توانائيءَ جي بحران ڏانهن ويندڙ دنيا ۽ ايران تي حملي جا خطرا

ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

دنيا جا مختلف ٽي وي چئنل صدر سرڪوزي ۽ اوباما جون اهي ڳالهيون مشتهر ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ صدر سرڪوزي اوباما کي چئي رهيو آهي ته اسرائيلي صدر نيتن ياهو وڏو ڪوڙو ۽ منافق آهي. اهڙي قسم جو ڊائلاگ آن ايئر ٿيڻ بين الاقوامي سياست ۾ اهم ڳالهه آهي ۽ بين الاقوامي تعلقات جا شاگرد اِن ڊائلاگ جا جڏهن پيرا کڻن ٿا ته ڳالهه اتي وڃي دنگ ڪري ٿي ته ٻنهي صدرن جي وچ ۾ ايران اسرائيلي مسئلي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ۽ شايد صدر اوباما سرڪوزي کي ٻڌائي چڪو هو ته نيتن ياهو ايران تي ڪنهن به قسم جي حملي ڪرڻ کان سندس دفاع واري سيڪريٽري پنياٽا اڳيان بي خبري ظاهر ڪئي آهي ۽ ان تي چڙ ۾ اچي سرڪوزي اسرائيلي صدر لاءِ اهي جُملا استعمال ڪيا هئا.

ٻئي طرف مغربي پريس ۾ به اهي خبرون گردش ۾ آهن ته اسرائيل، ايران جي ائٽمي پلانٽس تي حملو ڪرڻ وارو آهي. نتيجي ۾ روس ۽ اُن کان پوءِ چين پنهنجو سرڪاري موقف ڏيندي واضح چيو آهي ته ايران مٿان فوج ڪشي علائقائي امن ۽ سلامتي واري صورتحال کي ڊانوانڊول ڪرڻ جي مترادف هوندو. ايران تي اسرائيلي حملي جو وجهه وارو مهينو نومبر هو، ڇاڪاڻ ته ڊسمبر جي وچ کان پوءِ ايران ۾ موسمي صورتحال تبديل ٿي ويندي آهي، ۽ برفباري ۽ برساتيون ڪنهن به هوائي حملي کان خود ايران جو تحفظ ڪنديون آهن. پر ايئن نه ٿيو، ۽ نومبر  گذري ويو، جنهن بعد موسمي مجبوري ايران کي بچائي ورتو.

اسرائيل به هن وقت ايران جي ائٽمي ترقي کان تنگ ۽ نالان ٿي چڪو آهي. هو ايران سان دنيا جي مختلف فورمن تي ويڙهه کائڻ کان پوءِ سخت مايوس پڻ آهي. انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جي تنبيهن، رپورٽن ۽ هدايتن باوجود ايران پنهنجي ائٽمي پروگرام کي جاري رکيون اچي ٿو، جنهن ۾ کيس روس طرفان کليل مدد حاصل آهي. سياست جي لاهن چاڙهن جي دنيا به عجيب آهي، ڪنهن وقت روس جي ماڻهن کي، پاڪستانين سان گڏ ايراني مسلمان به اسلام دشمن جو خطاب ڏيندي ڪو نه ٿڪبا هئا ۽ اڄ ٻنهي ملڪن جا مسلمان آمريڪا کي اسلام دشمن سڏي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ اڳوڻن ڪميونسٽن سان اقتصادي، فوجي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن. اسرائيل بين الاقوامي ادارن ۾ ايران سان ويڙهه وڙهڻ سان گڏوگڏ سائنس جي دنيا ۾ به جنگ جاري رکي آهي. ڪجهه وقت اڳ ان سلسلي ۾ اسرائيلي موساد مشهور ڪمپيوٽر وائرس Stuxnet جو سهارو به ورتو هو، جنهن جو مقصد ايران جي نيوڪليئر ڪامپليڪس جي ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ کي تباهه ڪرڻ هو، پر ان ۾ به روس اڳتي وڌي آيو ۽ اسرائيل جي وائرس حملي کان کيس بچائي ورتو.

