|
عيدميلادالنبي صه حضور صه جن جي ولادت انسانيت جي بخت جو ڏينهن! مسعود لوهار سُهڻا اهڙا جو سندن چهري جي روشني سان ٺُپ اونداهيءَ ۾ بييبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها وڃائجي ويل سُئي ڳولي لڌي. نفيس ايترا، جو سندن جسم تي ڪڏهن مک نه ويٺي. سندن پگهر جي خوشبوءِ کٿوري ۽ مشڪ کان وڌيڪ هئي، ايتري تائين جو ڪيئي عاشق سندن پگهر مبارڪ کي ڪو زمانو عطر جي طور استعمال ڪندا رهيا. هلندا هئا ته ڄڻ زمين ويڙهجي ٿي وئي. مجمعن ۾ بيٺا هوندا هئا ته پري کان نمايان لڳندا هئا. سندن نيڻ مبارڪ وڏا هئا. سندن ڇاتي ويڪري، هٿن مبارڪن جون آڱريون ماسيريون هيون ۽ ڏند مبارڪ سُهڻا هئا. ترمذي ۽ طيالسي حضرت علي سائين عه کان روايت ڪن ٿا ته مون سندن جهڙو حسين ۽ جميل انسان نه پهرين ڪڏهن ڏٺو ۽ نه پوءِ. پاڻ سڳورا جي مسڪرائيندا هئا ته روشني جي تجلي وانگر آسو پاسو چمڪي پوندو هو. ڏند ته تن جا موتين لڙيون، مھڻي آ مسڪار اکڙيون جن جون رحم ڀريون ۽ مصري آ گفتار پگھر ۾ خوشبوءِ مشڪ کٿوري، چوڏس ٿي مھڪار ھلن جڏھن ته نچي زمين، ڏسن ته چنڊ پڻ ٿيو ٻه ڦار مغربي فلسفين، خاص طور نتشي ۽ برگ سان، باوجود ان حقيقت جي ته اھي ناستڪ ھئا ۽ مذھب ۾ يقين نه رکندا ھئا، ڪامل انسان ۽ اانسانيت جي اعليٰ ترين مرتبي جي ڳالھه ڪئي آھي. نٽشي جو Overman ۽ برگسان جو Elan به انسانيت جي ڪمال ڏانھن اشارا آھن. جيتوڻيڪ نٽشي جو Overman ڪجهه منفيت ڏانھن مائل آھي، پر ھو ڳالھه ڪري ٿو اھڙي انسان جي، جيڪو پنھنجي قوت سان موجوده قدرن کان اڳتي نڪري ۽ انسانذات جي خامين مٿان حاوي ٿي وڃي. ڳالهه آھي انسانِ ڪامل جي! الله جي حقيقي نائب جي! انساني تاريخ ڪيترن ئي عظيم انسانن جي مثالن سان ڀري پئي آھي، جن ڌرتي ۽ انسانن تي پنھنجي فڪر ۽ عمل سان اڻمٽ ڇاپ ڇڏي آھي. پر سڄي دنيا جا مفڪر ۽ جديد دؤر جو فھمِ عام (Common Sense) ان ڳالھه تي متفق آھي ته انسانيت جي ڪمال تي جي ڪو پھتو ته اھو جيڪو دشمنن سان احسان ڪندڙ، يتيمن جو ڀرجھلو، سخي، بيپناھ حياءَ وارو ۽ نوڙت ڪندڙ ھو. مائيڪل ھارٽ پنھنجي ڪتاب ”تاريخ جا سؤ عظيم ماڻھون ” (The 100 Most Influential Persons in History) ۾ انساني تاريخ جي ھزارن سالن دؤران دنيا جي سڀني عظيم انسانن جي ڪردار ۽ دنيا تي انھن جي اثر جو ڪاٿو لڳائي رينڪنگ (Ranking) ڪئي آھي. 1978ع کان ھو لاڳيتو اھا رينڪنگ ڪندو اچي پيو ۽ ڄاڻايل ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن پڻ ڇپجي چڪا آھن. سندس رينڪنگ ڪيل لسٽ ۾ سڀ کان