ميمو مٿي مامرو!

اشفاق آذر

سياسي تاريخ ۾ ڪي واقعا اهڙا ظهور پذير ٿيندا آهن، جن جي اثرن جي ان وقت خبر ڪانه پوندي آهي پر اهي اڳتي هلي هڪ اهڙي بدنما شڪل اختيار ڪري ويندا آهن، جيڪا اجالن کي به داغدار ڪري ڇڏيندي آهي. پاڻ سياسي ميدان ۾ جنهن ميمو ڪيس جي شهسواري ڏسي رهيا آهيون، سو به هڪ اهڙو ئي واقعو آهي جنهن تي جيڪو به آهي (۽ ڪوئي به آهي) سو پنهنجي راءِ ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو، ڇاڪاڻ ته  ”سنگت“ جي مهرباني سان هي ملڪ جو انتهائي اهم موضوع بڻجي ويو آهي. هن معاملي ۾ ميڊيا جي ڪجهه حلقن جنهن ڪمال نموني سان ان سموري راند کي اڳتي وڌايو، تنهن هن ملڪ کي سڄي دنيا ۾ تماشو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ميڊيا ۾ منصور اعجاز پاران وات مان ڪڍيل هر لفظ کي پٿر تي لڪير تسليم ڪندي اهڙي قسم جو ماحول جوڙيو ويو، جهڙوڪر قومي سلامتي تي وڏو حملو ٿي ويو هجي ۽ مختلف سياستدانن بنا سوچڻ سمجهڻ ۽ تجزئي نگارن بنا غور فڪر جي جنهن نموني سان رايا ڏيڻ شروع ڪيا، تنهن مان لڳي ايئن رهيو هو، ڄڻ ان ڪيس جون ٻڌڻيون عدالت ۾ نه پر ميڊيا ۾ هلي رهيون هجن. عدالت ۾ ته هي ڪيس بعد ۾ آيو پر ان کان اڳ ان جو فيصلو  ميڊيا ۾ ٻڌائجي چڪو هو. جيڪڏهن ٿورو گهرائي سان هن ڪيس جو جائزو وٺجي ته هن ڪهاڻي ۾ جيڪي سوراخ آهن سي صاف نظر اچن ٿا. پهرين ڳالهه اها ته ميمو جو ڦاٽ منصور اعجاز 10 آڪٽوبر تي فنانشل ٽائمز ۾ لکيل آرٽيڪل ۾ ڦاڙيو، ان آرٽيڪل ۾ صرف اها ڳالهه ڪئي وئي ته ان قسم جو ميمو لکيو ويو آهي پر ڪنهن لکيو آهي ۽ ڪهڙي نموني سان اهو مائيڪ مولن تائين پهچايو ويو، ان باري ۾ ڪو لفظ ڪونه هو. بس ايترو ڪافي هو ککر کي کڙو هڻڻ لاءِ.

