|
بدين ۾8 هزار پاڪستان ڪارڊ ڪيش نه ٿيا،متاثر دربدر گولاڙچي/ٽنڊوباگو(نمائندن وٽان) ضلعي بدين جي پنجن ئي برسات متاثر تعلقن بدين، گولاڙچي، ماتلي ۽ تلهار جي برسات متاثرن کي مليل 8 هزار کان وڌيڪ پاڪستان ڪارڊ ڪيش توڙي نااهلي سبب هزارين برسات متاثر 4 مهينن کان ڪارڊ ڪيش ڪرائڻ خاطر بدين، ٺٽو، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن پر سندن ڪارڊ ڪيش ناهن ٿي سگهيا، ان سلسلي ۾ احمد جت، رمضان، حاجي ولد محمد ۽ ٻين ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته چئن مهينن کان آفيسن ۽ بئنڪن جا ڌڪا کائي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪارڊ ڪيش نه ٿا ٿين، هوڏانهن ٽنڊي باگي ۽ تلهار تعلقن ۾ 4000 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي 3 مهينا اڳ پاڪستان ڪارڊ جاري ٿيا پر اڃا تائين رقم نه اچڻ سبب کين ادائگي ناهي ٿي سگهي، هزارين برسات متاثر روزانو اي ٽي ايم جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ احمد ملاح، مسمات بيبل ۽ سڪينا قمبراڻي ٻڌايو ته نادرا وارا اسان جي ڪا رهنمائي نٿا ڪن، هنن اعليٰ اختيارين جو ڌيان ڇڪائيندي گهر ڪئي ته کين رقم ڏياري وڃي. |