ايران ۽ عراق جي تاريخ ۾ جهاتي وجهبي ته روس ۽ فرانس جو ڪردار ڏاڍو اهم نظر اچي ٿو. اسرائيل جيڪو هن وقت ايران تي هوائي حملو ڪري نيوڪليئر پلانٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پَرَ ساهي رهيو آهي، تنهن ٽيهارو سال اڳ 1981ع ۾ عراق جي اوزراق ريئيڪٽر تي فرانس جي مدد سان حملو ڪيو هو، ان وقت اسرائيل جي ايئر فورس کي فرانس طرفان سهارو حاصل هو ۽ وري اهو به 1981ع وارو ئي سال هو، جڏهن آمريڪا پنهنجن باندي بڻيل ماڻهن کي ڇڏائڻ لاءِ ايران تي هوائي حملو ڪيو هو. اها روس جي خلائي ٽيڪنالاجي هئي، جنهن آمريڪي حملي جون رپورٽون ڪريملن کي پهچايون هيون ۽ اهو فيصلو ٿيو هو ته انهيءَ آمريڪي حملي کي ختم ڪرڻ لاءِ مٿن ڪو سائنسي تجربو ڪرڻ گهرجي. نتيجي ۾ آمريڪا جي حملي آور ايئر فورس جي ڪمپيوٽر نظام ۾ ڳڙٻڙ پيدا ڪئي وئي ۽ آمريڪي هيليڪاپٽر تهران ۽ قم شريف تي حملي بجاءِ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا هئا. روحانيت جي دنيا ان کي امام خميني جو معجزو قرار ڏنو هو ۽ سائنس جي دنيا صدر ريگن کي مجبور ڪيو هو ته هو روسين خلاف مشهور ”اسٽار وار“ پروگرام جو اعلان ڪري.

اڄ وري به اهي ئي روس ۽ فرانس ساڳئي خطي ۾ جنگي ۽ سياسي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ موجود آهن. فرينچ صدر سرڪوزي ۽ اوباما جون نيتن ياهو بابت ڳالهيون بربسيل تذڪره ته ڪو نه هونديون، بلڪه ان پٺيان ايراني نيوڪليئر پروگرام کي ختم ڪرائڻ جي پلاننگ هوندي.

عراق جي نيوڪليئر ريئيڪٽر تي حملي ڪرڻ لاءِ اسرائيل کي جوابي ڪارروائي (Retaliation) جو ڪو به خوف ڪو نه هو، پر ايران تي هوائي حملي ڪرڻ لاءِ خود مغرب به اسرائيل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو سبب ايران وٽ ميزائيل سسٽم جو موجود هجڻ آهي، تنهن ڪري اسرائيل کي ايران تي حملي ڪرڻ وقت پنهنجي مفاد ۾ ٻه نتيجا حاصل ڪرڻا پوندا. هڪ ايران جي ائٽمي ريئيڪٽرن کي تباهه ڪرڻ ۽ ٻيو ايران جي ميزائلن کان پنهنجي هوائي فوج جو تحفظ ڪرڻ هوندو. فرانس ۽ آمريڪا، ايران جي ميزائيل سسٽم کي ناڪاره بڻائڻ جي صلاحيت ته رکن ٿا، پر اهڙي وڏي سطح جي غلطي ٻئي ملڪ ڪرڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪو نه آهن، ڇو ته علائقائي صورتحال کين اهڙو قدم کڻڻ لاءِ روڪي رهي آهي.

اسرائيل جون ٻئي جاسوس ايجنسيون ”موساد“ ۽ ”شن بيت“ جيڪي ترتيبوار بين الاقوامي ۽ قومي سطح تي جاسوسي اداري طور ڪم ڪري رهيون آهن، انهن جا اڳوڻا سربراهه اهڙي مهم جوئي يا خارجه پاليسي ۾ خطرا کڻڻ واري لاڙي (Adventurism) کان سختيءَ سان روڪي رهيا آهن، جڏهن ته موجوده سربراهه ۽ اسرائيلي فوجي قيادت ٻئي نتيجا حاصل ڪرڻ جي حامي ڀري رهيا آهن.

