طاقت جو سرچشمو ڀوتار؟

ايم بي سومرو

ملڪ اندر ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ جي نعري هيٺ سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي جي قيادت جون نظرون هر ان وڏيري، سردار، جاگيردار ۽ سرمائيدار کي ڳولينديون نظر اچي رهيون آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ جي حيثيت رکن ٿا. ان ئي سوچ جو مظهر آهي جو سکر ۾ پ پ جو مقابلو ڪندڙ تاج محمد شيخ جو گهراڻو به پ پ پ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ته گهوٽڪي جي مهرن کي به پ پ ۾ آڻڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن. ائين هر ضلعي اندر وڏيرڪي طاقت يا سرداري رکندڙ توڙي با اثر ماڻهن کي پارٽي ۾ آڻڻ جون ڪوششون مسلسل هلن پيون. نه رڳو ان نوعيت جي سياست پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي، پر پيپلز پارٽي کي وقت کان اڳ حڪومت ڇڏي عوام وٽ نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪندڙ نواز ليگ به ان گس تي هلي رهي آهي. نواز ليگ پرويز مشرف جو ساٿ ڏيندڙ هم خيال گروپ سان اتحاد ڪري چڪي آهي ۽ ميان نواز شريف سنڌ جا تڪڙا تڪڙا دورا ڪري سنڌ ۾ پارٽي کي  عوامي حمايت ڏيارڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. ان انداز کي ڏسجي ته سياست ۾ سونامي آڻڻ جون دعوائون ڪندڙ عمران خان به نواز ليگ پ پ ۽ ”ق“ ليگ کي الوداع ڪندڙ اڳواڻن کي نه رڳو پارٽي ۾ شامل ڪيو آهي، پر کين وڏا وڏا عهدا به ڏئي ڇڏيا آهن. اهو عمل ڇا اهو تاثر ۽ سوچ جي عڪاسي نٿو ڪري ته سياسي جماعتون ملڪ اندر عام ماڻهن جي ووٽن لاءِ ڀوتارن تي ڀاڙي رهيون آهن. اگر انهن جي سوچ ۽ سياسي تجربي آڌار چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جو واحد رستو اهي با اثر ماڻهو آهن، جن کي ڊگهي عرصي کان عوام آزمائي رهيو آهي ته پوءِ طاقت جو سرچشمو عوام ڪيئن ٿئي ٿو؟ اگر طاقت جو سرچشمو عوام آهي ته پوءِ ان عوام جا ذهن پاڻ ڏانهن موڙڻ جون مسلسل ڪوششون ان نموني ڇو ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، جيئن با اثر ماڻهن کي پارٽين ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن؟ اهو اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب سياسي ڌرين کي ته ڏيڻ گهرجي، پر سول سوسائٽي ۽  عام ماڻهن کي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ملڪي حالتن بابت واضح ۽ بيباڪ موقف رکندڙ، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير جنهن پريشاني وچان ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ عاصمه جيڪا پريشاني کڻي ميان نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وئي، ان پريشانيءَ تي غور ڪرڻ به ضروري آهي. بجليءَ جي بحران کي جواز بنائي پنجاب جو وڏو وزير احتجاجي مظاهرن جي جيئن اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ جيئن لانگ مارچ ڪرڻ جون ڳالهيون نواز ليگ پاران ڪيون پيون وڃن، تيئن لانگ مارچ جو جواب مارچ سان ڏيڻ جون ڳالهيون پيپلز پارٽي به ڪري رهي آهي. عاصمه جهانگير جي پريشاني اها آهي ته ٻنهي پارٽين جي ان ڇڪتاڻ واري صورتحال مان ٽئين ڌر کي فائدو وٺڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. عاصمه جهانگير جي پريشاني درست آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ ۽ ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪرڻ باوجود، خاص طور تي نواز ليگ اهو ئي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ ڪندي رهي آهي. ماضيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو سوڌو آصف زرداري مٿان ڪيس داخل ڪندڙ نواز ليگ جو وڏو وزير جلسن ۾ پنهنجي ايندڙ دور ۾ آصف زرداري کي پنجاب جي گهٽين ۾ گهلڻ جون ڳالهيون ڪري جتي اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ اگر نواز ليگ جي حڪومت آئي ته اهي ڇا ڪندا. نه رڳو ايترو، پر پنجاب حڪومت جيئن محترمه بينظير ڀٽو کي وزير اعظم دوران پروٽوڪول ڏيڻ گوارا نه ڪندي هئي، تيئن نواز ليگ جي موجوده پنجاب حڪومت صدر ۽ وزير اعظم کي آئيني پروٽوڪول ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي. نواز ليگ کي اهو پتو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج جي اڳواڻي ڪرڻ سان بجلي بحران حل نه ٿيندو، ان لاءِ ويهي غور ڪري ڪو رستو ڪڍي ئي عوام کي تڪليفن کان بچائي يا انهن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان ئي سوچ سان بجلي لوڊشيڊنگ جو عذاب گهٽ ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي ميزباني ۾ ٿيل توانائي ڪانفرنس جي نڪتن تي ٽن صوبن ته عملدرآمد ڪيو، پر نواز ليگ ان اعلان تي عملدرآمد نه ڪيو. ڇا لوڊشيڊنگ جاري رهڻ جي ڪري عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪري ان انداز سان عوام کي وفاقي حڪومت کان بدظن ڪرڻ ۽ پاڻ لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش طور اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي؟ اگر ائين نه آهي ته پوءِ توانائي ڪانفرنس جي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ان حوالي سان نه رڳو نواز ليگ جو ڪردار سوال اٿاريندڙ آهي، پر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ قيادت جو عمل ۽ انداز به عجيب ۽ غريب آهي. جڏهن بجلي بحران کي مخالف ڌر پاران سياست لاءِ استعمال ڪرڻ جو کين عمل نظر اچي ٿو ته صدر ايوانِ صدر ۾ روز جي بنيادن تي اجلاس به ڪري ٿو. بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي تيل جي فراهمي ڪندڙ ادارن لاءِ رقمون به جاري ٿين ٿيون. حڪومت کي بجلي بحران سياست لاءِ استعمال ٿيڻ کان اڳ عوام جي تڪليفن جو احساس ۽ ادراڪ آخر ڇو نه ٿيو؟ جيڪي قدم صورتحال خراب ٿيڻ بعد حڪومت پاران کنيا ويا، اهي قدم بجلي لوڊشيڊنگ وڌڻ وقت به حڪومت کڻي پئي سگهي. پر اها حقيقت آهي ته بجلي لوڊشيڊنگ مامري تي ماڻهن جي ڪاوڙ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ بعد حالتن کي معمول تي آڻڻ جون حڪومت ڪوششون ڪيون. ان ڪري هڪ صوبائي حڪومت پاران ماڻهن کي ان مامري تي روڊن تي آڻڻ جتي سٺي روايت نٿي چئي سگهجي، تيئن وفاق حڪومت جي هر مامري تي دير سان پيش رفت ڪرڻ جي روايت به ڪا سٺي نه آهي. باقي رهي بجلي جي موجوده بحران جي ڳالهه، ته ان ۾ جيترو پيپلز پارٽي ذميوار آهي، اوترو ئي ڏوهه نواز ليگ جو به آهي. پ پ ذميوار ان ڪري آهي جو پ پ سوا چئن سالن دوران ٿرڪول تي ڪم نه ڪيو، پر اڃا تائين هڪ منصوبو به مڪمل نه ڪرائي سگهي آهي. ائين اڳوڻي پ پ حڪومت ۾ به ٿرڪول جو منصوبو شروع ڪيو ويو ته ميان نواز شريف جي حڪومت اچڻ بعد ان کي بند ڪيو ويو. موجوده حڪومت ۾ هڪ ائٽمي سائنسدان ٿر جي ڪوئلي مان انڊر گرائونڊ گيسيفڪيشن جي منصوبي کي ڪامياب قرار ڏئي ٿو ته پلاننگ ڪميشن جو ميمبر ان منصوبي کي ناڪام قرار ڏئي ٿو. حڪومت جي ان وڏي سرڪاري اداري جي اهڙين ڳالهين سان ٿرڪول ۾ سيڙپڪاري لاءِ سوچيندڙن مٿان ڪهڙو اثر پوندو، ان بابت اندازو لڳائڻ ڪو ايترو مشڪل نه آهي. مطلب ته عوام سان سياست ته سياستدان گهڻي عرصي کان ڪندا پيا اچن، هاڻي عوام جي اهنجن، تڪليفن، پيڙائن کي به ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي سياست، سياست ۾ بيرحم لاڙي جو اضافو آهي. ماڻهو چونڊن ۾ ان اميد سان ووٽ ڏين ٿا ته سندن نمائندا سندن اهنجن کي ختم ڪندا. عوام ان اميد ۽ خواهش سان سياسي جماعتن کي ووٽ نٿو ڏئي ته اهي حڪومت ۾ اچي يا مخالف ڌر ۾ رهي هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ ۾ پنهنجون توانائيون صرف ڪندا رهن ۽ عوام جا مسئلا اتي جو اتي هجن. اوهان موجوده حڪومت جي سوا چئن سالن جي وقت کي ڏسندوء ته ملڪ اندر حڪومت جي خاتمي جا اشارا ڏيندڙ جيڪي به بحران پيدا ٿيا، تن ۾ عام ماڻهن جي ڀلي جو ڪو نقطو شامل نه هو، رڳو سياسي ڌرين جي هڪ ٻئي کي ڪنهن نه ڪنهن نموني مات ڏيڻ جي انهن بحرانن ۾ خواهش لڪل نظر اچي ٿي. ان صورت ۾ عوام جو جمهوريت ۾ ويساهه ڪيئن مضبوط ٿيندو؟ جڏهن مهانگائيءَ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بيروزگاري عروج تي آهي، امن لاءِ ماڻهو ماضي جون ڳالهيون ڪري سڪون لاهيندا هجن. انصاف، حقدار کي حق ۽ اهليت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جا رستا بند ٿي چڪا هجن يا ته انهن اڳيان رڪاوٽون رکيون وڃن ۽ سياستدان سڀ مامرن کي ڏسندي پنهنجي سياسي ايجنڊا تي عمل ڪندي ريس ۾ لڳل هجن ته پوءِ جمهوري نظام جو ملڪ اندر مستقبل ضرور داءُ تي نظر ايندو، بلڪل ائين، جيئن عاصمه جهانگير محسوس ڪيو.

حڪومت جي آئيني مدت 5 سال مڪمل ٿيڻ ۾ رڳو 10 مهينن جو وقت باقي وڃي رهيو آهي. ان کي سڪون سان گذرڻ گهرجي ها، پر مخالف ڌر پنهنجي ۽ حڪومت پنهنجي 10 مهينن جي ايجنڊا جوڙي آهي، انهيءَ حڪمت عملي ۾ انهن ڌرين جو سياسي فائدو ته نظر اچي رهيو آهي، پر عوام ايجنڊا ۾ نظر نه اچي رهيو آهي. جنهن عوام وٽ سڀني کي وڃي سوالي ٿيڻو آهي، ان عوام کي ايترو بيخبر، سادو، سمجهي سياستدانن کي عوام سان سياست نه ڪرڻ گهرجي.

kawishmb@yahoo.com

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com