امتحان ڏين ٿا. اين جي اوز کي جوائن ڪن ٿا ۽ پرائيوٽ سيڪٽر جي فرمس ۾ بهتر پوزيشن کي حاصل ڪري پنهنجي زندگي ۽ سنڌ جي معاشري ۾ تبديليءَ لاءِ پنهنجو رول ادا ڪن ٿا. سياست به زندگيءَ جو حصو آهي. پر بهتر انسان ٿيڻ لاءِ ڏاڍائي ۽ ڪرمنل ڪرتوت صحيح نه آهن. آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي بدتر حالتن لاءِ استادن ۽ شاگردن ٻنهي کي ذميدار سمجهان ٿو. انهيءَ ڪري، جو هيءُ ادارو اوهان جو آهي ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي ايندڙ نسلن جو ماڳ آهي، جت ڏاهپ علم ۽ تهذيب ملي ٿي. انهيءَ ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته استادن ۽ شاگردن لاءِ گذريل چاليهه سالن جي حالتن کي پرکڻ ۽ نروار ڪرڻ لاءِ هڪ Truth and reconciliation commission ٺاهجي، جنهن ۾ سڀني اسٽئڪ هولڊرس جا نمائندا هجن ۽ معاملي کي اڇي پٽ پڌرو ڪري، نئين سر يونيورسٽيءَ کي هلائجي. ان کان پوءِ استاد لاءِ مقرر ٿيڻ مهل پنهنجي ڪم لاءِ قسم نامو کڻائجي ۽ ائين ئي شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ قسم نامو کڻي ۽ انهيءَ قسم نامي ۾ اداري جي حيثيت مقدس هجي، جنهن تي اسين سڀ فخر ڪريون.

هاڻ اچو وائيس چانسلر جي تقرري تي! ڇو مدي خارج بيوروڪريٽ، تعليمي ماهر سنڌ يونيورسٽيءَ جي نصيب ۾ موڪليا وڃن ٿا ۽ ڪٿان انهن جو بندوبست ٿئي ٿو. مون کي ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي اهي مدي خارج ماهر پنج کان ڏهه ڪروڙ ڏيئي، وائيس چانسلر جون نوڪريون ڪجهه سالن جي ڪانٽريڪٽ تي حاصل ڪري اچن ٿا ۽ پوءِ هو يونيورسٽيءَ کي هزار ايڪڙ زمين مقاطي تي سمجهي، پاڻ کي رئيس ۽ ڀوتار سمجهي جيترو ٻيڙو ٻوڙي سگهن ٿا، ٻوڙين ٿا. گورنر هائوس گذريل نوَن سالن کان سنڌ جي ادارن ۽ نظام کي ڪمزور يا تباهه ڪرڻ جي ٽارگيٽ کي پورو ڪري رهيو آهي. اسان جا ڀوتار وري انهيءَ کي Reconciliation جي پاليسي سمجهن ٿا، جنهن مان سچ کي ڪٽ ڪري هٿ ڪڙين ۽ ڏنڊن ٻيڙين ۾ قيد ٿيل آهي. اسان ۾ اخلاقي جرئت ناهي، جو ايندڙ وي سيءَ اڳيان گڏجي منهن تي چون ها ته ”اوهان Inefficient آهيو ۽ اوهان ۾ نه اڳ ڏاهپ ئي نه هاڻ آهي، بهتر آهي ته واپس هليا وڃو.“ استادن جو زور شاگرد آهن ۽ سول سوسائٽيءَ کي گڏ ڪري پنهنجن ڇهن سوَن والن وارن بنگلن مان نڪري، سپر هاءِ وي تان لانگ مارچ ڪري گورنر هائوس جي آڏو ڌرڻو ڏيئي ويهي رهو. نيٺ ته گورنر هائوس جا در دروازا ڏڪندا، ماڻهن جي سوچ جي طاقت تمام گهڻي اثرائتي آهي. خدا جي واسطي يونيورسٽيءَ کي Own ڪريو ۽ جيئن دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ يونيورسٽين جا وائيس چانسلر/پريزيڊينٽ چونڊبا يا مقرر ٿيندا آهن، ائين ڪريو. ماءُ جهڙي يونيورسٽيءَ جي سينڌ سنواري کيس دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙو ڪريو، ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي بهتر فخر جوڳي اداري جون واڳون حوالي ڪريو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com