روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
برساتي پاڻي کي هر حال ۾ سمنڊ طرف ئي وڃڻو آهي 31 جنوري 2012ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾، بدين واسي الهه بچايو جمالي جو خط ڇپيو آهي، جيڪو منهنجي 19 ۽ 27 جنوري جي هائيڊ پارڪ ۾ لکيل خطن جي جواب ۾ آهي. هن خط ۾ جمالي صاحب هميشه وانگر لکيل ڳالهين کي ڦيرائي گهيرائي، اهو ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي ته مان پنهنجي موقف تان دستبردار ٿي ويو آهيان، جيڪو بلڪل غلط آهي. آءُ پنهنجي ساڳئي موقف تي قائم رهندي، ڪجهه ڳالهين جي مختصر وضاحت ڪندس. جمالي صاحب لکيو آهي ته مون اهو تسليم ڪيو آهي ته بدين وٽان پاڻي جي نيڪال جا سڀ رستا بند ٿي ويا آهن، جيڪا غلط ڳالهه آهي، در اصل مون اهو لکيو آهي ته ڍورو پراڻ ۽ شڪور ڍنڍ وارو رستو صرف هڪ عارضي حل آهي، ڇاڪاڻ ته شڪور ڍنڍ سڌو اونهي سمنڊ سان ڳنڍيل ناهي ۽ هڪ محدود گنجائش کانپوءِ جيتوڻيڪ پاڻي جي سطح ڪٺي ٿيڻ ڪري، شڪور ڍنڍ جي سطح ايترو مٿي چڙهي ايندي جو اتر طرف کان اها بدين جي ٻين علائقن کي به ٻوڙيندي، جيئن هاڻي ٻوڙي رهي آهي. معنيٰ ته اهو جٽادار رستو نه ٿيو ۽ تنهن ڪري ئي ٽائيڊل لنڪ ذريعي ايل بي او ڊي کي اونهي سمنڊ سان ڳنڍيو ويو ۽ هميشه وانگر هن سال به برساتي پاڻي جو گهڻو حصو، ٽائيڊل لنڪ ذريعي ئي سمنڊ طرف نيڪال ٿيو آهي ۽ اهو چوڻ بلڪل غلط هوندو ته ٽائيڊل لنڪ ذريعي پاڻي نيڪال نه ٿو ٿئي ۽ پاڻي قدرتي ڍنڍن ۾ پکڙجي رهيو آهي. جيئن ته انهن ڍنڍن ۽ ٽائيڊل لنڪ جي وچ ۾ 1800 فوٽ ڊگهو چولري ويئر وارو دڪو ٺاهيو ويو ته جيئن ڍنڍن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي نه اچي سگهي. پر چولري ويئر جي ڊهڻ کانپوءِ هاڻي اهي ڍنڍون ٽائيڊل لنڪ ذريعي سمنڊ سان ڳنڍجي ويون آهن ۽ ڪي پي او ڊي، گوني ڦليلي ڊرين ۽ ڪاروگونگڙو ڊرين جو جيڪو به پاڻي ڍنڍن ۾ ايندو آهي ته اهو ٽائيدل لنڪ ذريعي ئي پنهنجو پاڻ سمنڊ طرف هليو ويندو آهي. ڇا جمالي صاحب کان 1970ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ بدين ۾ پيل اها طوفاني بارش وسري وئي آهي، جنهن جو ٻوڏ وارو پاڻي هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين، بدين ضلعي مان نڪري نه سگهيو هو؟ حالانڪه ان وقت ڪوٽڙي سرفيس ڊرينيج جا به سڀ سم نالا ٺهيل هئا پر انهن ڍنڍن جو سمنڊ سان سڌو ڳانڍاپو نه هئڻ سبب پاڻي ڦاسي پيو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ٽائيڊل لنڪ ڪونه هئي. پر هاڻي ٽائيڊل لنڪ ذريعي سڄو پاڻي ڍنڍن کان سمنڊ طرف هليو ويندو آهي. جيڪڏهن مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ چنڊ جي ڪشش سبب سمنڊ چڙهندو آهي ته ان وقت کڻي ضرور پاڻيءَ جي نيڪال ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي پر هاءِ ٽائيڊل ختم ٿيڻ بعد، وري ساڳيو پاڻي واپس سمنڊ ۾ هليو ويندو آهي. اهو هڪ قدرتي عمل آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندو آهي. جمالي صاحب لکيو آهي ته مون غلط بياني ڪري چيو آهي ته جمالي صاحب اهو تسليم ڪيو آهي ته شڪور ڍنڍ وارو پاڻي ڪي پي او ڊي ذريعي سمنڊ ڏانهن وڃي رهيو آهي. در اصل جمالي صاحب پاڻ 16 جنوري جي خط ۾ لکيو آهي ته اهو پاڻي ڪي پي او ڊي جي وڪيل موري کان هيٺ آر ڊي 55 واري گهارن وٽان ڪي پي او ڊي ۾ وهي رهيو آهي. هاڻي ڪي پي او ڊي ته اڳتي ٽائيڊل لنڪ سان ڳنڍيل آهي، جيڪا ورسي سمنڊ جي شاهه سمندو ڪريڪ سان ڳنڍيل آهي. معنيٰ ته ڪي پي او ڊي ۾ ويندڙ پاڻي ته آخرڪار سمنڊ ۾ ئي ويندو، نه ڪي مٿي آسمان طرف ويندو. ته پوءِ ان ۾ ڪهڙي غلط بياني ٿي؟ سو جيڪڏهن جمالي صاحب کان کڻي اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي سچ ۽ حقيقت بيان ٿي ويئي آهي ته ان تي قائم رهڻ گهرجي. جمالي صاحب لکيو آهي ته مون ٻوڏ واري پاڻي کي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ واري پنهنجي تجويز کي پاڻ ئي رد ڪيو آهي. دراصل مون اهو لکيو هو ته ايل بي او ڊي تان برساتي پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ جتي به ممڪن هجي، اتي مٿين ضلعن جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. باقي ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي اڀرندي علائقن جو پاڻي درياهه طرف نه ٿو وڃي سگهي، ڇاڪاڻ ته اتان درياهه پري آهي ۽ زمين جي ليول ۽ سلوپ به اها اجازت نه ڏيندا، تنهنڪري انهن هيٺين ضلعن جو پاڻي صرف ايل بي او ڊي ذريعي ئي نيڪال ٿي سگهي ٿو. نوابشاهه ۽ سانگهڙ جي ڪجهه علائقن جو پاڻي جيڪڏهن درياهه طرف موڪليو وڃي، ته ايل بي او ڊي تي صرف هيٺ بدين طرف ڪجهه دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڻي کي هر حال ۾ سمنڊ طرف ئي وڃڻو آهي ۽ سمنڊ ٺٽي ۽ بدين طرف ئي آهي ته پوءِ اهو پاڻي درياهه ذريعي ٺٽي کان وڃي يا وري ايل بي او ڊي ذريعي بدين کان سمنڊ ڏانهن وڃي، پر اهو چوڻ صحيح نه هوندو ته بدين کان نيڪال جا سڀ رستا بند ٿي ويا آهن. جيڪڏهن رستا بند ٿي ويا آهن ته به انهن کي کولڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته قدرت جو اهو اصول آهي ته پاڻي هميشه هيٺاهين پاسي وهندو آهي، جيئن سنڌو درياهه اڳ ۾ بدين مان لنگهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ۽ هاڻي وري ٺٽي مان ڇوڙ ڪري ٿو يا وري درياهن جا قديم وهڪرا يعني اڀرندو پراڻ، اولهندو پراڻ يا سانگرو، نصرپور، شيخ ڀرڪيو ڍورو، هاڪڙو وغيره سڀ قدرت جا ٺاهيل وهڪرا آهن، جيڪي بدين طرف ئي اچن ٿا. صرف بدين سان ئي مٿان کان ايندڙ پاڻي جو مسئلو ناهي، بلڪه سنڌ جا ٻيا ضلعا پڻ مٿين علائقن جي پاڻي سان متاثر ٿين ٿا، مثال طور: دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن کي بلوچستان مان کير ٿر جبل جي برسات جو پاڻي متاثر ڪندو آهي. ساڳئي نموني اتر سنڌ جي ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن کي، ڪڏهن ڪڏهن بلوچستان جي ڊيرا بگٽي جي پهاڙين ۽ ڪاڇي جي پٽ جو برساتي پاڻي پٽ فيڊر ڪينال کي ڀڃي ڪري متاثر ڪندو آهي ۽ 2010ع جي طوفاني برساتن ۾ پڻ ڪشمور ۽ جيڪب آباد جا بلوچستان سان لڳندڙ سرحدي علائقا سخت متاثر ٿيا هئا. وري ٻئي طرف گهوٽڪي ضلعي کي پنجاب جو نيڪال جو پاڻي متاثر ڪري رهيو آهي وغيره مقصد ته فطرت جي قانون ۾ پاڻي هميشه هيٺاهين پاسي وهندو آهي ۽ بدين کان ان جي رستا روڪ ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو ته ڀلي سڄي سنڌ ٻڏل رهي يعني ”هم تو ڊوبي هين صنم تمهين ڀي لي ڊوبين گي“ سو بدين لاءِ ڌرتي تي فطرت جو ڪو الڳ قانون نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن جي اهڙي خواهش هجي ته اهو بدين ۾ نه بلڪه چنڊ يا مريخ تي رهي، ڇاڪاڻ ته اتي گهٽ ڪشش ثقل جي اثر سبب پاڻي هيٺ کان مٿي وڃي سگهندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ 25 جنوري 2012ع جي ڪاوش ۾ ادريس راجپوت صاحب جو لکيل ڪالم پڙهيو وڃي. ايئن ته سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندر ڪينالن يعني روهڙي ڪينال، ڦليلي ڪينال وغيره کي بدين تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ تمام مٿئين سطح تائين وهايو ويندو آهي، جنهن ڪري مٿين ضلعن يعني خيرپور، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه وغيره ۾ سم ۽ ڪلر جو مسئلو پيدا ٿيندو آهي ته ڇا ان بنياد تي انهن مٿين ضلعن جا ماڻهو به ائين چون ته بدين تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ اسان کي ڇو سم ذريعي نقصان پهچايو وڃي ٿو؟ تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻ کي انهن ضلعن جي حد بندين ۾ محدود ڪرڻ بدران سڄي سنڌ لاءِ سوچڻ گهرجي. اڳ ۾ جمالي صاحب منهنجي طرفان ڏنل جاپان، مالديپ ۽ روهڙي ڪينال جي مثالن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هاڻي وري پنهنجي ٻڌايل دادو، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ضلعن وارن مثالن ۽ تشبيهن جي به مخالفت ڪندو، ڄڻ ته بدين زمين جي گولي تي واقع هجي ۽ باقي ٻيا علائقا ڄڻ مريخ تي واقع آهن ۽ اتي فطرت جا قانون ڄڻ الڳ هجن. تنهنڪري اها فطرت سان بغاوت ئي آهي. جمالي صاحب هن خط ۾ لکيو آهي ته ڊي پي او ڊي ذريعي رڳو هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي به نيڪال نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سندس 28 آگسٽ 2011ع واري هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيل خط ۾ جمالي صاحب دعويٰ ڪئي هئي ته ڊي پي او ڊي هزارين ڪيوسڪ نيڪال ڪري رهي آهي. هينئر جمالي صاحب چوي ٿو ته ڀارت پاڻي جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن، جڏهن ته 28 آگسٽ 2011ع واري خط ۾ جمالي صاحب چيو هو ته ڀارت کي پاڻي اچڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي ۽ ڀارت ته شڪور ڍنڍ طرف مٺو پاڻي اچڻ تي خوش آهي، ڇاڪاڻ ته رڻ ڪڇ ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي. 31 جنوري 2012ع واري خط ۾ جمالي صاحب لکيو آهي ته خود بدين ضلعي جو پاڻي به نيڪال نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته 12 نومبر 2011ع واري خط ۾ جمالي صاحب دعويٰ ڪئي هئي ته ٽائيڊل لنڪ ۽ اسپائنل ڊرين کي لٽيو وڃي، باقي بدين جو پاڻي ڪوٽڙي سرفيس ڊرينيج جي سم نالن ذريعي آساني سان نڪري ويندو. پنهنجي گذريل خطن ۾ جمالي صاحب بدين جي قدرتي ڍنڍن جي تباهي جو ذميوار ايل بي او ڊي کي قرار ڏيندو رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته انهن ڍنڍن ۾ ڪوٽڙي سرفيس ڊرينيج جي گوني ڦليلي ڊرين يعني امير شاهه سم نالي ۽ ڪارو گونگڙو ڊرين ذريعي بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي شگر ملن جو زهريلو پاڻي ڍنڍن کي تباهه ڪري رهيو آهي. جنهن جي تصديق سيٽلائيٽ اميج تي به ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ انهن ڍنڍن جا اتريان حصا شگر ملن جي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب ڪارا نظر ايندا، جڏهن ته ايل بي او ڊي ذريعي ايندڙ شگر ملن جو پاڻي ڍنڍن بدران ٽائيڊل لنڪ ذريعي سڌو سمنڊ ۾ وڃي ٿو، پر اهي حقيقتون ڪڏهن به جمالي صاحب نه ٻڌائيندو آهي. هاڻي توهان پاڻي فيصلو ڪريو ته مان پنهنجو موقف بدلائيندو آهيان يا هر مهيني جمالي صاحب پنهنجا موقف بدلائيندو رهندو آهي. فاروق بجاراڻي/ڪنڌ ڪوٽ اقتدار کان پهرين ۽ اقتدار کان پوءِ...... ڪالهه هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي ته، ڪراچيءَ جي علائقي گلشن معمار ۾ جانورن جو ڊاڪٽر احتشام پنهنجي رٺل نوجوان زال مهوش کي پرچائڻ لاءِ ساهرن جي گهر پهتو. گهر هلڻ کان انڪار تي ڊاڪٽر احتشام پنهنجي سس ۽ سهري آڏو، زال مهوش تي مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏيئي ڇڏي. مهوش کي سول اسپتال ڪراچيءَ جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. سنڌ ۾ عورتن خلاف ظلم ۽ زيادتين جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، پر حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ دعوائن کان اڳتي وڌي نه سگهي آهي. موجوده اسيمبليءَ ۾ موجود جيڪي پ پ جون خواتين ايم پي ايز آهن، ارباب حڪومتي دور ۾، جڏهن اهي اپوزيشن ۾ هيون ته انهن جي سرگرمي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. ڪنهن عورت سان ڪو ظلم يا زيادتي ٿي ته فورن پهچي وينديون هيون. ڌماڪيدار بيان ميڊيا جون شهه سرخيون بڻجندا هئا، فوٽو سيشن ٿيندا هئا پر هاڻي، جڏهن سندن پارٽي اقتدار ۾ آهي، انهن جي سرگرمي ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي. ڇا معيار، ماڻ ۽ ماپا ائين تبديل ٿي ويندا آهن؟ ڇا هاڻي عورتن تي ظلم ختم ٿي چڪو آهي؟ يا هاڻي اقتدار ۾ هجڻ ڪري ايتري ميڊيا ڪوريج ملي پئي، جو ٻي ڪنهن واقعي تي فوٽو سيشن جي ضرورت ئي نه رهي آهي؟ آخر اهي پنهنجي روين ۾ ڪاسميٽڪ ۽ نمائشي ڇو آهن؟ اهي عمران جوکيو جي امڙ شاهينه جوکيو جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ ڇو نه پهتيون آهن؟ ڀلا انهن اهو ڇو نه محسوس ڪيو آهي ته معصوم نياڻي فضيلا سرڪيءَ جي امڙ کي انهن جي آٿت جي ضرورت آهي؟ اهي جرڳن ۾ عورتن کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ تي آواز ڇو نٿيون اٿارين؟ ڪارنهن الزام ۾ عورتن جي ٿيندڙ قتل تي احتجاج جي صدا بلند ڇو نٿيون ڪن؟ نياڻي ڪرن سومرو جي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ انهن ڪڏهن آواز بلند ڪيو آهي؟ سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد روڪرائڻ لاءِ قانون کي تحرڪ ۾ آندو وڃي. خواتين پارليامينٽيرين ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن. عنبرين جروار/قاسم آباد (حيدرآباد) نامياري قانوندان نور نبي ميمڻ جي ياد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مشهور وڪيل ۽ اڳوڻي وزير قانون غلام نبي ميمڻ جو فرزند نور نبي ميمڻ (منهن جو بابا) جو جنم 23 جون 1936ع تي ٿيو ۽ ڪالهه سندس پهرين ورسي هئي، هڪ اولاد لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جو وڇوڙو وڏو صدمو هوندو آهي پر سندن ڏنل تربيت ڏکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ ۽ جيئڻ سيکاري ٿي. دنيا اهڙن ماڻهن کي ئي ياد رکندي آهي، جيڪي پنهنجي زندگي خدمت خلق لاءِ وقت ڪن ٿا.سندس پوري حياتي خلق جي خدمت سان تعبير هئي. هو شفيق پيءُ ۽ دردمند دل رکندڙ انسان هو. پاڻ پراثر ۽ خوش اخلاق شخصيت جو مالڪ هو. اڄ به ڪيترائي ماڻهو کيس سهڻن لفظن سان ياد ڪندا آهن. انساني تاريخ ۾ ڪي عزم ۽ عمل جا پيڪر ڪردار هميشه زنده رهندا آهن، بس رڳو اکين کان اوجهل ٿي ويندا آهن. آئون دنيا جي خوش نصيب ڌيءُ آهيان جو مان هڪ انصاف پسند ۽ انسان دوست پيءُ جو اولاد آهيان“پاپا! اوهان روشني بنجي اسان جي دلين ۾ هميشه روشن رهندا.“ ڊاڪٽر فريال نور/حيدرآباد سنڌي ٻولي ءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، هر ٻوليءَ چاهي اها ڪهڙي به هجي، هميشه پيار ۽ محبت جو درس ڏي ٿي، دنيا جي ڪا به ٻولي نفرت جو پيغام نٿي ڏئي. انهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي به هڪ آهي. جيڪا ٻولين جي ماءُ ٻولي آهي، جنهن جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي. ٻوليءَ جي ڪن ماهرن جي راءِ مطابق، سامي تهذيب پڻ سنڌي تهذيب کان متاثر ٿي هئي.. ڪو زمانو هو، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو چرچو ڏيهان ڏيهه پکڙيل هو، جنهن نيل ۽ فرات جي ماٿرين ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو. ماضي ۾ جنهن جا تحقيقي ادارا جرمني ۽ لنڊن ۾ هجن، ٻاهرين ملڪن جا عالم ۽ محقق سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ دل و جان سان ڪوششون وٺن،سنڌي ٻولي انگريزن جي دور ۾ ترقي يافته ۽ سرڪاري زبان هئي ۽ خود انگريز سرڪار پنهنجي لاءِ به لازمي قرار ڏني هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪيو ويو. ياد رهي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌي ماڻهن جو وڏو ڪردار هو ۽ پاڪستان لاءِ پهرين قرارداد به سنڌ اسيمبلي منظور ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ويو هو ته سنڌ جي قومي حقن، ٻوليءَ ۽ تشخص جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. پر ورهاڱي بعد دنيا جي هن شاهوڪار ٻوليءَ ۽ تهذيب کي هاڃو رسائڻ جي شروعات ڪئي ويئي. پاڪستان ٺهندي ئي جاگيردارانه ۽ سامراجي قيادت پنهنجي مقصدن لاءِ هڪ پاڪستان ۽ هڪ زبان جو نعرو هنيو. هن نعري جي پٺيان ملڪ جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌين جي نڙيءَ تي لت رکي، اردو ٻوليءَ جي بالادستي قائم ڪئي ويئي. تنهن وقت کان وٺي سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي، اردو ٻوليءَ جو تسلط قائم