|
ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم عاصمه جا قاتل اڃا آزاد، ايم پي اي ۽ ٻيا وارثن وٽ پهتا ڪنڌڪوٽ (ن ڪ) ڪنڌڪوٽ جي گوليمار واري علائقي ۾ اغوا بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيل 4 سالن جي عاصمه چنا جا قاتل 8 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ قتل ٿيل نياڻي جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ مقتولا نياڻي جي والد پوليس اهلڪار گلاب چنا ايس ايس پي ڪشمور کان گهر ڪئي آهي ته ڌيءَ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايم پي اي عابد خان سندراڻي، انجنيئر منظور احمد سومرو ۽ حاجي عبدالعزيز چنا سان گڏ قتل ٿيل ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي، ان موقعي تي گلاب چنا ايم پي اي کي ٻڌايو ته اڃا تائين نياڻي جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن، جنهن تي مير عابد خان سندراڻي نياڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. |