|
پريت وڃائي پت لوڪو! گلشن لغاري
سنڌ سان بيوفائي جو سڀ کان وڏو ثبوت ته پنهنجي لاڏلي اتحادي ڌر جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ، راتو رات اهڙي قسم جو فيصلو مڙهي، سنڌ ۽ ڪراچي ۾ الڳ مڪاني نظام رائج ڪرڻ واري فيصلي وقت ڏيئي ڇڏيو هو، جنهن بابت پ پ کي اها غلط فهمي هئي ته سنڌ چپ چاپ سندس پاران جمهوريت لاءِ مفاهمت جي آڙ ۾ اها ويساهه گهاتي قبولي وٺندي، پر پ پ کان اهو وسري ويو ته سنڌ جنهن ايوب خان، ضياءُ ۽ مشرف جهڙن ڊڪٽيٽرن کي گوڏا کوڙايا، اها پي پي جي شهيدن جي رت جي آڙ ۾ ٻين ويساهه گهاتين کي ته برداشت ڪري سگهي ٿي پر ڌرتيءَ کي ڪيڪ سمجهي، ٽڪرا ڪري پليٽ ۾ رکي، اتحادين کي تحفو ڪري ڏيڻ واري ويساهه گهاتي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي، پر هاڻي هڪ دفعو وري ساڳي پ پ جي اتحادي ڌر پاران سنڌ جي وحدت کي هاڃو رسائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش ۾ پ پ جي شرڪت کيس وڌيڪ وائکو ڪري ويئي آهي. پ پ سان پريت سنڌ جي ماڻهن کي مهانگي پئجي ويئي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي خون جو قرض لاهيندي لاهيندي، سنڌ انهن جي سياسي پونئيرن هٿان تباهيءَ ۽ بربادي جي رستي تي پهچي ويئي آهي. انهن شهيدن لاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندڙ سنڌ جو عوام پنهنجي ئي ووٽ ذريعي حڪمران بڻيل انهن ماڻهن جي اهڙي روپ کي ڏسي ورتو آهي، جنهن سان حڪمرانن جي نيت ۽ پت وائکي ٿي چڪي آهي، ڇو ته ٻيا ڪي فائدا ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي سادن سٻاجهڙن ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي پريت جي پت به نه رکي ويئي آهي، انتهائي ڏک واري ۽ عجب جهڙي صورتحال آهي، جو اڄ سنڌ جي ماڻهن کي ايترو خطرو دشمنن کان محسوس نٿو ٿئي جيترو انهن جي پنهنجي ان محبوب عوامي پارٽي مان آهي ته خبر ناهي اوچتو وري ڪڏهن اها سنڌ جو سنڌ دشمنن سان ڪو ڳجهو سودو ڪري دوکو ته نه ڏيندي! هونئن به عملي طور سنڌ کي اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ واري ڪارڊ کان وڌيڪ اهميت موجوده دور جي چئن سالن ۾سنڌ جي پنهنجي ووٽن سان اقتدار ۾ آيل حڪمرانن ڪڏهن به نه ڏني آهي. شيخ اياز جي سٽ هانءُ مان سٽ کائي سور وانگي اڀري اچي ٿي ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچي ٿو: اڄ پريت وڃائي پت لوڪو، سنڌ جي ماڻهن تڏهن به برداشت ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو، ”بينظير آئيگي روزگار لائيگي“ جي نعري هيٺ بي بي شهيد جي عوام کي ڏيکاريل خوابن کي پائمال ڪيو ويو ۽ عوام کي بک، بيروزگاري ۽ بدامني جي اوڙاهه ۽ عذابن ۾ ڌڪيو ويو ۽ انهن اکين ڏٺين سوداگرين کي به جمهوريت جي چادر ۾ ويڙهي، دانهون ڪيون ويون ته عوام جي راڄ کي برداشت نٿو ڪيو وڃي. عوام جو راڄ چار سالن ۾ ڪٿي به سنڌ ۾ نظر نه آيو. سنڌ جي ماڻهن کي اٽي لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ ڦريندڙ ۽ لٽيندڙن ته سنڌ جي ماڻهن کان انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن سان هٿرادو ٻوڏن وسيلي اباڻا اجها کسي کين دربدر ڪري، روڊن تي پنڻ تي مجبور ڪيو، پر تڏهن به سنڌ برداشت ڪيو. پر جمهوريت جو راڳ الاپيندڙن کان پاڻ ته ڪڏهن به سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ نه پڳو پر جڏهن ڀٽ شاهه تي سنڌي ماڻهن گڏ ٿي سنڌ جي خوشحالي جي ڳالهه ڪئي ته اها به کانئن برداشت نه ٿي ۽ان جي مخالفت ۾ وڏا بيان ڏنا ويا. سنڌ جي ڏکويل پيڙيل عوام کي وڌيڪ ايذائيندڙ ۽ ڌارين سان گڏجي رت روئاڙيندڙن جي سنڌ سان سچائي ۽ وفاداري جي دعوائن تي سنڌ هاڻي ڪيئن اعتبار ڪندي؟ ياد رهي ته ميمو معاملي کان وٺي عدليه ۽ فوج سان تضاد وارا معاملا پ پ جي سر تان ٽريا ضرور آهن پر ايندڙ ٽينيوئر پ پ کي ملڻ ناممڪن پيو نظر اچي. تجزيانگارن چواڻي ته ”هاڻي اليڪشن ۾ اصل مقابلو عمران خان ۽ نواز ليگ ۾ آهي، موجوده حڪومت عوام ۾ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته اها اقرباپروري ۽ ڪرپشن سبب عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. ان ڪري اقتدار کي آيل جهٽڪن دوران پ پ پاران سنڌ کي ڪارڊ طور استعمال ڪرڻ وارو پتو کيڏڻ جو فيصلو ڪندي، اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ ”عوام وٽ وڃڻ“ جو اشارو پڻ ڏنو هو. پر اسٽيبلشمينٽ به کيس عوام وٽ وڃڻ وارو موقعو نه ڏنو ۽ ميدان ۾”ٽين ڌر“ کي وڏي طاقت طور لاهي ڇڏيو آهي. نواز ۽ پ پ جي تازي مفاهمت پڻ ان خطري کي محسوس ڪرڻ بعد عمل ۾ آئي آهي.منهنجو سنڌ جي ساڃاهه وندن کان سوال آهي ته ڪيترو وقت اڃا سنڌ بي گناهه لوڙيندي رهندي؟ ڇا اهي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازشن ۾ سهڪار ڪرڻ وارن جي تعريف جا راڳ الاپيندا رهندا ۽ ملندڙ مراعتن عيوض سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي گروي رکندڙ ۽ بار بار ويساهه گهاتيون ڪندڙ وڏيرن جي پٺيان پاڻ به هلندا ۽ عوام کي هلائيندا رهندا؟ هاڻي اهو سچ چوڻ جو وقت اچي ويو آهي سنڌ جي جنت جهڙي ڌرتي کي ويران ۽ کنڊر بنائڻ وارن ماڻهن کي سچ چوڻ ۽ سندن اصليت کان پردو کڻڻ هاڻي ضروري آهي، جن پاران سنڌ جي ماڻهن لاءِ سنڌ ڌرتي ئي جنت آهي ۽ ان جي مٽي سنڌين جي اکين لاءِ سرمي برابر آهي. پر اقتدار پرست ڇا ڄاڻن ته سنڌ ڌرتي ڇا آهي؟ هيءَ ڪهڙي موڙهي مت لوڪو ڌرتي به ته آ جنت لوڪو gul_adersh@hotmail.com |
|
The Kawish Group of
Publication |