ٺٽو شهر ٻڏڻ کان ڪيئن بچي سگهيو؟

محمد ادريس راجپوت

ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ٺٽي ۽ سجاول شهر کان مٿي بندن کي ٻه گهارا لڳا. پهريون 24 ۽ 25 آگسٽ جي وچين رات مولچند شاهه بند کي، 18 فرلانگ چوٿين ميل تي لڳو ۽ ٻيو 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچين رات درياهه جي ساڄي ڪپ تي پنا بگهار بند جي چوٿين ميل ۽ چوٿين فرلانگ تي لڳو. کاٻي ڪپ جي گهاري سبب سجاول ٻڏڻ جو خطرو هو، جيڪو اطلاع مطابق ٻڏي ويو. ساڄي ڪپ جي گهاري جي ڪري ٺٽو شهر ٻڏڻ جو خطرو هو، پر رب تعاليٰ جي مهرباني سان اهو ٻڏڻ کان بچي ويو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته هڪ ڏينهن اڳ لڳل گهارو بند ٿي نه سگهيو، جڏهن ته هڪ ڏينهن پوءِ لڳل گهارو بند ٿي ويو. اچو ڏسون ته اهو ڪيئن ٿيو؟

29 آگسٽ تي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ٻڌايو ته، عوام پنا بگهار بچاءَ بند کي لڳل گهاري جي بند ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌندا. انهيءَ جو 80 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ باقي 20 سيڪڙو شام جو يا رات جو پورو ٿي ويندو. اها هڪ ڇرڪائيندڙ خبر هئي، جو عام طرح وڏي ٻوڏ جي وقت ۾ لڳل گهارو درياهه لهڻ کان اڳ بند نه ٿيندو آهي. جيئن ٽوڙي تي لڳل گهارو 7 آگسٽ تي لڳو هو، پر اڃا تائين بند نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ پاڻي سنڌو جي ساڄي ڪپ تي تباهي مچائي ڇڏي آهي. جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته اتي لڳل گهاري کي جيڪو 150 فوٽ ويڪرو ٿي چڪو هو، درياهه واري پاسي پٿر وجهي منگلي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪڙي پاسي کان پٿر وجهڻ ڪري درياهه ٻئي پاسي بند کي ڪٽي پيو، تنهن ڪري گهارو وڌي 250 فوٽ ويڪرو ٿي ويو. تنهن کانپوءِ ٻئي پاسي کان پٿر وجهڻ شروع ڪيا ويا ۽ اطلاع مطابق هاڻي اها پٿرن جي منگلي مڪمل ٿي چڪي آهي. پر پٿرن مان اڃا  پاڻي نڪري پيو. انهيءَ کانپوءِ انهيءَ پٺيان ڪاٺ جي منگلي ٺاهي پئي وڃي ته جيئن ان ڪاٺ جي منگلي ۽ پٿرن جي منگلي وچ ۾ مٽي سان ڀريل ڳوڻيون رکجن ته پٿرن مان نڪرندڙ سيمو گهٽجي وڃي يا صفا بند ٿي وڃي. تنهن کان پوءِ ٽٽل بند تي ٻنهي پاسي کان مٽي وجهبي ۽ بند پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويندو. (ان حوالي سان هتي ڏنل نقشو ڏسو) هاڻي ڏسون ته اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، جڏهن ته ٽوڙي وارو کنڊ اڃا وهي پيو. مولچند شاهه بند وارو کنڊ جيڪو درياهه جي ٻئي پاسي سامهون لڳل آهي، انهيءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ ڪچو يعني جتي درياهه ٻن بندن وچ ۾ ڦري گهري ٿو، جن جي ويڪر پنجن کان ڏهه ميل آهي. درياهه جو مکيه وهڪرو سڄي ڪچي ۾ نٿو ٿئي، ڪٿي هو ساڄي پاسي ٿئي ٿو، ڪٿي کاٻي پاسي، ۽ ڪڏهن وچ درياهه ۾ وڏي ٻوڏ واري ٽائيم ۾ درياهه مکيه وهڪري کان پري اٿلي ٿو ۽ ڦهلجي ٻنهي پاسي وارن بندن کي لڳي ٿو. بند مٽي جا ٺهيل آهن ۽ جيڪڏهن ڪيترن سالن ۾ ٻوڏ نٿي اچي ته اهي اڻ سيڪيل رهن ٿا. جنهن جي ڪري اوچتي پاڻي لڳڻ سبب انهن ۾ روڻ پوڻ جا تمام گهڻا امڪان ٿين ٿا. وري جيڪڏهن روڻ پوڻ جي وقت سر خبر پئجي وڃي ٿي ته اها ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اها ٻه ٽي ڪلاڪ وهندي رهي ٿي ته کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ٺٽي مٿان پنا بگهار بند درياهه جي مکيه وهڪري کان اٽڪل ڏيڍ ميل پري آهي ۽ اهو وهڪرو کاٻي پاسي وارن بندن يعني مولچند شاهه بندر ۽ سرجاڻي واري پاسي آهي. عام طرح پنا بگهار بند کي پاڻي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي. هن سال آيل ٻوڏ بندن جي لحاظ کان تاريخ جي سڀني کان وڏي ٻوڏ آهي، جو ڪوٽڙي گيج  26.8 فوٽ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته اهو وڌ ۾ وڌ سال 1956ع ۾ 26.4  فوٽ رڪارڊ ٿيو هو. انهيءَ ڪري بندن جي لحاظ کان اها تمام وڏي ٻوڏ آهي. ٻوڏ جي ليول چڙهڻ ڪري پنا بگهار بند جنهن کي ورلي پاڻي لڳندو هو، تنهن کي به اوچتو پاڻي لڳو. هيترا سال ٻوڏ نه اچڻ ڪري اهو بند اڻ سيڪيل هو ۽ پاڻي تمام تڪڙو چڙهيو، جنهن ڪري انهيءَ ۾ روڻ پئجي وئي ۽ اها رات جي ٽائيم ۾ پئي. عملو چوڪس نه هو ۽ ٽين بجي رات جو اتي کنڊ پئجي ويو. اتي هن بند کي لوپ بند ڪو نه هيو، تنهن ڪري پاڻي ڪي بي فيڊر لوئر کي لڳو، جنهن جو نان انسپيڪشن پاٿ بند واري پاسي هو. کنڊ جو پاڻي نان انسپيڪشن پاٿ کي اوور ٽاپ ڪري ڪي بي فيڊر لوئر ۾ گهڙي پيو. آبپاشي کاتي وارن ڪي بي فيڊر لوئر جي ساڄي پاسي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪٿي چار هزار ڪيوسڪ واري واهه جو بند ۽ ڪٿي ٻوڏ واري کنڊ مان نڪرندڙ پاڻي، ان جي ساڄي ڪپر کي ٽوڙي پاڻي ٽن هنڌن تان نڪري آيو. هڪڙو ڪي بي فيڊر جي ٺٽو-حيدرآباد روڊ ڪراسنگ کان ميل هيٺ. ٻيو ان جي 22 آر ڊي تي، جيڪا ٺٽي شهر سامهون آهي. ٽيون ان جي ٺٽو-سجاول روڊ ڪراسنگ کان ميل هيٺ. ٽن هنڌن تي کنڊن جو پاڻي ٺٽي کي وڪوڙي وڃي ها ۽ ٺٽي شهر جو ٻڏڻ ذري گهٽ پڪ هو. پر چوندا آهن ته ٻوڙڻ وارن کان بچائڻ وارو وڌيڪ طاقتور ۽ مهربان آهي. هن مهربان آبپاشي وارن ۽ فوجي عملدارن جي دماغ ۾ پٿرن سان منگلي ڏيڻ جو خيال وڌو، جو درياهه جو مين ڪرنٽ کنڊ واري هنڌ کان ميل ڏيڍ پري هو. پٿر آر بي او ڊي ويجهو پيو هو ۽ مشينون ۽ فوج جا ماڻهو موجود هئا. پر تنهن هوندي به اهو هڪ ڏکيو ڪم هو، جو اڃا درياهه جو کنڊ ڪنهن ٻوڏ هلندڙ وڏي وهڪري دوران ٻڌجڻ  جو ڪو مثال منهنجي سامهون ڪو نهي. پهرين چليا واري پاسي کان  پٿر وڌو ويو، پر پوءِ ڏٺو ويو ته درياهه ٻئي پاسي بند کي کائڻ لڳو. هن پاسي کان پٿر آڻڻ ڏکيو هو، جو رستي تي پاڻي بيٺل هو، پر پاڻي هوندي به ٻئي پاسي کان پٿر آندو ويو ۽ ڏينهن رات ٻنهي پاسن کان پٿر وجهي کنڊ آڏو پٿر جو رنگ بند ڏنو ويو، پر پوءِ به پٿر مان پاڻي نڪري پيو. کنڊ تڏهن بند ٿيل سمجهيو ويندو، جڏهن مٽيءَ جو اصل بند وري ٺاهيو وڃي. جيڪو ڪم پٿر جي رنگ بند مان نڪرندڙ پاڻي جي ڪري ڏکيو آهي. تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ جي هيٺين پاسي هڪ منن ۽ پڃرن جي منگلي ٺاهي انهيءَ پٿر واري منگلي وچ ۾ ڳوڻيون ڀري وجهجن ته جيئن پٿرن مان نڪرندڙ پاڻي گهٽجي ته جيئن پراڻي بند کي وجهڻ واري مٽي زيان نه ٿئي.

