|
سنڌ ۾ ٻوڏ: سرڪاري ۽ سياسي ڌرين جي هڪ ٿيڻ جي ضرورت سيد اختر بخاري
سڄي ملڪ سان گڏ، سنڌ هڪ وڏي تباهيءَ مان گذري رهي آهي، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ماڻهن جو الهه تلهه، گهر تڙ سڀ ڪجهه لڙهي ويو آهي. سنڌ حڪومت، ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ اڳ ئي جيڪي خدشا ظاهر ڪيا هئا، ڳالهه انهن کان چڙهي وئي آهي. آبپاشي ۽ موسميات کاتي جي ماهرن سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ٽنهي بيراجن تي سنڌو درياهه جي وهڪرن بابت جيڪي اڳڪٿيون ڪيون هيون، ٻوڏ انهن کان به وڌي وئي. سنڌو درياهه سنڌ ۾ قيامت جهڙي دهشت پکيڙي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي، ڇو ته سنڌو درياهه جي پڇڙيءَ ۾ اڃا ٻوڏ هلندڙ آهي، سجاول ۽ جاتي ٻوڙڻ کانپوءِ به پاڻي مختلف آباديون ٻوڙيندو، چوهڙ جمالي ۽ بدين جو رخ ڪيو آهي، شاهه بندر وٽان لنگهي هي پاڻي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻو آهي. سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين جيڪا تباهي آئي آهي، ان جا انگ اکر اڃا تائين حتمي ته نه ٿا چئي سگهجن، پر سنڌ سرڪار جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيل صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران هينئر تائين جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن، انهن مطابق هن تائين سنڌ ۾ 179 ماڻهو ٻوڏ سبب اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، سنڌ جا پنج هزار ڇهه سئو ويهه ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، جن جا 47 لک 46 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سرڪاري رڪارڊ موجب لڳ ڀڳ 33 لک ايڪڙ زرعي علائقو متاثر ٿيو آهي، جنهن ۾ 18 لک 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن، لڳ ڀڳ ساڍا ڇهه لک گهر متاثر ٿيا آهن، جن ۾ چار لک کان وڌيڪ گهر مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن، ٻه لک کان وڌيڪ جانور مري ويا آهن، 3 هزار کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول امدادي ڪئمپن ۾ تبديل ٿيا آهن، جتي 9 لک 96 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ زندگي بسر ڪري رهيا آهن. لڳ ڀڳ 10 لک سنڌي ماڻهو هڪ وقت جي مانيءَ لاءِ اوسيئڙي ۾ آهن، پر شايد ان جيترا ماڻهو غير سرڪاري ڪئمپن ۾ هجن. ٻوڏ سنڌ جي معيشت کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، زراعت کي سڀ کان وڏو ڌڪ لڳو آهي، سرڪاري رڪارڊ موجب، سنڌ کي 446-ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ان ۾ سارين، ڪمند، ڪپهه جا فصل شامل آهن. ايندڙ ربيع ۾ 25 لک 25 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهٽ ٿيندي، جنهن سبب ساڍا ٻارنهن ارب رپين جو نقصان ٿيندو، جڏهن ته چوپايو مال مرڻ سبب 7 ارب رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي، 134-ارب رپين جا گهر ڊهي ويا آهن، 37-ارب رپين جا پڪا روڊ لڙهي ويا آهن. اڍائي ارب رپين جا صحت مرڪز، 26-ارب رپين کان وڌيڪ رقم جا اسڪول تباهه ٿي ويا آهن. هي سمورا انگ اکر معاشي، اقتصادي ۽ سماجي نقصان طرف اشارا آهن، پر سڀ کان وڏو نقصان انسانن جو آهي، ان جو ڪو ازالو ڪونهي. ماڻهن جي دربدر ٿيڻ گهر لڙهي وڃڻ ۽ جلاوطن ٿيڻ جو احساس ڪا معمولي ڳالهه ڪانه آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ اندر پهريون ڀيرو لکين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، 10 کان 15 لک ماڻهو پنهنجا ڳوٺ اجڙي وڃڻ کانپوءِ امدادي ڪئمپن ۾ آهن يا روڊ تي ستل آهن، ڪا به سرڪار شايد ان ڏک جو ازالو نه ٿي ڪري سگهي. سنڌ ۾ ٻوڏ جي سياست ۽ مخالفت براءِ مخالفت ڪري، جهڙي ريت سنڌ سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ان