|
ڪانگ ته ڪا ٻي ٻولي پيو ٻولي! حليم باغي
ڊسمبر جي سرد راتين ۾ جڏهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي اجهي ۽ اوڇڻ ۾ آرامي هو ته رات جو سندس گهر ۾ پنج ماڻهو ٻٽون ٻڌل آڌي رات جو داخل ٿيا، کيس سندس ڪمري ۾ زبردستي چورن چپ ڪرائڻ تي مجبور ڪيو، سندس ٻارن کي هراسان ڪري چورن ٻئي ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو. ڊاڪٽر جوڌي ۽ سندس ٻارن کان واچون، موبائيل، ۽ روڪڙا پئسا کسي کين يرغمال ڪري هٿياربند چست ٿي بيٺا. سندس گهر جي هر ڪمري جي تلاشي وٺي گهر جو سمورو قيمتي سامان جيڪو کڄڻ ۾ هلڪو هو اهو سڀ سامان هٿياربندن ميڙي سيڙي کنيو. روڪڙا پئسا، سون، انعامي بانڊ وغيره کڻي هٿياربندن ڪار جي چاٻي ڏيڻ لاءِ زور ڀريو، ڊاڪٽر جوڌي مل هٿاربندن کي چيو ته ”منهنجي ڪار جي چاٻي منهنجي ڊرائيور وٽ آهي.“ هٿياربند سڄو گهر ٻهاري کڻي پوءِ عمرڪوٽ مان فائرنگ ڪندا روانا ٿي ويا. ڊاڪٽر صاحب حواس باختگيءَ ۽ وائڙائپ کي ويجهو اچڻ نه ڏنو، چورن جي وڃڻ کانپوءِ ۽ عزيزن، قريبن، همدردن، مريضن کي فون ڪيا، ڌاڙي ۽ ڦر جي ويل مال جو تخمينو لڳايو، پاڻ ٻڌايائين ته کانئس ٽيٽيهن لکن جي ڦر ٿي ويئي آهي. هيءَ ٽيٽيهن لکن جي ڦر ناهي، پر هڪ امن پسند شهريءَ جي چادر ۽ چوديواريءَ سان کئونس آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ معاف نٿي ڪري سگهجي. هونئن به پاڪستان جو قانون ۽ آئين ملڪ جي هر شهري جي بنا ڪنهن رنگ، نسل، جاتي، زبان، مذهب ۽ مسلڪ جي تفريق جي هڪ جهڙيءَ حفاظت جو ذميوار آهي، قانون جي نظر ۾ هندو، مسلمان، برهمڻ، شودر سڀ برابر آهن، اسين سهڻي سنڌ ۾ ٿيندڙ هر چوري، ڦر، ارهه زورائي، قبيلائي جهيڙي ۽ جرڳي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، ڇو ته: سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل مين هَي ديکهتي هين زور ڪتنا بازوء قاتل مين هَي ڊاڪٽر صاحب 31 ڊسمبر 2011ع جي تڙڪي ۾ جڏهن روحل واءِ ۾ اچي سڄي رات جي رام ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ته سندس روئڻ هارڪو آواز مون کان وسري نٿو سگهي. پاڻ پي ايم اي سنڌ يعني پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سمرينه جي اها ڳالهه ٻڌايائين ته ”ڊاڪٽر جوڌا مل صاحب! عمرڪوٽ مان اوهان جي چوري ٿي آهي، اسين هتي ڪراچيءَ جي هڪ ڊاڪٽر جي قتل ٿيڻ جي ايف آءِ آر کڻي مظاهرو ڪري رهيا آهيون“. اها ڳالهه ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي، اي صائب سنڌ جا ڪرداروء آئون اوهان سان ڪهڙي ويهي مزاج پريسي ڪريان، هڪ پاسي قانون بيوس آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي ذهن ۽ ضمير تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن. هن رات جي رام ڪهاڻي جا سڀ نائڪ هاڻي سوچين ٿا، چرٻٽ جي نگر جو ڇا ٿيندو؟ سڀ سوچين ٿا، اسين پوليس، انتظاميه، عدليه مان تمام گهڻيون اميدون رکون ٿا ته ڊاڪٽر جوڌي مل جي لڙڪن اگهڻ سان گڏوگڏ سموري سنڌ جي لڙڪن اگهڻ جا به روادار ٿيندا، ورنه ته منهنجي جهوني نم تي ويٺل ڪارو ڪانگ ته ٻيون ٻوليون ٻڌائي رهيو آهي، اها ڪانگ جي ٻولي ته آئون به سمجهي نٿو سگهان. |
|
The Kawish Group of
Publication |