ماٿيلي ۾ قتل ٿيل نوجوان جو جرڳو، 5 لک رپيا ڏنڊ

ميرپورماٿيلو (ن ڪ) ميرپورماٿيلو ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جو جرڳو 5 لک رپيا ڏنڊ، 8 مهينا اڳ ميرپورماٿيلو ويجھو قتل ٿي ويل ڳوٺ ابراهيم گبول جي رهواسي نوجوان ڳوٺاڻي منٺار گبول جي قتل جو جرڳو گذريل ڏينهن ايم پي اي مسلم ليگ (ف) سردار رحيم بخش بوزدار جي سرپئنچ هيٺ ڳوٺ پير بخش گبول ۾ گبول برادري جي چڱي مڙس خليل خان گبول جي رهائش گاهه تي ٿي گذريو، جرڳي ۾ ميرپورماٿيلو تعلقي جي اڳوڻي ناظم نذير احمد لنڊ، ڏهرڪي تعلقي جي اڳوڻي ناظم ميان شفيق ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي قتل ٿي ويل منٺار جي پيءُ غلام حيدر ۽ چاچي غلام حسين جڏهن ته مخالف ڌر جي قربان ملاڻو کان تفصيلي بيان ورتا ويا، جنهن بعد چڱن مڙسن ۽ جرڳي جي امين ملاڻا برادري کي ڏوهي قرار ڏيندي قربان ملاڻو مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي ڇڏي، جنهن جي تفصيل ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته خون بها 4 لک رپيا ۽ هڪ لک رپيا پوليس خرچ ملائي ٽوٽل 5 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويوآهي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين اهڙو فيصلو قبول ڪري ڇڏيو ۽ ڏوهي قرار ڏنل ڌر قربان ملاڻو 2 لک رپيا موقعي تي ادا ڪري ڇڏيا ۽ بقايا 3 لک رپيا هلندڙ مهيني فيبروري جي 20 تاريخ تائين ادا ڪندا، ياد رهي ته 8 مهينا اڳ جڏهن ڳوٺاڻو منٺار گبول قتل ٿي ويو هو ته ان وقت ئي مقتول جي پيءُ ملاڻا برادري جي فرمان ملاڻو، نظر محمد ملاڻو ۽ نذير ملاڻو مٿان ميرپورماٿيلو پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ هن وقت تائين ڪو به جوابدارگرفتار ٿي نه سگهيو هو، جڏهن ته اهڙي فيصلي بعد ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آهن، جڏهن ته جرڳي بابت جرڳي جي سرپئنچ مسلم ليگ (ف) جي ايم پي اي سردار رحيم بخش بوزدار رابطي ڪرڻ تي جرڳي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.