سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جي قيمت تي هلندڙ هلچل!

حفيظ قريشي

سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر، جيڪو پڻ هڪ اُستاد هو، جنهن جي هڪ استاد محترم بشير احمد چنڙ جي ظالماڻي قتل کانپوءِ ٿيندڙ اُستادن ۽ ملازمن جي هڪ ڊگهي احتجاج بعد اهو اعلان ٿيو ته نظير مغل ٽن مهينن جي ڊگهي موڪل تي آمريڪا ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ان سان گڏ سول جج جي سرواڻيءَ ۾ جوڊيشل انڪوائري جو اعلان به ٿيو. سمجهيو اهو پئي ويو ته هن جي واپسيءَ جو سوال ٻُڙي آهي، پر هو وري واپس اچي ويو آهي، جنهن کان پوءِ استادن هڪ ڀيرو وري پنهنجي هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪو وائيس چانسلر اچي يا وڃي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪو نئون وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ پُرامن ماحول ۽ استادن، ملازمن ۽ شاگردن کي پنهنجي سر تحفظ فراهم ڪري سگهندو؟ هن ملڪ/ رياست اندر سماج جي هر سطح تي تهه در تهه مافيائون راڄ ڪري رهيون آهن، اُهي مافيائون امن ۽ تعليم دشمنيءَ جو وڏو منشور رکندڙ آهن. هڪ چوڻي آهي ته: ”ماءُ پيءُ، ٻار کي آسمان مان کڻي هيٺ زمين تي آڻيندا آهن ۽ اهو رڳو استاد ئي آهي، جيڪو ان ٻار کي زمين تان کڻي آسماني اوج ڏياريندو آهي.“

اڄوڪي سڄي سنڌ جي ڏکوئيندڙ منظر کي ايندڙ وقت جو تاريخ لکندڙ هيئن لکندو ته، ”....ايستائين جو ان دور ۾ سنڌ جا پرائمري کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين جا استاد پنهنجي تاريخي ذميوارين کان انتها درجي جا غافل ۽ ايترا لاپرواهه هئا، جو هو پنهنجي جائز يا ناجائز مطالبن جي پورائي لاءِ احتجاج جي اڏي تي مهينن ۽ سالن تائين تعليمي قتلام (Educational Genocide) جو ڪارڻ بڻجندا رهيا.“ تاريخ ڪنهن به دور جي سماج جي باشعور ۽ ذميوار فردن جي غفلت ۽ لاپرواهي کي هرگز نه بخشيندي آهي، بلڪل ائين جيئن وطن جي غدارن جي، دنيا جي ڪنهن به آئين ۾، بخشش ناهي. سنڌ جي ٻهراڙين جا اسڪول، شهري ڪاليج ۽ ويندي يونيورسٽيون عجيب صورتحال جو شڪار آهن. هڪڙا اسڪول ڀوتارن جون اوطاقون بڻيل آهن، ٻين اسڪولن ۾ استاد ڪونه ٿا اچن، حالت اها آهي جو سنڌ جو مک علمي ادارو سنڌ يونيورسٽي هڪ مهيني کان هڪ استاد محترم بشير چنڙ جو اڻ ڄاتل ماڻهن هٿان قتل ٿيڻ کانپوءِ لاڳيتو بند آهي. قاتل ائين ته ڪونه گرفتار ٿيندا آهن، جيئن اوهان چاهيو ٿا؟ ڪنهن اهڙي قتل جو تاڃي پيٽو ڳولهڻ ۽ ڦولڻ لاءِ تمام ڌيرج ۽ صبر جي ضرورت آهي. هنن هنبوشيون هڻڻ سان ته قاتل ئي ڦٻي ويندا.

پنهنجن حقن لاءِ احتجاج جو حق سماج جي هر هڪ فرد کي حاصل آهي، پر علم جو امرت پيارڻ وارن کي پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌي سماج جي تعليم جو ڪوس ان ريت ڪرڻ، هرگز سڀاويڪ ناهي. دنيا ۾ انتهائي جنگ جي حالت ۾ به تعليمي ادارا بند نه ڪيا ويندا آهن. تنقيد ڪندڙ ماڻهو پڇن ٿا ته، ”رڳو 2011ع ۾ انهيءَ علمي اداري شهيد ٿيل شاگردن رميز سهاڳ، بابر سنديلي، ۽ ٻين اهڙن اهم مامرن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ٽوڪن طور هڪ ڏينهن ته ڇڏيو، پر هڪ ڪلاڪ جو به هڪ مظاهرو ڪونه ڪيو هو. هاڻ اوچتو ڇا ٿيو اٿن؟ سوال اهو آهي ته ڇا اُهي شاگرد انهن استادن لاءِ اولاد جيان نه هئا؟“ سڄي دنيا ۾ تعليمي ادارن جو پنهنجي سماج جي انيڪ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڏسجي ٿو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ ته عوامي ليگ کي 6 نقطا ٺاهي ڏنا، جن جي آڌار تي بينگالي ظلم کان آجا ٿي ويا. سڄيءَ سنڌ ۾ 30 سالن کان نسلي فساد، قبيلائي فساد ٿي رهيا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا استاد پنهنجن شاگردن وسيلي گهڻو ڪجهه اڄ به ڪري سگهن ٿا. ڪجهه شعبا جهڙوڪ: ڪرمنالاجي، سوشيالاجي، سوشل ورڪ، ماس ڪميونيڪيشن، ويندي تاريخ وارا شعبا پنهنجو قومي ڪارج ادا ڪندي تحقيق ڪري، انهن قبيلائي ۽ نسلي فسادن جو تاڃو پيٽو ڳولي، اصل مستقل مفاد قوتن کي نروار ڪري سگهن ٿا. رڳو انهن شعبن جي شاگردن کي 200 مارڪن جي هڪ اهڙي اسائنمينٽ جي نتيجي ۾ سڄيءَ سنڌ جي انيڪ قبيلائي ۽ خاص طرح سان ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين اهم معاملن تي تحقيقي رڪارڊ جڙي سگهي ٿو.

