|
اسان ردِعمل واري سياست کان اڳتي ڇو نٿا وڌون؟ جڳديش آهوجا
سرائيڪي ۽ هزارا سان همدرديءَ جي نالي ۾ ايم ڪيو ايم اڄ به ”پنهنجي پراڻي ايجنڊا“ تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جا حڪمران وري متحده کي سنڌين خلاف استعمال ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن ۽ ان لاءِ کين الڳ صوبو ڏيارڻ ۾ مدد جو لالي پاپ آڇينديون آهن، جڏهن ته حقيقت هي آهي ته ملڪي، علائقائي توڻي بين الاقوامي مفادن جي ڊوڙ ۾ ڪراچي جو سنڌ کان الڳ ٿيڻ ڪنهن جي به مفادن وٽان نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو متحده کي نوي جي ڏهاڪي ۾ سائيز اندر رکڻ جو ڪم به پنجاب جي سول-ملٽري ڪامورا شاهيءَ شروع ڪيو، جنهن جو آغاز 1992ع ۾ آپريشن سان ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي کي ميدان تي لاٿو ويو. ڪراچيءَ جو سنڌ کان الڳ ٿيڻ خود پنجاب جي معاشي مفادن لاءِ خطرناڪ آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي ويو ته سنڌ صنعتي لحاظ کان اڳتي وڌي ويندي ۽ پوءِ پنجاب جو تسلط گهڻي وقت تائين قائم نه رهي سگهندو. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ وڏيرن جو راڄ قائم رکيو پيو وڃي. 1999ع ۾ ايم ڪيو ايم کي مشرف جي صورت ۾ ڄڻڪ وڏي ٽيڪ ملي وئي. پنجاب جي فوجي قيادت کي به جيئن ته نواز شريف جي آمرانه انداز ۽ خصوصاً فوج جي معاملن ۾ مداخلت تي مُٺيان لڳي هئي، تنهنڪري سندن به اها مجبوري ٿي ويئي ته هو نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي کي سياسي منظرنامي تان جلاوطن ڪري ايم ڪيو ايم، ايم ايم اي ۽ مسلم ليگ (ق) جي ذريعي حڪومت جو ڪاروهنوار هلائين. نائين اليون جي واقعي ايم ڪيو ايم ۽ مشرف کي پنهنجا هٿ مضبوط ڪرڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪيو. هندستان سان ڪشمير جي بدلي ڪراچي حاصل ڪرڻ جي بئڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪئي وئي، جيڪا ئي اڳتي هلي مشرف جي اقتدار کان بي دخليءَ جو سبب بڻي. 9 مارچ 2007ع جي ”انڪار“ جو اسڪرپٽ فرشتن ان وقت لکيو، جڏهن مشرف هندستان سان پيار جا پيچ لڙايا. نائين اليون کانپوءِ مشرف ته بظاهر هڪ فون ڪال تي هٿيار ڦٽا ڪيا، پر اصل ڊيل جي ابتدا ته 23 سيپٽمبر 2001ع ۾ ٽوني بليئر ڏانهن لکيل ان خط سان ٿي، جيڪو ذوالفقار مرزا جي انڪشافن کانپوءِ بي بي سي پاڻ پنهنجي ويب سائيٽ تي پيش ڪيو. ان ڊيل جي نتيجي ۾ مشرف، ان جا اتحادي، آمريڪا محور سگهارو ٿي ويو ۽ هڪ جامع منصوبا بنديءَ تحت رياست جا سمورا ادارا اندروني انتشار ۽ گهرو ويڙهه جي نذر ڪيا ويا. ”پنڊيءَ“ جي صبر جو پيمانو تڏهن لبريز ٿي ويو، جڏهن مشرف من موهن سنگهه سان ڪشمير تي سوديبازي ڪئي. هن سموري تضاد جو ڪلائيميڪس 12 مئي 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هي پهريون ڀيرو هو جو ايم ڪيو ايم، سنڌو ماٿر جي چئني تاريخي قومن سان متصادم ٿي سياسي طور بلڪل اڪيلي ٿي وئي. اهو تاريخي ڪارنامو به اسان جي چونڊيل پيپلز پارٽي حڪومت جو ئي آهي، جنهن ايم ڪيو ايم کي سياسي اڪيلائي مان ڪڍي نئين زندگي بخشي ۽ هاڻ اها هڪ ڀيرو وري اسان کي اکيون ڏيکاري رهي آهي. سنڌ جي وحدت ۽ بقا جي ويڙهه ۾ جنهن جامع حڪمت عملي ۽ واضح قومي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سا دورانديشي اڃا نظر نٿي اچي. اسان رڳو ردِ عمل جي سياست ڪري وقت بوقت سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ کليل حملن خلاف ڪجهه هڙتالون ڪري پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ٿا وڃون. جڏهن ته سنڌ مخالف ڌريون مستقل مزاجيءَ سان مسلسل هڪ واضح ايجنڊا تي عمل ڪري رهيون آهن. اسان کي تيزيءَ سان بدلجندڙ هن دنيا ۾ روايتي روين جي خول مان نڪرڻو پوندو ۽ پنهنجن قومي مفادن پٽاندڙ هر نئين صورتحال سان هم آهنگ ٿيندڙ انتهائي لچڪدار حڪمت عملي جوڙڻ جي سنگهه ۽ صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي. سڀ کان اولين ضرورت اها آهي ته اسان ردِ عمل واري سياست کان هڪ قدم اڳتي وڌي پنهنجي مثبت قومي ايجنڊا جو تعين ڪري ان جي حاصلات لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙيون. سنڌ جي قومي ايجنڊا جا چار بنيادي نڪتا آهن. پهريون، سنڌ جي وحدت جي حفاظت لاءِ منظم سگهه اڀارڻ. ٻيو، سنڌي قوم جي تاريخي وجود جي تسليميءَ لاءِ مستقل مزاجيءَ سان جدوجهد ڪرڻ. ٽيون، سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري، ڪاروباري ۽ تعليمي ٻوليءَ جي حيثيت ڏيارڻ. چوٿون، ”سنڌ تي سنڌي قوم جو حقِ حاڪميت قائم ڪرڻ.“ انهن مقصدن جي محاصلات لاءِ اسان جي حڪمت عمليءَ جا ٽي محور هئڻ گهرجن، يعني قومي، علائقائي ۽ بين الاقوامي. اسان کي واشگاف لفظن ۾ اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته اسان سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ کي عدم دشمني جي اصول تحت سئٽزرلينڊ جيان امن جو خطو بڻائڻ چاهيون ٿا. سمورين بين الاقوامي سازشن ۽ مفادن جي جنگاڻ کان بچڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي. هي خطو خونريز خانه جنگيءَ جي دور مان گذري امن جي دور ۾ فقط تڏهن ئي داخل ٿي سگهي ٿو، جڏهن هن خطي جي تاريخي قومن جي بحالي ٿيندي. ان سلسلي ۾ اسان سنڌو ماٿري جي قومن جو اتحادIndus Nations Alliance جا بڻ بڻياد پڻ وجهي سگهون ٿا. |
|
The Kawish Group of
Publication |