ڪاوش: رڪاوٽون ۽ شهادتون!

 

آچر 03 آگسٽ 2014ع

 
 

”ڪاوش“ جڏهن شروع ٿي ته اها هڪ اخبار جي شروعات کان وڌيڪ سچائي جي سفر جي شروعات هئي، جنهن سفر ۾ شريڪ ته سڄي سنڌ هئي پر ان ۾ اهڙن صحافين جا قافلا اچي گڏ ٿيا هئا جيڪي ان دور جي مروج زرد صحافت ۽ حد جي صوبيدار سان ياريءَ واري صحافي لاڙي کان بيزار هئا. انهن ”ڪاوش“ ذريعي جڏهن پنهنجي نئين سفر جي شروعات ڪئي ته انهن خلاف ۽ خود ڪاوش خلاف اونداهيءَ جي پوڄارين ۽ اسٽيٽس ڪو جي حامي ڌرين اهڙي واويلا مچائي، جهڙي واويلا سالن کان سينواريل ۽ ڌپ ڪري ويل دٻي جي پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇلجي هلچل ۽ لهرون پيدا ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ پلجندڙ جيت جڻان ۽ برساتي ڏيڏر ڪندا آهن. ”ڪاوش“ اخبار جي شروعاتي ۽ نظرياتي دور جا اهي به عجيب زمانا هئا، جڏهن هر سطح تي ميرٽ ۽ صرف ميرٽ ئي ڳڻي ويندي هئي، جنهن دور ۾ سماج اندر نئين کان نوان بحث صرف ”ڪاوش“ ڇيڙيندي هئي ۽ اهڙن بحثن ڇيڙڻ دوران اسان جهڙن گمنام رپورٽرن کي به هفتن جا هفتا روپوش رهڻو پوندو هو. اهڙي ئي روپشيءَ جي هڪ رات ڄامشوري وڃڻ لاءِ ڪاوش جي اسٽاف وين ۾ رات جو ڪاپي ڊائون ٿيڻ کانپوءِ چڙهياسين ته اها اسٽاف وين شهر جي مختلف محلن ۾ رهندڙ سب ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن، پروف ريڊرن، ڪاپي پيسٽرن ۽ ڪمپيوٽر آپريٽرن کي لاهيندي آخر ۾ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر نياز پنهور کي سندس ڄامشورو واري گهر لاهيندي هئي. ان رات جڏهن اتي به ڪنهن گمناميءَ مان نڪري اچي ان وين ۾ ويٺس ته اسان جي مرحوم پيسٽر علي نواز خاصخيلي وڏا چرچا ڪيا ۽ نياز صاحب کي چيائين ته، سائين ڇو ٿا هن رپورٽر جي ڪري اسان سڀني کي خطري ۾ وجهو. اها خبر مون سميت ڪنهن کي به ڪو نه هئي ته ڪو ايندڙ ٻن ڪلاڪن جي اندر اسان جي پيسٽر ساٿي جو خدشو صحيح ثابت ٿيندو. ٿيو ائين جو اسٽاف وين جڏهن قاسم آباد کان ٿيندي سٽيزن ڪالوني وٽ پهتي ته مان به ڄامشورو وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪيو، ۽ سٽيزن ڪالوني لهي پيس. بعد ۾ خبر پئي ته اسٽاف وين مان جيئن ئي آخري مسافر يعني نياز پنهور لهي پنهنجي گهر پهتو ته مين ڄامشورو روڊ تي چند شرپسندن ان وين مٿان پيٽرول هاري ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اهڙي اندوهناڪ واقعي جي ڪنهن کي ڪا خبر نه پئي ته آيا اهي شرپسند اسٽاف سميت وين ساڙڻ آيا هئا يا صرف ڊيڄارڻ آيا هئا؟ اوچتو باهه لڳي پر اندوهناڪ واقعي اسان جي حوصلن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ته سچ چوڻ ۽ سچ تي بيٺو رهڻ جي هر دور ۾ ڪا نه ڪا قيمت ضرور ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ سچ جو حق ادا ڪرڻ جي پاداش ۾ ”ڪاوش“ سنڌ جهڙي جاگيردارانه معاشري ۾ اها قيمت ڪيتري ۽ گهڻا دفعا ادا ڪئي آهي، تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ هن مختصر بيان ۾ مشڪل آهي.

