|
سنڌي قومي ٻولي بابت سنڌ اسيمبلي جو رهجي ويل ڪم! محسن علي جويو
اُنهيءَ ڊرافٽ جو هڪ مختصر ٽڪرو لائق پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو ”پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت حالتن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ 1972ع ۾ مصلحتاً صوبائي اسيمبلي ۾ ٻوليءَ جو بل آندو، جنهن ۾ بعد ۾ ترميم ڪري، سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ طور شامل ڪيو ويو. جيئن ته هن بل ۾ ٻنهي ٻولين کي سنڌ لاءِ قومي ٻوليون هئڻ جي ڪو اشارو ڏنل ڪونه هو (ڇو ته اردو اڳئي سڄي پاڪستان جي قومي ٻولي هئي)، سنڌي ماڻهن کي اِهو چئي پرڀايو ته انهيءَ بل ۾ ترميم ڪري سنڌيءَ (۽ ٻين پاڪستاني ٻولين) کي اردوءَ سان گڏ پاڪستان جون رياستي/ قومي ٻوليون بڻايو ويندو؛ جنهن تي سنڌي ماڻهن کڻي بس ڪئي. جيتوڻيڪ بظاهر حالتون ماٺيون هيون، پر اندر ئي اندر سنڌ جي ماڻهن ۾ سياستدانن کان غير مطمئن هئڻ ۽ دوکو کائڻ وارا جذبا موجود هئا....نتيجي طور حالت ۾ ’سنڌي ٻولي- قومي ٻولي‘ تحريڪ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي چڪي آهي....“ ٻئي مرحلي ۾ ساڳئي وقت، ٻولين جي مسئلي تي قومي اسيمبليءَ جي سنڌ سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر ۽ اڳوڻي (ق) ليگ جي ايم اين اي مارئي ميمڻ قومي اسيمبليءَ ۾ مادري ٻولين جي حق ۾ بل پيش ڪيو. ايوان اهڙو بل اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو هو. يوسف ٽالپر واري بل ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ”اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري سنڌ، سرائيڪي، بلوچي، پشتو، پنجابي، اردو ۽ شينا/بلتي کي پاڪستان جي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.“ اهڙي صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي، ملڪ جي سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ واري معاملي تان هڪ نئون بحث شروع ٿيو ۽ انهي امڪان جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بلن جي منظوريءَ جا سڀني ڳالهائيندڙ ٻولين جي صورت ۾ هجي، پوري ملڪ ۾ هڪ نئون لساني تضاد اڀري سامهون اچي. اهڙي خدشي کي ٻنهي ايم اين ايز نواب يوسف ٽالپر ۽ مارئي ميمڻ تائين پهچايو ويو. ان کانپوءِ انهيءَ معاملي جي سنجيدگي کي سمجهندي ثقافت کاتي جي قائم ڪيل ٻولي ڊرافٽ ڪميٽي کي اها درخواست ڪئي ويئي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل ۾ 251 درست ترميم ڪري انهيءَ کي اُن لائق بڻائڻ ته جيئن اهو ملڪ جي سڀني آئيني اڪاين لاءِ قابل قبول هجي ۽ چئني شريڪ اڪاين جي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ هجي. اصولي طرح سنڌ جي ساڃهه وندن جي ڪوشش اها هئي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. پر حڪمت عملي جي بنياد تي رڳو شريڪ اڪاين جي ٻولين سميت اردو ٻولي کي قومي درجي ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي ۽ ٻين ٻولين/لهجن جي واڌ ويجهه وارا مسئلا صوبن جي مرضي تي ڇڏيا وڃن ته جيئن ڪنهن به بدمزگي تڪرار ۽ هل هنگامي کانسواءِ اهو مسئلو حل ٿي وڃي. پر هيل تائين ڪيل مڙني ڪوششن جي نتيجي ۾ اسان کي ڪجهه به پلئه نه پيو آهي. انهي ڪري هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هاڻي مڙني روايتي ڪَس ڪسر واري طريقيڪار کي ڇڏي اصول موقف اختيار ڪجي ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن ٻي آئيني اڪائي جو سهارو وٺڻ جي گهرج نه آهي. اها ڳالهه هاڻي چٽي نموني ڪرڻ گهرجي. گذريل سال اپريل جي مهيني ۾ ثقافت کاتي پاران منعقد ڪيل مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي تعزيتي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي سائين محمد ابراهيم جويي اها ڳالهه واضح طرح ڪندي چيو ته هاڻي اسين ٻين صوبن ڏانهن نهارڻ بجاءِ سڌي ۽ صاف ڳالهه ڪيون ته سنڌي ٻولي کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي، جنهن لاءِ موجوده حڪومت سميت اتحادي ڌرين جي اها ذميداري آهي ته اهي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريڻ لاءِ بِل آڻين ۽ انهيءَ بل کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو وڃي ته جئين وفاق جون ڌريون اخلاقي طرح سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ پابند ٿين. اهڙي طرح اُردو ٻولي رڳو ملڪ جي 8 سيڪڙو ماڻهن جي مادري زبان آهي ۽ اُها اڪثريتي ٻولي نه آهي، جنهن کي قومي ٻولي قرار ڏجي. اردو ٻولي جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اُها اورنگزيب جي زماني کان وٺي رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ اردو ٻولي پڻ گڏيل هندوستان ۾ لساني بنياد تي ماڻهن کي ورهايو. مسلمانن جي هڪ خاص مراعات يافته طبقي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪندي انهي کي هڪ ٻولي طور شناخت برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هڪ مثال پڙهندڙ آڏو پيش ڪجي ٿو ته 30 ۽ 31 ڊسمبر 1925ع تي علي ڳڙهه ۾ آل انڊيا مسلم ليگ پاران هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو جنهن جو مقصد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هو. ورهاڱي کان ئي اها ڪوشش ڪئي وئي ته هر ممڪن طريقي سان سنڌيءَ ٻولي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي اردو کي لاڳو ڪجي پر جڏهن اُهي ڪوششون ناڪام ويون ته ساڳين قوتن سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪيو، هاڻي سنڌي ٻولي جي تعليمي ادارن مان مڪمل خاتمي لاءِ اردو کي پوئتي رکندي انگريزي کي اڳيان آندو ويو آهي. جڏهن ته اردو ٻولي جو معاملو هو ته سنڌ جي اڪثريتي عوام جو ردعمل سنڌي ٻولي جي حق ۾ رهيو پر انگريزي کي سنڌي سان ڳنڍي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌي ٻارن جي لاءِ سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي جي اهميت برابر آهي. سمجهڻ جي ڳالهه هي آهي ته انهيءَ سڄي مشق جي پويان نيت اڳتي هلي اها آهي ته سنڌي ٻولي کي ختم ڪري هڪ ڀيرو وري اردو کي اڳيان ڪيو ويندو ۽ افسوس جو اسان جا ڪالمي دانشور به انهي مهم جو حصو بڻجي رهيا آهن. |
|
The Kawish Group of
Publication |