ڪرسي ماڻڻ جي ڊوڙ

امبرين هيسباڻي

”ڪرسيءَ“ لفظ ته آهي هڪ پر جيڪڏهن انهيءَ لفظ تي ٿورو غور ويچار ڪنداسين ته انهيءَ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺنديون. مون کي ياد آهي ته اسڪولي دور ۾ جڏهن ڪلاس ۾ استاد موجود نه هوندو هو ته اسين شاگرد پنهنجي استاد جي ڪرسيءَ کي صاف ڪري ڪپڙي سان ڇنڊي ڪري ان تان مٽي صاف ڪنديون هيونسين. ڪلاس ۾ استاد جي نه هجڻ باوجود اسان شاگرد هڪٻئي کي اهو چوندا هئاسين ته هيءَ ڪرسي اهم آهي، ان تي ناهي ويهڻو. نه صرف هڪ استاد پر ڪيترائي ٻيا استاد به ويهندا هئا پر ان ڪرسيءَ تي ڪنهن جو ڪڏهن جهيڙو ٿيندو نه ڏٺوسين. ائين ڪرسيءَ جو استعمال شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي ئي انداز سان ڪندا آهن پر اسان وٽ هڪ اقتدار جي ڪرسيءَ جنهن تي ڪيترين ئي سياسي پارٽين جون نظرون کتل هونديون آهن، هر پارٽي اقتدار ۾ اچڻ جا سپنا ڏسڻ شروع ڪندي آهي ۽ بس انهيءَ انتظار ۾ هوندي آهي ته ڪنهن مهل کيس موقعو ملي ته جهڙپ ڏيئي اها اقتدار جي ڪرسي جو مالڪ بڻجي ۽ ملڪ مٿان حڪمراني جو مزو چکي.

”اقتدار ۾ اچي ڪرپشن ختم ڪنداسين، ظلم خلاف ويڙهه وڙهنداسين، عورتن جي حقن لاءِ قدم کڻنداسين، بيروزگارن کي روزگار ڏينداسين، هينئن ڪنداسين هونئن ڪنداسين.“ اهي جملا ته هر پارٽي جا رٽيل هوندا آهن، چونڊن جي ويجهو اچڻ تي هو پنهنجا رٽيل جملا چوڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. ڏٺو وڃي ته اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ کانپوءِ عوام کي ڇا حاصل ٿيندو، ڇا ملندو آهي، سواءِ غربت ۽ بک جي انهن غريبن کي ته مزدوري به صحيح نه ملندي آهي. سياسي پارٽين کي صرف اقتدار جي ڪرسي جو مزو وٺڻو هوندو آهي ۽ اسان جا پڙهيل لکيل نوجوان ايم بي اي ۽ بي اي جهڙيون ڊگريون کنيو ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ۾ بيراگيري ڪندي نظر ايندا آهن.

بهرحال ڳالهه هلي پئي اقتدار جي ڪرسيءَ جي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف پارٽين پنهنجون واڳون ڇڪي ڇڏيون آهن، ڇو ته ايندڙ چونڊن ۾ باقي هڪ سال اچي بچيو آهي. مختلف سياسي پارٽين مختلف شهرن ۾ وڃي جلسا جلوس ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ اهي سياسي پارٽيون اقتدار جي ڪرسي لاءِ عوام سان هڪ ڀيرو ٻيهر قول وچن ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اقتدار جي ڪرسي انهن جي هٿن ۾ ايندي ئي هو ملڪ جو ڄڻ ته نقشو تبديل ڪري ڇڏيندا. (نقشو ته تبديل ضرور ڪندا آهن پر ملڪ جو نه پنهنجي گهرن جو) انهن سمورين پارٽين مان ڪا نه ڪا پارٽي بازي ته ماري ويندي ۽ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي هٿن ۾ اقتدار جي ڪرسيءَ جون واڳون اچي وينديون آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عوام هيل ڪهڙي پارٽي جي چونڊ ٿو ڪري، يا وري ائين کڻي چئجي ته ڪهڙي سياسي پارٽي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. عوام ڀلي ڪنهن پارٽي جي چونڊ ڪري پر عوام لاءِ ته وري به ”ساڳي ماني ساڳ سان“ وارو قصو ٿيندو، ڇو ته اقتدار جي ڪرسي ڪهڙي به پارٽي ماڻي وٺي پر ڀوڳڻو وري به عوام کي پوندو آهي.

