|
شڪارپور ۾بدامني خلاف شهرين جي ريلي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
شڪارپور(ن ڪ) شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان بدامني خلاف ريلي، ڌرڻو، مغوي جي بازيابي ۽
ڦر واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائڻ لاءِ ڊي
سي ۽ ايس ايس پي جو شهرين سان لکت ۾ معاهدو؛ خبرموجب شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان
حاجي خواهستي مان اغوا ٿي ويل ڊرائيور مظهر بروهي جي بازيابي ۽ شڪارپور شهر مان
غلام رسول آرائين، دادا نظير منگي جي گهرن مان ڦرون، ٻن ميڊيڪل اسٽورن ۽ هڪ ڪريانه
اسٽور تان ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف قاري مجيب الرحمان، آل سمال
ٽريڊرس جي صدر حاجي نثار ميمڻ، اناج منڊي جي صدر سميع الله شيخ، حافظ عبيد الله
پنهوار، يونس ڦلپوٽو، حافظ قاسم جتوئي، ڊاڪٽر بشير بروهي، اسد سومرو، آفتاب آرائين،
فهيم سومرو، اعجاز ڪاڪيپوٽو، سميع بلالي، ڀولچند، ايڊووڪيٽ اعظم بروهي، زاهد گهلو،
ظفر چنو، ميان ظفر علوي، عابد حيدري، مولوي عبدالفتاح مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکيدر
چوڪ کان هڪ ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي رستم چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن بعد ريلي ۾
شريڪ شهري ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڊي سي آفيس پهتا جتي ڊي سي شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد
مڱڻيجو، ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ آڏو احتجاج ڪيو جتي آفيسرن شهرين سان لکت
۾ معاهدو ڪيو ته 4 مارچ تائين ڦر ٿيل سامان جي واپسي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سميت
امن امان جي خراب صورتحال تي ضابطو آندو ويندو، اڳواڻن چيو ته لکت ۾ ٿيل معاهدي تي
عمل نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج ۽ شٽر ڊائون ڪنداسين. ريلي ۾ شريڪ شهرين پوليس خلاف
نعريبازي ڪئي. ٻئي طرف شهرين جي احتجاج کانپوءِ نيو فوجداري پوليس مختلف هنڌن تي
ڇاپا هڻي سنجراڻي برادري جي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکيو آهي، ٻئي
طرف ايس ايس پي شڪارپور شهر جي ميڊيڪل اسٽور تان 45 هزار، هڪ ڪريانه اسٽور تان ڦر
ٿيل 20 هزار رپيا ۽ 3 موبائيل سيٽ ڏوهارين کان واپس ڪرائي فريادين حوالي ڪرڻ جي
دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ڦر ٿيل 3 موٽرسائيڪل به سندن مالڪن حوالي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي
وئي.
|