ڪانگ ته ڪا ٻي ٻولي پيو ٻولي!

حليم باغي

ڳالهه جي منهن مهاڙ جي خبر ئي نٿي پئي، ڳالهه کڻجي ڪٿان، ڪٿي کٽائجي؟ مون ٻيڙيءَ کي درياءَ ۾ لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪي به ٿئي ڀل ٿئي. کيس پوڙها، جوان، ٻار سڀ نالي سان سڃاڻن ٿا، پوڙها کيس پنهنجي درد جو درمان سمجهندا آهن. جوان کيس سهڻو سيبتو ويڄ سمجهندا آهن، جيڪو سندن دلين ۽ دماغن جي التجا ٻڌي سگهي ٿو، ٻارڙا کيس ان ڪري سٺو سمجهن ٿا، جو هو کين ڪا به انجيڪشن يا سئي نه هڻندو آهي، هو تکين مٺين دوائن ۽ شربتن سان ٻارن جو علاج ڪندو آهي. سڄي پاڙي جا مرد ۽ عورتون کيس پنهنجو مهمان سمجهندا آهن. پاڙي ۾ ايندو آهي ته ڪا پوڙهي کيس چانهه موڪليندي آهي، ڪا جوان عورت کيس ٻاجهر مان پچايل ڍال جهڙي ماني اماڻيندي آهي، ڪو جوان کيس ٻاڪرو کير پيش ڪندو آهي، ڪو ٻار ٿر جي ٻنيءَ ۾ پيدا ٿيل ريڀڙي ۽ چڀڙ جهوليءَ ۾ ڀري ڏيندو آهي، پاڻ به ٽيبل اڳيان رکي ڪرسي تي ويهي نبض شناسي ڪندو ويندو آهي، مرڪندو ويندو آهي، پرسڪرپشن لکندو ويندو آهي، سيمپل جون دوائون ڏيندو ويندو آهي، جيڪا دوا وٽس نه هوندي آهي، اها دوا ميڊيڪل اسٽور جي لاءِ لکندو آهي. ساند ته ساند، مڱريا، بجير، ڀيل، ڪولهي، اوڏ، مينگهواڙ، مڱڻهار کيس پنهنجو فيملي ڊاڪٽر سمجهندا آهن. هر مريض جي تشنجي ڪندو آهي، سڀ ڪنهن کي تسلي ڏيندو آهي. دلداري ۽ ڀروسو ڏيندو آهي. مرض ڪيڏو به جان ليوا ۽ ڪرونڪ هجي، ڏاتار سندس هٿ ۾ شفا رکي آهي. مرض ڇٽي ويندو آهي، مريض خوش ٿي ويندو آهي، وٽس ڪنهن مريض جو علاج نه هوندو آهي ته کيس ”هٿ نه لائيندو آهي“، پنهنجيءَ ٿوڙيءَ ڪمائي جو سوچي مريض جو مرض نه وڌائيندو آهي، مريض کي هڪدم ميرپورخاص، حيدرآباد، ڄامشوري ڏي ريفر ڪندو آهي، ڀاڳ وارا هوندا آهن، اهي مريض جيڪي کيس گڏ وٺي ويندا آهن، نه ته به سڀ ڪنهن کي سڻائو ڏس ڏيندو آهي، سڀ ڪنهن مريض جي خير خواهي ۽ مريض سان همدردي سندس رهنما اصول آهي.