درياهه جو وهڪرو گهٽجي پيو. ڪوٽڙي گيج فوٽ لهي ويو آهي، تنهن ڪري هوريان هوريان پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي پيو ۽ کنڊ ٻڌڻ سولو ٿي ويندو. منهنجي خيال ۾ اهو هڪ سٺو منصوبو آهي ۽ انهيءَ سان ٺٽي جو پراڻو ۽ تاريخي شهر ٻڏڻ کان بچي ويندو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن پنا بگهار بندتي اهو ممڪن آهي ته انهيءَ سامهون کنڊ پيل مولچند شاهه بندر بند تي اهو ڇو ممڪن ناهي ۽ ٽوڙي واري بند تي اهو ڇو نه ڪيو ويو ته ملڪ وڏي تباهي کان بچي وڃي ها.

ڳالهه اها آهي ته هر ڪنهن جاءِ ۽ بند جي پنهنجي اهميت آهي.  ٽوڙي وٽ لڳل کنڊ درياهه جي مکيه وهڪري سان گڏ آهي، اتي ڀر واريون زمينون هيٺ آهن ۽ پاڻي جو وهڪرو تمام گهڻو يعني اٽڪل ساڍا يارهن لک ڪيوسڪ هو. وري اتي لڳل کنڊ کان پوءِ اتي ماڻهو موجود نه رهيا ۽ کنڊ جي ٻنهي Ends کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي. جيتوڻيڪ بند مينوئل ۾ انهيءَ لاءِ بند تي عمودي جڪ ورڪ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. کنڊ پوڻ کانپوءِ اتي پاڻي جو عميق تمام گهڻو ٿي ويو هو. انهن حالتن ۾ اتي کنڊ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. وري اچو مولچند شاهه بندر بند تي. اتي به درياهه جو مکيه وهڪرو بند سان لڳو لڳ آهي. پاڻي تمام وڏي تيزيءَ سان اتان نڪري رهيو آهي.  کنڊ اتي تمام گهڻي کاڌ ڪري ويو آهي ۽ اتي به پاڻي جو عميق تمام گهڻو آهي، تنهن ڪري اتي کنڊ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نٿي ٿي سگهي. اهو تڏهن ئي بند ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن درياهه ۾ وهڪرا گهٽبا. وري اچو گڊو بيراج جي مارجينل بند کي لڳل ٽن کنڊن تي. اتي درياهه جو مکيه وهڪرو بند کان پري آهي ۽ کنڊ واري هنڌ زمينون مٿي آهن، تنهن ڪري جيئن ئي وهڪرا گهٽ ٿيا، انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاع مطابق اهي کنڊ ٻڌجي ويا آهن. سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، نيون نيون ٽيڪنالاجيون ۽ مشينون اچي ويون آهن. اسان کي بند ٺاهڻ، انهن کي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ سنڀالڻ ۽ کنڊ پوڻ جي صورت ۾ جلد کنڊ بند ڪرڻ بابت پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ته جيئن ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏڻ کان بچي ۽ کنڊ پوڻ جي صورت ۾ نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿين.

idrisrajput@hotmail.com