مغربي ملڪ ايران کي ڪنهن حملي کان بچائڻ لاءِ مٿس اقتصادي پابنديون لڳائڻ تي زور ڏيئي رهيا آهن. ان جو اهم سبب مغرب کي تيل جي فراهمي رڪجڻ جو خطرو آهي. ايران اڳ ۾ ئي چتاءُ ڏيئي چڪو آهي ته هو مٿس ڪنهن به حملي جي صورت ۾ آبنائي هرمز کي بند ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن آبنائي هرمز هڪ دفعو بند ٿي وڃي ٿو ته عراق، ڪوويت، بحرين، سعودي عرب، قطر، ايران ۽ ابو ظهبي مان مغرب ڏانهن کڻي ويندڙ تيل جا جهاز خليج فارس کان ٻاهر نڪري ڪو نه سگهندا ۽ دنيا کي هڪ وڏي توانائي واري بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. خاص طور سرمائيدار دنيا ۾ ته هڪ وڏو ٿرٿلو بلڪه قيامت برپا ٿي وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو. هونءَ به سرمائيداري نظام کي بچائڻ لاءِ مغربي بورجوا طبقو آخري هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي، ان لاءِ تيل جي ذخيرن تي مغرب جو قبضو ڄڻ ته هڪ لازمي امر بڻجي ويو آهي. قذافي جي قتل کان پوءِ وچ اوڀر جي سياست ۾ اهم تبديلين جو اچڻ ناگزير لڳي ٿو. تيل سرمائيدار دنيا جي پوري مشينري کي متحرڪ رکڻ لاءِ هڪ اهم اسم آهي. جيڪڏهن تيل جي هڪ بيرل جي قيمت ۾ هڪ ڊالر جي واڌ اچي ٿي ته آمريڪا جي بحري فوج جو خرچ ٻٽيهه بلين ڊالر وڌي وڃي ٿو. ان وڏي خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ فرانس ٻين مغربي ملڪن سان گڏجي ايران تي دٻاءُ وجهڻ ۽ آخر ۾ اسرائيل کان ڪنهن حملي ڪرائڻ کان به نه ڪيٻائيندا. پر ان لاءِ کين مڪمل تياري ۽ عالمي برادري جي سهڪار جي ضرورت پوندي، جيڪا روس ۽ چين طرفان کين نه پئي ملي. ٻئي طرف گذريل جولاءِ ۾ هن مسئلي جي حل لاءِ روس جي وزير خارجه سرگي لاوروف هڪ پلان تيار ڪيو هو، جيڪو “Iran six” جي نالي سان به بين الاقوامي تعلقات ۾ مشهور آهي، جنهن مطابق ايران ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا پنج ئي ميمبر ۽ جرمني، ايران جي جوهري پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪن. ايران، لاوروف جي ان منصوبي سان سهمت ٿيندي مغربي ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آماده آهي. ايران جو ائٽمي پروگرام سندس چواڻي ته خالص ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن جي شروعات هن 1960ع ۾ خود آمريڪا جي مدد ۽ سهڪار سان ڪئي هئي. شاهه ايران، آمريڪي سهڪار سان تهران يونيورسٽي ۾ تهران نيوڪليئر ريسرچ سينٽر جو بنياد وڌو هو. ان سينٽر لاءِ يورينيم جي فراهمي به آمريڪا طرفان ٿي هئي. اهڙي سهڪار پٺيان آمريڪا جو مقصد خطي ۾ ڪميونزم ۽ عرب قومپرستي جي ڦهلاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ايران کي طاقتور بنائڻ هو. شاهه ايران نيوڪليئر ريئيڪٽرن مان ٽيويهه هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ جرمني جي مشهور ڪمپني سيمنس کي ٺيڪو ڏنو هو ۽ ان کان علاوه بُوشهر جي نيوڪليئر پلانٽ کي هلائڻ لاءِ فرينچ ڪمپني ”فراماٽون“ جون خدمتون ورتيون هيون. ائٽمي بجلي گهر اصفهان ۽ اهواز ۾ پڻ تعمير ٿيڻ لڳا هئا، پر اسلامي انقلاب کان پوءِ انهن کي بند ڪيو ويو هو. امام خميني ائٽم بم ٺاهڻ کي پوري انسانيت جي قتل مترادف قرار ڏنو هو ۽ وزير اعظم مهدي بازرگان اعلان ڪيو هو ته ايران کي ائٽمي ٻارڻ جي ڪا به ضرورت ئي ڪانهي. اهڙي طرح بُو شهر جي ٻن ائٽمي ريئيڪٽرن کي جن جو نوي سيڪڙو ڪم پورو ٿي چڪو هو بند ڪيو ويو، پر پوءِ 1983ع ۾ ايران هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ائٽمي پروگرام تي ڪم شروع ڪرڻ جي ابتدا ڪئي ۽ 1990ع ۽ 1994ع ۾ ترتيبوار روس ۽ چين کان ائٽمي ريئيڪٽر خريد ڪري بو شهر واري رڪيل پلانٽ کي ٻيهر ڪارگر بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح 2002ع کان آمريڪا ايراني نيوڪليئر پروگرام جي مخالفت جي شروعات ڪئي. آمريڪا به اسرائيل وانگر ايران جي خلائي جاسوسي مان وسان ڪو نه گهٽايو آهي. ٻه سال اڳ آمريڪي نزاد ايراني صحافي زخسانا صابري جو اسڪينڊل به ايران جي ائٽمي جاسوسي سان تعلق رکندڙ آهي، پر انهن ڳالهين باوجود به عالمي برادري اهو به ڄاڻي ٿي ته ايران اڃا ائٽمي ڌماڪي ڪرڻ کان ڪوهين ڏور آهي. هي سڄو ٽڪ ساٺ ائين ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جيئن عراق تي حملي وقت دنيا کي بيوقوف بڻايو ويو هو.

