ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾اضافو جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) سمورين حڪومتي دعوائن ۽ اپائن جي باوجود مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري گذريل هفتي دوران ناڻي واڌ جي شرح ۾ هفتيوار بنيادن تي  زيرو پوائنٽ 21 سيڪڙو جڏهن ته سالياني بنيادن تي 8.55 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو وفاقي شماريات اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 2 فيبروري تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ ايس پي آءِ ۾ 0.02 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جڏهن ته وچولي طبقي لاءِ 0.03 سيڪڙو، مٿاهين وچولي طبقي لاءِ 0.14 سيڪڙو ۽ وڌيڪ آمدني واري طبقي لاءِ 0.41 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو.