ڏوڪري واسين جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٿاڻي جو گهيراءُ

ڏوڪري (ن ڪ) ڏوڪري ٽائون انتظاميا پاران شهرين تي ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، ڌرڻو هڻي ٿاڻي جو گهيراءُ، اسسٽنٽ  ڪمشنر پهچي ويو، شهرين سان ڳالهيون احتجاج ختم، 2 ڏينهن اڳ ڏوڪري شهر جي 6 کان وڌيڪ پاڙن ۾ قاضي، ڀان، منگي، سومرا، خاصخيلي، قريشي ۽ گاڏهي    پاڙن ۾ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۽ روڊن تي بيهڻ خلاف شهرين ٽائون ميونسپل انتظاميا خلاف مظاهرو ڪري مبينا ٽي ايم او آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو ڪيس ميونسپل انتظاميا پاران 30 شهرين تي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، ان عمل خلاف گذريل ڏينهن سوين شهري وڪيل عبدالوهاب قاضي، اقبال جوڻيجو، بشير سومرو، ممتاز منگي، محمد علي ڀان، نظير گاڏهي، محمد آچر سومرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ٽائون ميونسپل انتظاميا خلاف مظاهرو ڪيو، ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مٿئين اڳواڻن چيو ته صفائي تي ڪو به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، انهي موقعي تي ڏوڪري جي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهد علي شاهه، ٽي ايم او عبدالرشيد ملڪ، ٽي او فنانس ارشاد هليو، ڌرڻي واري هنڌ پهچي شهرين سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ٻن ڏينهن اندر گٽرن جو پاڻي گهرن ۽ رستن تان هٽايو ويندو ۽ شهرين مٿان  داخل ٿيل ڪيس ختم ڪرايا ويندا، جنهن کان پوءِ شهرين ڌرڻو ختم ڪيو.