جو ڪو به مثال شايد ئي ملندو! خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ به وڏي تباهي آئي آهي، سياسي پارٽين اتي به هڪ ٻئي جي مخالفت ڪئي، پر سنڌ ۾ ائين لڳي پيو ڄڻ هيڏي وڏي قدرتي آفت سنڌ سرڪار آندي هجي. هيڏين وڏين مصيبتن ۾ قومون سياست ۽ سياسي مفاد پاسي تي رکي هڪ ٿي وينديون آهن. اڄ جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو مصيبت ۽ آفت جي هن ڏکئي وقت متاثر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ٿين ته سنڌي قوم هن آزمائش مان ٻاهر نڪري سگهي ٿي! پر اسان وٽ سياست براءِ سياست تي زور وڌيڪ آهي. گڊو بيراج وٽان 13 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ لڳو، اهو پاڻي ڪٿي نه ڪٿي رخ مٽائي ها، ڪشمور ۽ ٽوڙي بند ۽ ٺٽي ۾سورجاڻي بند کي لڳل گهارن سبب سنڌ جا ڪيترائي وڏا شهر ٻڏي ويا، پر ٺٽي شهر، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ شهر کي بچائڻ جي حڪمت عمليءَ تي تنقيد ڪئي وئي. ڄاڻايل ٽنهي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز جي ڀرسان درياهه جو پاڻي پهچي چڪو هو، شهر به خالي ڪرايا ويا هئا، پر پوءِ به ڄاڻايل وڏا شهر ٻڏڻ کان بچي ويا. ظاهر آهي ته اها حڪمت عملي به ان ساڳي سرڪار جي هئي، جنهن تي تنقيد ٿي رهي آهي. ٻوڏ جي تباهي جڏهن ايندي آهي ۽ ٻوڏ جو پاڻي جڏهن شهرن ۾ ڪاهي پوندو آهي، تڏهن اها حڪمت عملي اختيار ڪبي آهي ته پاڻي جو رخ وڏين آبادين کان موڙي جهنگ يا گهٽ ۾ گهٽ ان طرف ڪجي، جنهن طرف گهٽ آبادي هجي، ڇو ته گهٽ آباديءَ وارا ڳوٺ جلد خالي ڪري سگهبا آهن. ٻيو اهو ته اها ڪوشش ڪبي آهي ته پاڻي انساني آبادين ۾ داخل ٿيڻ ۾ دير ڪري، جيئن اهي آباديون خالي ڪرائي سگهجن. ٺٽي ضلعي مان 8 لک ماڻهن کي سندس علائقن مان ٻاهر ڪڍي خشڪيءَ تي آندو ويو آهي، پر ٺٽي ۾ ٻوڏ سبب هڪ ماڻهوءَ جو موت به اڃا تائين رڪارڊ نه ٿيو آهي. اها تنقيد ضرور ٻڌڻي پئي ته انتظاميا اڳواٽ شهر ڇو خالي ڪرايو؟ هر شهر جا ماڻهو اهي رڙيون ڪري رهيا هئا ته سندن شهرن کان پاڻي پري آهي، اڳواٽ شهر ڇو خالي ڪريون! پر انتظاميا پنهنجا وسيلا ڏسندي آهي، گهٽ وسيلن ۾ کين سڀ ڪم ڪرڻا هوندا آهن. ظاهر آهي ته هو اڳواٽ شهر خالي ڪرائيندا ته متان ڪو شهري ٻڏي نه وڃي. ماڻهو ٽي وي چينلن تي مڇريا ويٺا آهن ته انهن اسان جا شهر اڳواٽ خالي ڪرايا، اصل ۾ هي تنقيد ئي اجائي آهي، انتظاميا عوام کي اڳواٽ ٻڌائڻ خاطر وارننگ جاري ڪندي آهي ۽ پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ چينلز سبب اڄ ٻوڏ جي هر ڳالهه رپورٽ ٿي رهي آهي، جيڪي ماڻهو گهر ۾ ويٺا آهن، کين خبر ناهي ته درياءَ جو پاڻي سندن گهر ڀرسان پهچي چڪو آهي پر ٽي وي چينلز پنهنجي نشريات ذريعي انهن ماڻهن کي آگاهه ڪري رهيا هئا ته پاڻي سندن گهر وٽ پهچي چڪو آهي. حڪومت، انتظاميا، يا ميڊيا پاران اڳواٽ ٻڌائڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ماڻهن کي اڳواٽ ٻاهر ڪڍجي ته جيئن جاني نقصان گهٽ کان گهٽ ٿين. مجموعي طور تي سنڌ ۾ جاني نقصان بلڪل گهٽ ٿيو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ وڏي پيماني تي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. سنڌ سرڪار 10 لک ماڻهن تائين امداد پهچائي رهي آهي، هڪ ئي وقت 10 لک ماڻهن کي سنڀالڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي! ساڳئي ريت خانگي ادارا به پنج ڇهه لک ماڻهن کي سنڀالي رهيا آهن. سنڌ ۾ سياست براءِ سياست جو هي بلڪل وقت نه آهي. حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي ۽ اسين سرڪار جي خامين تي تنقيد به ڪندا آهيون، پر ٻوڏ تي سياست ڪرڻ ٻوڏ ستايل ماڻهن سان ۽ ملڪ سان وڏي ناانصافي ٿيندي، حڪومت جي هٿ ونڊائڻ جي ضرورت آهي. |
|
The Kawish Group of
Publication |