پوءِ 30 آڪٽوبر تي لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي دوران اهو انڪشاف عمران خان جي واتان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ميمو حسين حقاني پاران لکيو ويو هو. آخرڪار 10 نومبر تي هڪ ٻئي آرٽيڪل ۾ منصور اعجاز ان ”راز“ تان پردو کنيو ته ميمو لکڻ لاءِ حسين حقاني ئي کيس چيو هو. هن ڀيري به فقط منصور اعجاز جي لفظن تي اعتبار ڪيو ويو، ڪنهن به عمران خان کان اها پڇڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي ته هن کي ڪٿان اها خبر پئي ته ميمو حسين حقاني لکيو هو؟ ان کانپوءِ منصور اعجاز جڏهن پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ بليڪ بيري ٽيڪسٽ ميسيجز سامهون آندا، تڏهن به سندس ئي ڳالهين تي اعتبار ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن انڪوائري جي سندس ڳالهه کي حق ۽ سچ تسليم ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته ان وقت ڇونه ڪنهن کانئس اهو پڇاڻو ڪيو ته هو ان بليڪ بيري جو ريسرچ ان موشن اداري کان رڪارڊ فراهم ڪري يا ڪنهن حڪومت کي اها صلاح ڇونه ڏني ته پهرين ان بليڪ بيري جو رڪارڊ هٿ ڪيو وڃي بعد ۾ حسين حقاني کان سر گهريو وڃي. صرف منصور اعجاز جي چوڻ کي ئي ڇو ڪافي سمجهيو ويو؟ اها ته بعد ۾ خبر پئي ته آءِ ايس آءِ جو سربراهه لنڊن وڃي منصور اعجاز سان ملاقات ڪري ۽ ثبوت ڏسي مطمئن به ٿي آيو آهي ۽ موٽ ۾ اچي حسين حقاني جي عهدي جو سر گهريو ويو، جيڪو بنا ڪنهن چون چران جي ڏنو ويو. جڏهن عدالت بعد ۾ بليڪ بيري ميسيجز جي تصديق جو حڪم ڏنو ته ان کان اڳ ئي حسين حقاني کان اڻ تصديق ٿيل ميسيجز جي آڌار تي استعيفيٰ ڇو ورتي وئي؟ ان کانپوءِ جڏهن عدالتي ڪميشن جڙي ۽ منصور اعجاز کي ڪميشن آڏو پيش ٿي ثبوت پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ته هر ڀيري منصور اعجاز سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي پاڪستان اچڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ ڪميشن به سندس ئي خدشن کي مان ڏيندي تاريخ مٿان تاريخ ڏيندي رهي. (پر معذرت سان لڳي ايئن رهيو آهي ته هن ڪيس ۾ ڪميشن منصور اعجاز کي تاريخ نه پئي ڏئي پر منصور اعجاز ڪميشن کي تاريخون ڏئي رهيو آهي.)

هن سموري مامري جو افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته هڪ اهڙي غير ملڪي شهريت رکندڙ ماڻهو جي لفظن کي اهميت ڏني وئي، جنهن جي لفظن کي خود سندس ملڪ جي ادارن جي فوجي سربراهن به اهميت ڪونه ڏني. ان جي بدران هن ملڪ جي سفير طور آمريڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ حسين حقاني بار بار اهي وضاحتون ڪندو رهيو ته سندس ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي ۽ کيس ڦاسايو پيو وڃي. هن نه ميمو لکيو آهي نه لکرايو آهي. پر سندس ڳالهه تي ڪنهن کي به يقين نه آيو، هن جي ڪنهن به ڳالهه کي اعتبار جي لائق ئي نه سمجهيو ويو!