ايران مٿان مڙهيل اقتصادي پابنديون Counter productive ثابت ٿينديون ۽ دنيا کي روزانو چوويهه ملين بيرل تيل جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو سرمائيدار ملڪ تصور ڪندي به ڏڪي ويندا هوندا. اقتصادي پابندين جهڙي خطرناڪ قدم کي منهن ڏيڻ لاءِ ايران اڳ ۾ ئي تياري وٺي به چڪو آهي ۽ هن بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڏيتي ليتي هڪ ٻه سال اڳ روس جي بئنڪن معرفت شروع ڪري ڇڏي هئي، تنهن ڪري اقتصادي پابندين کي به في الحال ڪجهه سالن لاءِ ايران ڪنهن PLS اڪائونٽ وانگر گذاري ڇڏڻ جي اهل بڻجي ويو آهي، جنهن جو مقصد ته کيس نه ڪوئي نقصان نه ئي فائدو ٿيندو.

ٻئي طرف BRICS ملڪ، برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙا ملڪ ايران سان پنهنجو وڻج واپار جلديءَ ۾ ختم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته چين يا روس مان ڪو به هڪ ملڪ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ آيل اهڙي رٿ کي ويٽو به ڪري ڇڏي. امڪان قوي آهن ته ايران تي فوجي حملي جي رٿ روس ويٽو ڪندو ته اقتصادي پابندين جي رٿ کي چين منهن ڏيندو، ڇو ته ايران شنگهائي ڪو آپريشن آرگنائيزيشن جو مبصر طور ميمبر پڻ آهي. اهڙيءَ طرح ايران ۽ شام وچ اوڀر جا اهي ملڪ آهن، جتي روس ۽ چين جا مغربي دنيا سان سڌا سنوان سياسي ٽڪراءَ ٿيڻ جا امڪان آهن.

ڪولڊ وار کان پوءِ دنيا لڪئڊ وار (Liquid war) ۾ داخل ٿي رهي آهي. مشرق وسطيٰ جو تيل ۽ اتان جا سامونڊي رستا هاڻي دنيا جي سياست جو تعين ڪرڻ وارا آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com