ڊسمبر جي سرد راتين ۾ جڏهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي اجهي ۽ اوڇڻ ۾ آرامي هو ته رات جو سندس گهر ۾ پنج ماڻهو ٻٽون ٻڌل آڌي رات جو داخل ٿيا، کيس سندس ڪمري ۾ زبردستي چورن چپ ڪرائڻ تي مجبور ڪيو، سندس ٻارن کي هراسان ڪري چورن ٻئي ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو. ڊاڪٽر جوڌي ۽ سندس ٻارن کان واچون، موبائيل، ۽ روڪڙا پئسا کسي کين يرغمال ڪري هٿياربند چست ٿي بيٺا. سندس گهر جي هر ڪمري جي تلاشي وٺي گهر جو سمورو قيمتي سامان جيڪو کڄڻ ۾ هلڪو هو اهو سڀ سامان هٿياربندن ميڙي سيڙي کنيو. روڪڙا پئسا، سون، انعامي بانڊ وغيره کڻي هٿياربندن ڪار جي چاٻي ڏيڻ لاءِ زور ڀريو، ڊاڪٽر جوڌي مل هٿاربندن کي چيو ته ”منهنجي ڪار جي چاٻي منهنجي ڊرائيور وٽ آهي.“ هٿياربند سڄو گهر ٻهاري کڻي پوءِ عمرڪوٽ مان فائرنگ ڪندا روانا ٿي ويا. ڊاڪٽر صاحب حواس باختگيءَ ۽ وائڙائپ کي ويجهو اچڻ نه ڏنو، چورن جي وڃڻ کانپوءِ ۽ عزيزن، قريبن، همدردن، مريضن کي فون ڪيا، ڌاڙي ۽ ڦر جي ويل مال جو تخمينو لڳايو، پاڻ ٻڌايائين ته کانئس ٽيٽيهن لکن جي ڦر ٿي ويئي آهي.

هيءَ ٽيٽيهن لکن جي ڦر ناهي، پر هڪ امن پسند شهريءَ جي چادر ۽ چوديواريءَ سان کئونس آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ معاف نٿي ڪري سگهجي. هونئن به پاڪستان جو قانون ۽ آئين ملڪ جي هر شهري جي بنا ڪنهن رنگ، نسل، جاتي، زبان، مذهب ۽ مسلڪ جي تفريق جي هڪ جهڙيءَ حفاظت جو ذميوار آهي، قانون جي نظر ۾ هندو، مسلمان، برهمڻ، شودر سڀ برابر آهن، اسين سهڻي سنڌ ۾ ٿيندڙ هر چوري، ڦر، ارهه زورائي، قبيلائي جهيڙي ۽ جرڳي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، ڇو ته:

سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل مين هَي

ديکهتي هين زور ڪتنا بازوء قاتل مين هَي

ڊاڪٽر صاحب 31 ڊسمبر 2011ع جي تڙڪي ۾ جڏهن روحل واءِ ۾ اچي سڄي رات جي رام ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ته سندس روئڻ هارڪو آواز مون کان وسري نٿو سگهي. پاڻ پي ايم اي سنڌ يعني پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سمرينه جي اها ڳالهه ٻڌايائين ته ”ڊاڪٽر جوڌا مل صاحب! عمرڪوٽ مان اوهان جي چوري ٿي آهي، اسين هتي ڪراچيءَ جي هڪ ڊاڪٽر جي قتل ٿيڻ جي ايف آءِ آر کڻي مظاهرو ڪري رهيا آهيون“. اها ڳالهه ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي، اي صائب سنڌ جا ڪرداروء آئون اوهان سان ڪهڙي ويهي مزاج پريسي ڪريان، هڪ پاسي قانون بيوس آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي ذهن ۽ ضمير تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن. هن رات جي رام ڪهاڻي جا سڀ نائڪ هاڻي سوچين ٿا، چرٻٽ جي نگر جو ڇا ٿيندو؟ سڀ سوچين ٿا، اسين پوليس، انتظاميه، عدليه مان تمام گهڻيون اميدون رکون ٿا ته ڊاڪٽر جوڌي مل جي لڙڪن اگهڻ سان گڏوگڏ سموري سنڌ جي لڙڪن اگهڻ جا به روادار ٿيندا، ورنه ته منهنجي جهوني نم تي ويٺل ڪارو ڪانگ ته ٻيون ٻوليون ٻڌائي رهيو آهي، اها ڪانگ جي ٻولي ته آئون به سمجهي نٿو سگهان.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com