سچ چوڻ جي پاداش ۾ ”ڪاوش“ اخبار کي مالي نقصان جي صورت ۾ ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پئي ۽ ان جا ڪهڙن اقتداري ڏينهن ۾ ڪيترا مهينا اشتهار بند رهيا، ان جو بهتر اندازو ته هن ”ڪاوش“ سٿ جو سرواڻ اسلم اڪبر قاضي لڳائي سگهندا، پر ان 24 سالن جي سفر ۾ ڪاوش کي جيڪو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو ۽ پنهنجي ساٿين جا لاش کڻڻا پيا، ان جو ڪجهه بيان ته اسان به ڪري سگهون ٿا پر پڪي شاهدي ته توهان پڙهندڙ به ڏئي سگهون ٿا. ڪنڌڪوٽ جي ماڻهن کان اسان جو اهو گهوٽ رپورٽر شاهد سومرو ڪيئن وسريو هوندو، جنهن ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور جهڙي سخت قبائلي علائقن ۾ به ڪاوش ذريعي سچ جو ساٿ جاري رکيو، ”ڪاوش“ جي انهن شروعاتي سالن وارن زمانن ۾ مختلف اسائنمينٽ تي اتي جڏهن به ڪنڌڪوٽ ويندو هيس ته غريباڻي ميزباني ۽ خزاني جهڙي معلومات شاهد سومرو جي صورت ۾ مختص هوندي هئي. شاهد سومرو بنا ڪنهن ذاتي پسند نا پسند جي سموريون حقيقتون بيان ڪري ڪنهن به واقعي جا سمورا پهلو سامهون رکندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ڌر جي ائين سفارش نه ڪئي ۽ نه هئي هن علائقي جي ڀوتارن جي ايئن ڪمداري ڪئي، جيئن اها ڪمداري ڪرڻ جو اڄڪلهه فيشن بڻجي پيو آهي ۽ مختلف صحافين جا اهڙي ڪمداري تان هڪ ٻئي سان مقابلا هلي رهيا آهن. شاهد سومرو ان دور جي اهڙن صحافين منجهان هڪ هيو، جن پنهنجي قلم جي ڀرم کي حسين عورت جي عزت جيان بچائي ۽ اوچو رکيو. شاهد سومرو اهو صحافتي ٽرينڊ مقامي سطح تي ڪنڌڪوٽ مان ڪونه سکيو، پر اهو ”ڪاوش“ اخبار جو متعارف ڪرايل رجحان هو، جنهن کي فالو ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نه هو. شاهد سومرو جي ذاتي طور ڪنهن سان ڪا دشمني ڪونه هئي ۽ نه ئي هو اهڙي قسم جو ماڻهو هو، پر وقت جي سج کي پٺي ڏئي بيٺل اونداهين جي پوڄارين کيس پنهنجي اکين ۾ ڪنڊو محسوس ڪيو ۽ بي سبب رات جي وڳڙي ۾ گهر ويندي کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

ڪنڌڪوٽ مان شاهد سومري جي ان لاش کي ڪلهو ڏئي اڃان مس موٽيا هئاسين ته اسان کي شڪارپور ۾ هڪ ٻئي شهيد جي لاش کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ بيهڻو پيو. شڪارپور ۾ اها خوني واردات ڪاوش جي بهادر ۽ بيباڪ صحافي اميربخش بروهي جي قتل واري واردات هئي، جيڪا ضلعي پوليس سربراهه جي آفيس کان چند قدم اڳتي روڊ تي ٿي هئي. کيس پڻ شاهد جيان گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو. شڪارپور ۾ اوهان اڄ به گهوري ڏسو هر چوڪ ۽ چوراهي تي اوهان کي اميربخش بروهي جي تصور واري تصوير نظر ايندي. امير بخش بروهي سٺي صحافي سان گڏ هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ هو. جنهن کي ڪلهن تائين وڏا وار رکڻ جو شوق هوندو هو ۽ اهي وار سندس سڃاڻپ بڻيل هئا، ۽ صحافين ۾ ساڻس چرچا ڀوڳ ڪرڻ ۾ پڻ انهن وڏن وارن جو وڌيڪ ذڪر هوندو هو. امير بخش بروهي خوش لباس ۽ صاف سٿرو رهڻ وارو ماڻهو هو، پر سندس اکر مون وانگر ماڪوڙين جي ڄنگهن وانگر هوندا هئا. ڪاوش جي نيوز ڊيسڪ تي امير بخش بروهي جون خبرون چرچن مثل هونديو هيون، ڇو ته هو پنهنجي ڳالهائڻ واري بروهڪي لهجي واري سنڌيءَ ۾ خبرون لکندو هو ۽ مذڪر مونث جا اهڙا ته دلچسپ بيان لکندو هو، جو سب ايڊيٽر وڏي واڪ سڀني کي ٻڌائي کلندا هئا. امير بخش بروهي ۾ سچائي ۽ وفاداري تمام گهڻي هوندي هئي، هو ڪاوش کي پنهنجي خاندان مثل سمجهندو هو ۽ ڪاوش کان ايندڙ دوستن سان محبت وارو برادرانه رويو رکندو هو. کيس جڏهن بيگناهه راهه ويندي شهيد ڪيو ويو ته ”ڪاوش“ سٿ سان گڏ شڪارپور ۾ به هر اک آلي هئي ۽ سندس ناحق خون جو هر هنڌ ماتم هو.