بهرحال هن هڪڙي ڪيس سڄي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي ته ڪيئن هڪ بي نام افساني تي هن ملڪ جي ادارن جا هٿ هڪٻئي جي ڄنڊن ۾ وجهرائي تماشو لڳرائي سگهجي ٿو ۽ ڪيئن هڪ مشڪوڪ ۽ بي اعتبار ماڻهو جي چئي تي لڳي اسان پاڻ کي مشڪرو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. جنهن نموني سان 2 مئي واري ايبٽ آباد واقعي تي سيڪيورٽي جي بي لباسي کي لڪائڻ لاءِ ميمو جي پوشاڪ سبي وئي، سا  هن ملڪ جي جمهوري ۽ پروگريسو ڌرين لاءِ ڪا حيرت جوڳي ڳالهه ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته ورهين کان هن ملڪ جي سياست ۾ جن ڌرين جو عمل دخل رهيو آهي، تن پاران هن قسم جي ڇسي تخليق ڪا پهريون ڀيرو ڪونه ٿي رهي هئي. ان کان اڳ به آپريشن ڪلين اپ، مڊنائيٽ جيڪال، بليو فاڪس جهڙن معاملن جي رپورٽن کي ناجائز ٻارن وانگر لڪايو ويندو رهيو. حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ به سرڪاري طور پڌري نه ڪئي وئي، اها خبر به ٻاهرين پريس ذريعي پئي. مطلب ته هن ملڪ جي ماڻهن کي پورو سچ ٻڌائڻ بدران اڌورو ۽ پنهنجي مطلب جو سچ ٻڌائڻ واري روش جاري رکي وئي، نتيجو اهو نڪتو ته پاڻ جنهن کي جمهوريت چئون ٿا، ان جمهوريت سان اسان جي پري کان سلام دعا ته رهي پر ويجهڙائپ ڪانه ٿي سگهي. ٻيو اهو ته اسان جي سياستدانن ماضيءَ جي غلطين مان مجال آهي جو ذري ڀر سبق پرايو هجي. اهي بجاءِ ان ڳالهه جي جو هو هن ملڪ ۾ طاقت جي بگڙيل توازن کي ٺيڪ ڪن، (روايتي طور تي جمهوريتن ۾ طاقت جو توازن ايگزيڪيٽو، عدليه ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ورهايل هوندو آهي، پر اسان وٽ فوج سڀ کان طاقتور اداري طور ڇانيل رهي آهي ۽ هاڻ انهي لسٽ ۾ ميڊيا جو به ڪردار شامل ٿيندو پيو وڃي، ميڊيا جا ڪجهه حلقا تيليءَ مان ٿنڀ ٺاهي ٻرنديءَ تي تيل وجهڻ جو شاهڪار ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن بنا اها سوچ رکڻ جي ته ان جو انجام ڇا ٿيندو.) ادارن جي احترام تي ڌيان ڏين، سياسي سهپ ۽ برداشت جو مظاهرو ڪن، هو موقعي پرستي کي هٿي ڏيندا رهيا، هر ڀيري سانڊي وانگر رنگ بدلائيندا رهيا ۽ انهن ڌرين جا هٿ مضبوط ڪندا رهيا جيڪي هن ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻائڻ جا ذميوار آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پوءِ وزير اعظم کي ”رياست اندر رياست هجڻ“ جو بيان ڏيڻ جي ضرورت نه پوي ها ۽ نه ئي اهو بيان ڏيئي پنهنجا لفظ واپس پنهنجي وات ۾ چٻاڙڻ جي نوبت اچي ها، پوءِ نه ميمو ڪيس تي نواز شريف کي ڪارو ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ضرورت هجي ها ۽ نه ئي عاصمه جهانگير کي اهو چوڻ جي نوبت پيش اچي ها ته ”ميمو ڪيس ڪورٽ ۾ کڻي ايندڙن کي هڪ ڏينهن پڇتائڻو پوندو.“ نواز شريف جي پڇتاءُ جو ته شايد وقت اچي ويو آهي، جو عدالت اصغر خان جي پٽيشن تي ٻڌڻي جي تاريخ رکي ڇڏي آهي ۽ شايد هاڻ نواز شريف کي سمجهه ۾ آيو هجي ته عاصمه جهانگير اها اڳڪٿي ڇو ڪئي هئي. اهو به عدالت لاءِ هڪ امتحان هوندو ته جيڪڏهن اها هن پٽيشن ۾ به شريف ڀائرن کي رليف ڏئي ٿي ته پيپلز پارٽي جي اها دعويٰ سچ ثابت ٿيندي ته عدالت کي فقط پ پ خلاف ڪيس نظر اچن ٿا. جيڪڏهن عدالت هن ڪيس ۾ نواز شريف کي سزا ٻڌائي ٿي ته ن ليگ جي اڳواڻن ۽ سندس حامي ميڊيا پاران عدالت کي بخش نه ڪيو ويندو.