مٿي جنھن ھستي جو نالو آھي، اُھو اُھو ئي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلھِ وسلم آھي. الله تعاليٰ سان بنفسِ نفيس ”ٻن ڪمانن جي فاصلي يا ان کان به گھٽ” تان ملاقات ڪرڻ واري ھن ڪائنات جي مالڪ ۽ ٻنھي جھانن جي سلطان، جنھن ڏينھن وصال فرمايو ته سندن گھر ۾ ڏيئي ٻارڻ جيترو تيل به نه ھو. مسڪيني، نوڙت، درگذر، صبر ۽ ڪريمي جي عظيم مظھر ۽ انسانذات جي ھن عظيم محسن کي جڏھن طائف وارن پٿر ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو ته پاڻ سندن لاءِ بددُعا بجاءِ دعا ڪيائون ته الله کين ھدايت ڏئي جو ھو کيس سڃاڻن نٿا. سچ آھي ته اھڙي ھستي نه اڳي ٿي نه ٿيندي. لطيف سائين جي لفظن ۾ ”مٽي ان مقام اصل ھُئي ايتري“ يا ”ڪونه ٻيو ڪرمي جيڏو تو جھان ۾.“ صوفين ۽ عارفن جو اھو چوڻ آھي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم انسانيت جو ڪمال ھئا ۽ سڀني مذھبن جي ڪسرت پويان بنيادي وحدت جي تجديد ۽ تڪميل ڪرڻ آيا ھئا. سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”ديارِ دل داستانِ محبت“ ۾ پنھنجي صوفياڻن تجربن ۽ تعليمات جي حوالي سان لکيو آھي ته کيس سنڌ جي عظيم مفڪر حضرت علامه آءِ آءِ قاضي کان اھا ئي تعليم ملي ته اسلام ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت کي پروڙڻ جو ئي پيغام آندو آھي. اھا ھڪ سليم العقل ماڻھون لاءِ دلچسپي جي ڳالھه ھوندي ته اسلام اھو واحد دين آھي، جنھن ۾ ان وقت تائين توھان جو ايمان مڪمل نٿو ٿي سگھي، جيستائين اڳ وارن سڀن نبين ۽ صحيفن کي مڃڻ جو اقرار نه ڪريو. ان کي صفت ايمان مڪمل چوندا آھن. سڀني مذھبن ۾ اھڙا چٽا اشارا ملن ٿا، جنھن ۾ مذھب جي تڪميل ۽ انسانيت جي ڪمال لاءِ ڪنھن ھستي جي اچڻ جو چيو ويو آھي. ٻنهي جهانن جي بادشاهي ۽ اقتدار جي باوجود دنيا جي هن عظيم انسان جي نوڙت، رحمدلي ۽ سخاوت جا داستان سندن مهانتا جا ترانا آهن. سندن طبيعت ۾ رحم، سخاوت، وڙ، صبر ۽ ڪرم نوازي جون ڪجهه جھلڪيون حاضر آھن: . ھڪ ٻڍڙي يھودڻ سائين صه جن مٿان واٽ تي گند ڪچرو اڇلائيندي ھئي، جنھن سان سائين جن جا ڪپڙا خراب ٿي ويندا ھئا، پر پاڻ صه صبر سان ھليا ويندا ھئا ۽ ٻڍڙي کي ڪجھه نه چوندا ھئا. ڪجھه عرصي کان پوءِ گند ڪچرو ڪرڻ بند ٿي ويو. پاڻ سبب معلوم ڪيائون ته پتو پيو ته ٻڍڙي بيمار ٿي پئي آھي. پاڻ مزاج پرسي لاءِ ٻڍڙي جي گھر ھلي ويا. . امام بخاري کان روايت آھي ته حضرت انس رضه چيو ته ھڪ ڀيري حضور سائين جن سان ڪنھن طرف وڃي رھيو ھوس. پاڻ سڳورن