هن وقت اقتدار جي ڪرسي پ پ جي ئي حصي ۾ آهي ۽ ٻيون پارٽيون اڳيان وڌڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان الزام هڻڻ  ۾ پوريون آهن. اتي ئي ڳالهه ڪنداسين ان نئين اڀري آيل ليڊر جي، جيڪو پڻ اقتدار جي ڪرسي جو مزو وٺڻ لاءِ آتو آهي. هن به ڪرسيءَ ماڻڻ لاءِ ڪافي هٿوراڙيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان نئين ليڊر جي سياست جو منفي پاسو رڳو اهو آهي ته هن عوام کي ڪي نوان نه پر اهي پراڻا خواب ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا آهن يا وري هن جيئن ڪرڪيٽ راند کيڏي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون،  ساڳي طرح سياست جي راند به ڪرڪيٽ جيان کيڏڻ گهري ٿو. پر ڏٺو وڃي ته گهڻي ڀاڱي هو پنهنجي راند ۾ ڪامياب ويو آهي. تحريڪ انصاف پارٽي جو سربراهه عمران خان پنهنجي راند سان ن ليگ ۽ پ پ جي مک اڳواڻن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري ڪجهه وڪيٽون ته حاصل ڪري ورتيون آهن. اقتدار جي ڪرسيءَ ماڻڻ لاءِ سرگرم عمران خان جتي عوام کي ملڪ ۾ تبديلي جا خواب ڏيکاري ٿو، اتي هن 25 ڊسمبر تي سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ ٿيل سندس جلسي ۾ سنڌ جي مسئلن بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو. جيتوڻيڪ انهيءَ جلسي ۾ عمران خان جي تقرير بلڪل ٻاراڻي هئي ڇاڪاڻ ته  سندس تقرير ۾ نه ڪو ويزن هو، نه ئي وري ڪو پيغام پر ڪجهه چينلز ته انهيءَ تقرير کي اهڙي نموني پيش ڪيو، ڄڻ ڪا تاريخي تقرير هجي. ان تقرير جو مختلف پهلوئن سان تجزيو ڪندڙن اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته  عمران خان ان تقرير ۾ جتي سنڌ جي ڪنهن به اشو جي ڳالهه نه ڪئي، اتي هن نه ايم ڪيو ايم جو نالو ورتو ۽ نه ئي پرويز مشرف تي ڪا تنقيد ڪئي. اهڙيءَ طرح ماڻهن جون ان جلسي جي حوالي سان عمران خان ۾ جيڪي اميدون هيو پوريون نه ٿيون.

هن وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت مٿان ملڪ ۾ جلد عام چونڊون ڪرائڻ جو دٻاءُ آهي. هڪ طرف نواز شريف اهڙو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف عمران خان ڄڻ ته هن وقت اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صدر آصف علي زرداري طرفان 27 ڊسمبر تي ڪيل تقرير اهڙين ڌرين لاءِ هڪ جواب هو، جنهن مان لڳو ته پ پ جي حڪومت کي فوري طور تي ڪو به لهر يا لوڏو نه آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو اصل ٽارگيٽ پيپلزپارٽي نه پر سنڌي ٽوپي وارو صدر آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين نواز شريف کان وٺي عمران خان تائين ڪنهن به اپوزيشن پارٽي ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو نالو وٺي ڪڏهن به تنقيد نه ڪئي آهي. صرف صدر آصف علي زرداري کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اها صورتحال ان وقت پيدا ڪئي ويئي آهي، جڏهن اسان جو ملڪ هن وقت اندروني توڙي ٻاهرين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ سياسي توڙي جمهوري استحڪام ضروري آهي. توڙي جو ٻاهريون قوتون  پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪِرت ۾ رڌل آهن پر اسان جي سموري سياسي قيادت کي سموري صورتحال آڏو رکي هن ملڪ جي ڀلي لاءِ موجوده حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. اهو ئي هن ملڪ جي مستقبل توڙي عوام جي ڀلي ۾ آهي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com