|
سيٺارجا ٿاڻي تان بازياب ڪرايل نوجوان جو پوليس تي وحشياڻي تشدد جو الزام سيٺارجا (ن ڪ) هڪ ڏينهن اڳ سول جج سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي ڇاپي دوران سيٺارجا ٿاڻي تان بازياب ڪرايل سيٺارجا شهر جي عثمان آباد محلي جي نوجوان چوڪيدار احسان علي آرائين الزام مڙهيو آهي ته سيٺارجا پوليس مون کي بيگناهه گرفتار ڪري نه صرف سخت تشدد جو نشانو بڻايو پر ويهڪ واري جاءِ ۾ پيٽرول ۽ مرچ پڻ وڌا، جنهن ڪري آئون هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهيان، هن چيو ته سيٺارجا پوليس جي هڪ هيڊ ڪانسٽيبل بيگناهه گرفتار ڪري انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻايو، هوڏانهن نوجوان جي والد محمد شريف آرائين ۽ ٻين گهر ڀاتين دانهيو ته پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، سيٺارجا پوليس اصل ڏوهارين کي گرفتار نٿي ڪري، رڳو شريف ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، هنن اعلان ڪيو ته پوليس جي اهڙي ڏاڍ خلاف اسين هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين، ٻئي طرف نوجوان احسان کي بيگناهه گرفتار ڪري انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف مقامي رهواسين محمد رفيق، محمد ياسين، مظهر اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. |