جي ڳچي مبارڪ ۾ پيل چادر کي ھڪ اعرابي زور سان جھلي ڇڪ ڏني ۽ پلئه پڪڙ ي ڳچي مبارڪ تي وٽڻ لڳو، جنھن سان سندن ڳچي مبارڪ ڇلجي پئي. ان کان پوءِ ان اعرابي پاڻ سڳورن کي چيو ته، اي محمد صه خدا جي ان مال مان، جيڪو تو وٽ آھي، مون کي ڏي نه ته آءٌ چادر مان ھٿ نه ڪڍندس. انھيءَ تي سرڪار صه مسڪرايو ۽ مون کي اعرابي کي ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيائون. . ھڪ يھودي واپاري جو حضور صه سائين جن تي قرض ھو ۽ ھڪ ڏينھن واٽ ويندي حضور سائين جن کي روڪي کانئن قرض جي واپسي جو مطالبو ڪيائين. پاڻ سڳورن يھودي کي نماڻائيءَ سان ياد ڏياريو ته قرض جي واپسي لاءِ مقرر مدت ۾ اڃان ٻه ڏينھن پيا ھئا. پر يھودي ساڻن ناروا سلوڪ جو مظاهرو ڪيو ته، حضرت عمر رضه ۽ ٻيا صحابي ناراض ٿي پيا. حضرت عمر رضه تلوار يھودي تي تاڻي کيس سبق سيکارڻ جي اجازت گھري، پر پاڻ فرمايائون ته، ”اي عمر ڪاوڙ نه ڪر مون کي خدا جو حڪم آهي ته آءٌ ماڻھن جي لھڻي ليکي ۾ انصاف ڪريان.“ اھو واقعو تڏھن جو آھي، جڏھن مديني ۾ اسلامي حڪومت قا ئم ٿي وئي ھئي ۽ اھڙي اڻواجب رويي تي يھودي کي سخت سزا ڪا ناانصافي نه ھجي ھا، پر پاڻ اخلاق جي ھڪ نئين تاريخ رقم فرمايائون. حديث آھي ته اھو يھودي اتي جو اتي مسلمان ٿي ويو. حديثن ۾ آھي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم ڪڏھن به ڪنھن گُھرڻ واري کي ”نه“ نه ڪئي. جيڪڏھن وٽن نه ھوندو ھو ته کين قرض کڻي به ڏيندا ھئا. جيڪڏهن وٽن ايندو ھو ته ان وقت تائين ان جڳهه تان نه اٿندا ھئا، جيستائين اھو الله جي راھ ۾ ورھائي دنگ نه ڪن. ترمذي کان روايت آھي ته ھڪ دفعي کين نوي ھزار درھم مليا ۽ پاڻ تڏي تي رکي اوستائين ورھائڻ لڳا، جيستائين انھن مان ھڪ به نه رھيو. ھڪ دفعي ھڪ سوالي آيو. پاڻ فرمايائون ته مون وٽ ھينئر ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونھي، تون منھنجي نالي تي قرض کڻي وٺ، آءٌ پاڻھي قرض ڏيندس. محفل ۾ ويٺل حضرت عمر رضه عرض ڪيو ته سائين الله تعالي توھان تي بوجھه نٿو وجھي ته جيڪڏھن توھان وٽ ھڙ ۾ نه ھجي ته به توھان ڪنھن کي ڏيو. حضور سائين صه جن اھا ڳالهه پسند نه فرمائي. انھي تي ھڪ ٻئي صحابي چيو ته، سائين خوب خرچ ڪريو ۽ الله کان غريب ٿيڻ جو ڊپ نه ڪريو. پاڻ ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندن منھن مبارڪ تي تازگي اچي وئي. ڪيچان آيو قافلو عطر آندائون، خيمان کوڙيائون وريو بخت ڀنڀور جو! malohar@hotmail.com |
|
The Kawish Group of
Publication |