|
فرشتو اب تو سوني دو! اشفاق آذر
...۽ پوءِ هو سمهي رهيو، هڪ اهڙي ننڊ جنهن جي ڪا جاڳ ڪانهي! جگجيت سنگهه جي ساهن جي تند ڀلي ٽٽي پئي هجي پر هن جي آواز جي گونج ڪن زمانن تائين دلين کي گرمائيندي رهندي. جگجيت سنگهه ڄائو ڀلي ڀارت ۾ هو پر هن جي فن جي ڪا سرحد نه هئي، هن جو آواز ۽ هن جا سر ڪنهن به ويزا يا پاسپورٽ جا محتاج نه هئا، هو جتي به ويندو هو ته پنهنجي آواز جي جادو سان هر ماڻهو مٿان سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. 70ع ۽ پوءِ خاص طور تي 80ع جو ڏهاڪو سندس عروج جو دور هو، جڏهن هن غزل ڳائڪي جي فن کي هڪ نئون انداز بخشي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. هڪ ته هو ڀارت جي ڳائڪي جي تاريخ ۾ پنهنجي زال چترا سنگهه سان گڏجي ڳائيندڙ پهريون فنڪار جوڙو هو، جنهن جديد غزل ڳائڪي جو بنياد وڌو، ٻيو اهو ته هن انسان جي لطيف احساسن ۽ جذبن کي سرن ۽ آواز جي سنگت سان هڪ اهڙي زبان عطا ڪري ڇڏي جنهن سان گونگي عشق کي به اظهار جو هڪ سليقو هٿ اچي ويو.
70ع وارو اهو ڏهاڪو جڏهن غزل جي دنيا ۾ استاد مهدي حسن خان، نورجهان، ملڪه پکراج،
بيگم اختر ۽ طلعت محمود جي حڪمراني هئي، تڏهن هوا جي هڪ تازي جهوٽي وانگر جگجيت
سنگهه جو البم ”دي ان
جگجيت جي شروعاتي زندگي هڪ اهڙي ماڻهو جي زندگي آهي، جنهن کي ڳائڪي جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي. هو پنهنجي والدين جي 11 ٻارن مان ٽيون نمبر پٽ هو، جيڪي سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندا هئا ۽ جتي بجلي جو ڪو تصور نه هو ۽ پيئڻ جو پاڻي به ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو. هن جو ننڍپڻ به عام ٻارن وانگر شرارتون ڪندي گذريو. هن جي اندر جي ڳائڪ کي سڀ کان پهرين هن جي پيءُ دريافت ڪيو، جنهن کيس موسيقي جي شروعاتي تعليم جمال خان صاحب کان ڏياري. جيڪڏهن موسيقي سان جگجيت جو چاهه نه هجي ها ته سندس والد جي خواهش هئي ته هو بيوروڪريٽ ٿئي، پر جگجيت کي لتا، هيمنت ڪمار ۽ طلعت محمود جي آوازن پنهنجو ڪري ورتو هو. آل انڊيا ريڊيو تي آڊيشن ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ به هن همت نه هاري ۽ جڏهن آخر سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيو ته جگجيت جالنڌر ۾ هڪ ننڍڙي سيليبريٽي ٿي چڪو هو. پوءِ جيئن هر فنڪار جي خواهش هوندي آهي ته هو فن جي مرڪز يعني ممبئي ڏانهن سفر ڪري ته جگجيت به ممبئي هليو آيو، جتي هو 30 رپيا مسواڙ واري هاسٽل جي ڪمري ۾ رهڻ لڳو، ان هڪ ڪمري ۾ 3 ڄڻا رهندا هئا، جتي منگهڻن ۽ ڪوئن جو آزار الڳ هو. جگجيت سنگهه هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اهو سندس زندگي جو بهترين وقت هو، ان دور ۾ ئي هن زندگي جا مختلف رنگ ڏٺا، جوا کيڏڻ سکي، دوست ٺاهيا ۽ برٿ ڊي