هاڻي جڏهن عدالتي ڪميشن جي مدي ۾ 2 مهينا واڌ به ڪئي وئي آهي ۽ اڃان تائين منصور اعجاز جي پاڪستان اچڻ جا آثار نظر نٿا اچن، جڏهن ته ڪميشن کيس آخري ڀيرو 9 فيبروري تي پيش ٿيڻ جي هدايت به ڪئي آهي ته هن ڀيري به لڳي ايئن رهيو آهي ته هو پاڪستان ڪونه ايندو. کيس جيترو تماشو ڪرڻو هو ۽ ان ۾ جيترو ڪردار ادا ڪرڻو هو، سو هو ڪري چڪو. هاڻ مٿئين سطح تي جيڪي معاملا خراب ٿيل هئا، اهي ٺهندا پيا وڃن، ادارن ۾ ٽڪراءَ جهڙي صورتحال ٽرندي نظر پئي اچي، وزيراعظم هڪ ته اين آر او ڪيس ۾ توهين عدالت واري مامري تي عدالت ۾ پيش ٿي ۽ ٻيو سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن جي حوالي سان ڏنل پنهنجا بيان هڪ ڀيرو وري واپس چٻاڙي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. هو جيڪي هن ميمو ڪيس جي حوالي سان سازشي ٿيوريز تيار ڪيون ويون هيون، سي پنهنجي موت پاڻ مرڻ لڳيون آهن ۽ حڪومت جي ڊيڊلائين جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪندڙ تجزئي نگار به هاڻ ڪا نئين ڊيڊلائين ڳولڻ جي چڪر ۾ آهن. ان دوران تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ميمو ڪيس ۾ ڪميشن جو مدو مارچ تائين وڌڻ، اين آر او ڪيس ۾ اعتزاز احسن جي انٽري ۽ حڪومت جو بيڪ فٽ تي وڃڻ سميت اسٽيبلشمينٽ جي هٿ هلڪو رکڻ واري روش مان لڳي پيو ته معاملا ڪنهن اتفاق راءِ تي پهچي چڪا آهن. اهو اتفاق راءِ اهو ٿي سگهي ٿو ته سينيٽ جون چونڊون خير خوبي سان ٿي وينديون، جنهن بعد نيون ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽر لسٽون ٺهڻ تي زور ڏنو ويندو، جيڪي مئي جي آخر ڌاري تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد بجيٽ جو وقت اچي ويندو. بجيٽ کانپوءِ ڪو نگران سيٽ اپ آڻي عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو ۽ اهڙي ريت آڪٽوبر ڌاري عام چونڊون ٿيندي ڏسڻ ۾ اچڻ جا امڪان آهن.

ان کان اڳ ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايبٽ آباد واقعي جي حوالي سان جسٽس جاويد اقبال جي سربراهي ۾ جيڪا ڪميشن جڙيل آهي، تنهن پاران فيبروري جي پهرين هفتي ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جا امڪان آهن. جيتريون هيڊلائينز ميمو ڪيس جون لڳيون آهن، جيترو بحث ميمو جي حوالي سان ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪيو ويو آهي، ان جي تر جيترو ذڪر به ايبٽ آباد ڪميشن جي حوالي سان ٻڌڻ ۾  ناهي آيو، جڏهن ته اهو معاملو نه ته ڪو افسانوي هو، نه ڪو خط جو ٽڪرو هو، نه ئي اهو واقعو ڪنهن مشڪوڪ منصور اعجاز پاران گهڙيل هو، پر اها هڪ چٽي حقيقت هئي، جنهن اسان جي سيڪيورٽي ادارن جا پول کولي ڇڏيا. ڏسڻو اهو آهي ته ڇا حمودالرحمان ڪميشن وانگر هن ڪميشن ۾ به اها جرئت ٿي سگهي ٿي ته اهي هن رپورٽ ۾ انهن سمورين حقيقتن جو جائزو وٺي ۽ ڇا پوءِ وقت جي آقائن کي اها خداداد همت ٿي سگهي ٿي ته اهي ان رپورٽ جا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪن، ڪو انهن ذميوارن جو تعين ٿي سگهي يا انهن کي ڪا سزا اچي سگهي؟ جيڪڏهن مونکان اهو پڇيو وڃي ته ان ڳالهه جو امڪان اهڙو ئي آهي جهڙو هاٿيءَ جي اڏامڻ جي اميد ڪرڻ!!

me-azar@hotmail.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com