اهڙو ئي ماتم لاڙڪاڻي ۾ به تڏهن ٿيو، جڏهن ڪاوش جي فوٽوگرافر ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي ڪئيمرامين منير سانگي کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو. ان ڏينهن منير سانگي بخار ۾ ورتل هو ۽ گهر آرامي هو. پر سندس چاچي هادي سانگي جڏهن کيس فون ڪري ٻڌايو ته ابڙا ۽ انڙ برادرين وچ ۾ خوني تڪرار تان فائرنگ پئي هلي ته هن ڪئميرا کڻي وڃي رڪارڊنگ شروع ڪئي. وڏين جنگين ۽ هٿياربند ويڙهن ۾ به صحافين، ٽي وي ڪئميرامينن ۽ فوٽوگرافرن کي بخش ڪيو ويندو آهي، پر هي سنڌ جا ويڙهو قبيلا آهن جيڪي هڪ ٻئي جي خون جا پياسا ته آهن، پر هنن ڪئميرامين منير سانگي کي به بخش نه ڪيو ۽ تاڙ ڪري کيس گولي هنئي وئي، جنهن ڪري منير سانگي ٿڏي تي شهيد ٿي ويو. قبيلائي جهيڙن جو ڪينسر سنڌ ۾ هونئن ته هر جاءِ تي ۽ هر سطح تي ڦهليل آهي پر ان ۾ ايتري شدت اتر سنڌ ۾ نظر اچي ٿي، جتي جهيڙيندڙ ڌريون هڪ ٻئي جي خون جون پياسيون رهن ٿيون ۽ اهو به خيال نه ٿيون ڪن ته صحافين کي انهن جهيڙن کان آجو ڪري بخش ڪجي. اهڙو خيال نه اچڻ ڪري ئي لعلو رائنڪ ۾ ڪي ٽي اين نيوز ۽ ”ڪاوش“ جي صحافي اورنگزيب تنيو کي ڏينهن ڏٺي سندس آفيس ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. آئون جڏهن اورنگزيب تنيو جي تڏي تي پهتس ته خبر پئي ته ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين مان ڪنهن سان به سندس تعلق نه هو ۽ نه ئي هو ڪنهن جو حمايتي هو. بلڪه ان جي ابتڙ اورنگزيب ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به کيس قتل ڪري سچائي کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جيڪا ظاهر آهي قاتلن جي هڪ ناڪام ڪوشش ثابت ٿي، ڇو ته انهن ساٿين جي قربانين جي باوجود سچ جو سفر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به ڪاوش جي پليٽ فارم تان جاري آهي.

ڪاوش اخبار پنهنجي 24 هين سالگره ملهائي خير سان 25 هين سال ۾ قدم رکيو آهي. انهن چوويهن سالن دوران ڪا رات خالي ناهي وئي، جڏهن ڪاوش ڊيسڪ جو اجلاس نه ٿيو هجي ته سڀاڻي صبح جو ڪهڙو سچ سنڌ واسين جي هٿن ۾ هجي. اهڙي لڳاتار ڪوشش دوران ظاهر آهي ”ڪاوش“ کي رستن ۾ به انتهائي رڪاوٽون ۽ شهادتون به مليون آهن پر اهي رڪاوٽون ۽ شهادتون سچ جي سفر تي نڪتل هن قافلي کي ڪمزور نه ڪري سگهيون آهن، ڇو ته ڏکيائون ۽ مشڪلاتون سچ جي سفيرن جي ارادن کي اٽل ۽ مضبوط بڻائيندون آهن.

khokharnisar@hotmail.com