پارٽين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي انهيءَ زندگي مان خوش هو. ڪڏهن ڪڏهن تقريبن ۾ غزل ڳائي وٺندو هو پر فلمن ۾ چانس ملڻ جي حوالي سان هو اڃان تائين ميوزڪ ڊائريڪٽرس جي گڊ بڪس ۾ نه اچي سگهيو هو. موسيقار جئي ڪشن سندس آواز کي پسند ته ڪيو پر کيس ڳائڻ جو موقعو نه ڏنو، ان وقت سندس جمع پونجي به کانئس موڪلائڻ لڳي. هو ممبئي کان جالنڌر ٽرين ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو هو ۽ ٽي ٽي جي اچڻ تي ٽرين جي باٿ روم ۾ لڪي ويندو هو. ان هوندي به هن همت نه هاري ۽ گراموفون ڪمپني لاءِ ٻه غزل رڪارڊ ڪرايا. جڏهن البم لاءِ سندس تصوير ڪڍڻ جو وارو آيو ته هن روايتي سکن وارو پٽڪو لاهي پنهنجا ڊگها وار ڪٽائي ڇڏيا ۽ پوءِ سڄي زندگي ايئن ئي رهيو. 1969ع ۾ سندس ملاقات بنگالڻ گلوڪاره چترا سنگهه سان ٿي، جيڪا اشتهارن جا جنگلز ڳائيندي هئي. سندس شادي هڪ رڪارڊنگ اسٽوڊيو جي مالڪ سان شادي ٿيل هئي ۽ کيس هڪ ڌيءُ به هئي، ٻنهي ڄڻن گڏجي ڊيوٽس ڳائڻ شروع ڪيا ته سندن وچ ۾ تعلق به وڌڻ لڳو، ان وقت چترا جا پنهنجي مڙس سان اختلاف شديد ٿي چڪا هئا، جيڪي طلاق تائين پهتا. ان سال ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي جگجيت، چترا سان شادي ڪري ورتي ۽ ممبئي ۾ هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ سندس ڌيءَ مونيڪا سان رهڻ لڳو. اهو انتهائي مشڪل دور هو جڏهن جگجيت فقط پارٽين ۽ فنڪشنس ۾ ڳائي گذر سفر ڪندو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو هو ته کيس هڪ ڀيري هانگ ڪانگ ۾ شادي جي فنڪشن ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي پر کيس چيو ويو ته هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ ۽ کاڌي عيوض کيس روزانو اڌ ڪلاڪ تائين ڳائڻو پوندو، کيس الڳ سان ڪوبه معاوضو نه ملندو. اهڙين مشڪل حالتن ۾ 1971ع جو سال سندن زندگي جو خوشگوار سال هو، جڏهن سندن گهر ۾ هن جي پٽ وويڪ جنم ورتو، جنهن کي هو پيار مان بابو چوندا هئا. پنهنجين مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ چترا سنگهه نئين ڄاول ٻار کي هنج ۾ کڻي به جنگلز رڪارڊ ڪرائيندي هئي. جگجيت جو چوڻ هو ته باوجود سخت مالي مسئلن جي کيس ان وقت ايئن لڳندو هو، ڄڻ هو دنيا جو امير ترين شخص هجي. هڪ ڏينهن بابو پنهنجي دوستن سان گڏ پارٽي مان واپس موٽي رهيو هو ته کيس خبر پئي ته سندس پاڙيوارن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، وويڪ پنهنجي گاڏي حادثي واري هنڌ ڏانهن ڊوڙائي ته رستي تي سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. جگجيت ان وقت رڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ هو، هو رات جو 2 وڳي جڏهن گهر پهتو ته کيس اسپتال مان ڪال آئي، پر هو جڏهن اسپتال پهتو ته ان وقت سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو، بابو