ڊيرا مراد جمالي ڀرسان بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، 2 پوليس اهلڪار شهيد

ڊيرا مراد جمالي (ن ڪ) ڊيرا مراد جمالي ويجهو بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، 2 پوليس اهلڪار شهيد، گذريل ڏينهن ڊيرا مراد جمالي ويجهو صدر پوليس ٿاڻي جي حد مهراب  خان پوليس چوڪي ويجهو بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ ڊيوٽي تي موجود 2 پوليس اهلڪار گلشير عمراڻي ۽ حامد علي لهڙي شهيد ٿي ويا، ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جا لاش سول اسپتال ڊيرا مراد جمالي آندا ويا، جتان بعد ۾ وارثن حوالي ڪيا ويا، شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب شرپسند رات جي وقت چوڪي ويجهو بارودي سرنگهه زمين اندر پوري ويا هئا، اسان جا جوان جيئن ئي گشت لاءِ ٻاهر نڪتا ته سندن پير بارودي سرنگهه مٿان اچڻ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻئي جوان شهيد ٿي ويا.