|
نيو سعيد آباد مان ڪينسر جي علاج لاءِ ويندي حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻي عورت فوت نيو سعيد آباد (ن ڪ) نيو سعيد آباد مان ڪينسر جي علاج لاءِ ويندڙ ماڇي قبيلي سان ملتان وٽ پيش آيل حادثي جي زخمي هڪ وڌيڪ عورت فوت، مري ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، 2 زخمي، تفصيل موجب ٻه ڏينهن پهرين نيو سعيد آباد ڀرسان ڳوٺ عبدالواحد ٻرڙو مان ماڇي قبيلي جا ڀاتي جن ۾ ٽي عورتون ۽ هڪ مرد شامل هو، ڪينسر جو علاج ڪرائڻ لاءِ مسافر ڪوچ ۾ سوار ٿي لاهور روانا ٿيا ته ملتان وٽ ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر ٿيڻ ڪري هڪ عورت 18 سالن جي زينت ڌيءَ امير بخش موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻي عورت 40 ورهين جي حسينا زال محمد حسن ڪالهه صبح زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته زينب زال امير بخش ۽ امير بخش ماڇي سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي فوتي عورتن جا لاش جڏهن ڳوٺ عبدالواحد ٻرڙو پهتا ته ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي، ٻنهي عورتن کي سڏڪن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. |