جي عمر ان وقت 19 سال هئي ۽ اهو سال 1990ع هو. اهو صدمو ٻنهي لاءِ ناقابل يقين ۽ برداشت جوڳو نه هو. چترا سنگهه ان صدمي کانپوءِ وري ڪڏهن اسٽيج تي نه آئي، نه ئي هن رڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ پير پاتو. چترا جو آواز خاموش ٿي ويو، هوءَ موسيقي کي الوداع ڪري روحانيت ۾ پنهنجي پٽ کي ڳولڻ لڳي ۽ جگجيت موسيقي ۾ ئي پنهنجي درد کي اوتڻ لڳو. سندس پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هن جو پهريون البم ”من جيتي جگجيت“ جي نالي سان سامهون آيو، جنهن ۾ هن جي درد ۽ تقدير جي فيصلن جي قبوليت کي چڱي ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان کانپوءِ جگجيت پاڻ کي موسيقي ۾ گم ڪري ڇڏيو. هن ڪيترائي البم ڏنا، هزارين غزل اڄ به سندس فن جي گواهي ڏين ٿا. هن دنيا ڀر ۾ پنهنجي مداحن سان درد جو هڪ اهڙو رشتو جوڙيو، جيڪو رت جي رشتن کان به وڌيڪ مضبوط آهي، جو ان رشتي جا عڪس سڄي زندگي تي نقش ٿي ويندا آهن. پنهنجي سر ۽ آواز سبب ڪيترين ئي دلين جو دلدار رهندڙ هي فنڪار پاڻ دل ۾ ڪيترا درد پالي هلي رهيو هو، تنهن جو اندازو شايد ئي ڪنهن کي هجي. 1998ع ۾ جڏهن کيس پهريون ڀيرو دل جو دورو پيو هو، تڏهن هن سگريٽ نوشي ڇڏي ڏني هئي. کيس تازو ئي جڏهن برين هيمرج سبب اسپتال داخل ڪيو ويو ته سندس حالت انتهائي نازڪ هئي، کيس وينٽيليٽر تي ساهه کڻايو ويندو هو، پر اهو ساهه گهڻي دير تائين کڄي نه سگهيو ۽ هو ديهانت ڪري ويو! جگجيت سنگهه ڀلي هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر سندس ڳايل غزل پنهنجي پوري آب تاب سان موسيقي جي جهان تي ڇانيل آهن، ”اپني آنکون ڪي سمندر مين اتر جاني دو“، ”هم تو هين پرديس مين، ديس ۾ نڪلا هونگا چاند“، ”تمنا ڦر مچل جائي اگر تم ملني آجائو“، ”هوش والون ڪو خبر ڪيا بي خودي ڪيا چيز هي“، اهي ۽ ان جهڙا انيڪ غزل جگجيت سنگهه جي مهانتا جو ثبوت هجڻ سان گڏ بي قرار ۽ بي چين دلين مٿان مرهم رکڻ جو سبب پڻ آهن. اهي عاشق جيڪي عشق جي پراسرار گهٽين مان گذرندي پنهنجي اندر ۾ دريافت ٿيندڙ هڪ نئين دنيا سان آشنا ٿين ٿا، تن کي جگجيت سنگهه جا سر جذبن جي هڪ اهڙي جهان ۾ وٺي وڃن ٿا، جتي احساسن جا نوان پرتو تاڪين وانگر کلندا وڃن ٿا، سرن جي ان سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي تمنا زور وٺي وڃي ٿي ۽ اتان نڪرڻ جي ڪا به خواهش نٿي رهي. سرن ۽ سازن جي هي دنيا جيستائين آباد آهي، تيستائين شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو جگجيت سنگهه کي پاڻ کان پري رکي سگهي يا شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جڏهن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سندس چاهيندڙن پاران کيس ٻڌو نه وڃي. me-azar@hotmail.com |
|
The Kawish Group of
Publication |