هتي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ته هزارين بشير چنڙ بي گناهه مري ۽ مارجي رهيا آهن. انهن جي واهر هيءَ استحصالي رياست نه ڪندي، تعليمي ادارا ڪندا. بشير چنڙ جي بيگناهه موت جي پويان رياستي مستقل مفاد قوتن جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يا ان کان به ڪا ٻي طاقتور ڌر ملوث ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جدوجهد ڪندڙ پاڻ چڱيءَ ريت سمجهي سگهن ٿا. موجوده صورتحال ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انيڪ مافيائون سرگرم هجن، اتي هڪ نئين انتظاميا سنڌ يونيورسٽيءَ جي مانوارن استادن کان وٺي هر ڪارڪن ۽ شاگرد کي تحفظ ڏئي سگهندي؟ اها ڳالهه انهيءَ تحفظ جي آهي، جيڪو اسان کي رياست سان اکين ۾ اکيون وجهي وٺڻو آهي، ڇو ته امن امان ۽ تحفظ جي ذميواري رياست جي ذميوارين ۾ شامل ۽ هٿ وس آهي. هو چاهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ ۾ مڪمل امن امان قائم ڪري سگهي ٿي. ياد رکڻ گهرجي ته احتجاج جو اهو طريقو هرگز درست ناهي، جو هڪ مهيني تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل بند رهي. احتجاج ڏاڪي به ڏاڪي ڪيو ويندو آهي. آءٌ انهيءَ راءِ جو آهيان ته قاتلن جا پيرا وائيس چانسلر هائوس ڏانهن نٿا وڃن، ڪوبه منتظم پنهنجي حامي ۽ حمايتي ساٿي يا ٻانهن ٻيليءَ کي ڪونه مارائيندو. ها، ان ۾ انيڪ انتظامي ڪوتاهيون ضرور شامل هونديون. جڏهن شاگرد قتل ٿي رهيا هئا، تڏهن ڇو نه اهڙا پُختا قدم کنيا ويا؟ شاگردن ۽ سياسي ڌرين ۾ متڀيد وارو رويو ڇو رکيو ويو؟ جنهن جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿيو؟ هيل تائين وائيس چانسلر خلاف الزام، زباني ڪلامي حد تائين آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي 80ع واري ڏهاڪي جي هڪ اڳوڻي وائيس چانسلر جيڪو شاعر ۽ ماهر هو، ان جي خلاف اهڙي هلچل هلائڻ کان گهڻو پهرين هٿ سان لکيل هڪ ”وائيٽ پيپر“ ورهايو ويو هو، جنهن ۾ هن جي دور جي ڪيل سمورن لائق ڪمن جو تفصيل ڏنل هو. انهيءَ وائيٽ پيپر جي بنياد تي 10 مهينا سنڌ يونيورسٽي بند رکڻ واري اُنهيءَ وائيس چانسلر جي رخصتي ممڪن ٿي. هيل تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي تنظيم اهڙو ڪوبه دستاويز يا چارج شيٽ وائيس چانسلر نظير مغل خلاف آڻي نه سگهي آهي. ان ڪري اهڙي هلچل تاريخ ۾ صفا بي بنياد ليکي ويندي. هن هلچل جي ڪري سمورو تعليمي نقصان شاگردن جو ئي ٿيو آهي، ان لاءِ ڇا اهي سمورا استاد جن وائيس چانسلر خلاف هلچل ۾ حصو ورتو آهي، سي انهيءَ پڙهائي، جي نقصان جو تدارڪ ڪري سگهندا؟ اهي سمورا مهربان استاد رات تائين خاص ڪلاس هلائي اهڙي تعليمي نقصان ۽ حرج جو پورائو ڪندا ڇا؟ يا اهو نقصان تاريخ ۾ سنڌ سان ٿيل ٻين نقصانن وانگر جمع ٿي ويندو ۽ سنڌ جي نوجوان نسل جي تعليمي لياقت کي هر پل، هر ڏينهن، هر مهيني ۽ هر سال پوئتي کان پوئتي ڪندو ويندو؟

ڳالهه صاف آهي ته سنڌ جي هر سمجهدار انسان کي تعليم جي نقصان جي آڌار تي ڪا به اهڙي هلچل منظور ناهي. ها هر سمجهدار سنڌي ماڻهو انهيءَ ڳالهه سان سهمت آهي ته تعليمي ادارن مان هر قسم جي تنظيمن تي پابندي وڌي وڃي ۽ ان جي جڳهه تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هر هڪ شعبي مان هڪ استاد جي نمائندگيءَ جي بنياد تي استادن جي مفادن جي ڪائونسل جوڙي وڃي. ان ريت ساڳي بنيادن تي ملازمن ۽ شاگردن جون ڪائونسلون جوڙيون وڃن، جن جا اجلاس هر ٽئين مهيني يا اوچتا ۽ هنگامي بنيادن تي به ٿي سگهن ٿا. ان ريت استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي مفادن جي رکوالي ڪري سگهجي ٿي. وائيس چانسلر کي به صلاح آهي ته هو استادن سان گڏ شاگردن ۽ ملازمن جي تحفظ وارو سوال رياستي ادارن جي چڱن مڙسن اڳيان اصولي موقف طور اُٿاري ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پلجندڙ هر قسم جي مافيائن کي رياستي ادارن جي سرپرستيءَ کان باز رکي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com