ڪيو ويو. هن وقت به هڪ پاسي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي پئي وڃي ۽ ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. تنهن جو تازو مثال وفاقي گهرو وزير پاران سڄي ملڪ جي ٿاڻن ۾ ايف آءِ آر اردو ۾ لکڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت انگريز سرڪار جي دور کان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ ايف آءِ آر وارو عمل بند ٿي ويندو. وفاقي وزير جي اهڙي اعلان سان ماءُ ٻوليءَ کي سخت نقصان ٿيندو. ٻولي هڪ حساس معاملو آهي ۽ هر قوم کي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان جذباتي لاڳاپو هوندو آهي. ورهاڱي بعد سنڌي هندو خاندانن سنڌ ڇڏي وڃڻ بعد به پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان بي انتها محبت ڪري خوب نڀايو. هندستان جي 26 صوبن ۾ 30 لک سنڌي ماڻهو رهائش پذير آهن، جيڪي مختلف صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئڻ باوجود 10 اپريل 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري ويا ۽ هندستان جي ست صوبن ۾ سنڌي اڪيڊميون قائم ڪيون ويون ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي لاءِ بيحد ڪوششون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ ڪا به مسلسل جدوجهد نه هلي رهي آهي، هر سال فيبروري مهينو ايندي ئي مختلف ادارا ۽ تنظيمون جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سيمينا ر۽ ڪانفرنسون ڪرائي خاموش ٿي ويندا آهن. هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي سخت خطرا درپيش آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي تنظيمن، ادارن، اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي گهرجي ته پنهنجي ماءُ ٻولي کي بچائڻ لاءِ هڪ اثرائتي ۽ مسلسل جدوجهد هلائي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارين، حڪومت کي به گهرجي ته ٻولي جي سنجيده مسئلي کي حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏئي، ان مسئلي سبب اڳ ۾ به ملڪ ٻه اڌ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. علي رضا جروار پاڻي مٿي جهوپڙا....؟ اسان پراڻي وحدت ڪالوني سان بلڪل گڏ ئي آباد وسندي شهباز ٽائون جا رهواسي آهيون. پيئڻ جو پاڻي 2007ع کان وٺي اسان جي علائقي ۾ نه آهي. اسان پئسن تي پاڻي خريد ڪري زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ ويٺا به درياءَ جي ڪپ تي آهيون. ان باري ۾ ڪاغذي ڪارروائي به گهڻي ڪئي ويئي آهي، زاهد ڀرڳڙي سان روبرو به مليا آهيون، آسرا ان صاحب به ڏنا مگر اڃان تائين ٿيو ڪجهه به نه آهي. MD,WASA جي انجنيئرن کي به لکيو سين، مگر پاڻي نه مليو. وڏي ڳالهه اها به آهي ته Wasa طرفان هر مهيني پاڻيءَ جا بل اچن ٿا جيڪي Clear ڪندا رهندا آهيون. چيئرمين ڪچي آبادي ڄاموٽ امير علي شاهه، وزير اعليٰ سنڌ ۽ وزير ڪچي آبادي ۽ مڪاني ادارن واري وزير کي به عرض ڪيوسين پر مسئلو حل نه ٿيو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي ڇا ڪجي؟ وڏي ڳالهه اها به آهي ته اسان جي محلي کان 1000 ميٽرن جي فاصلي تي 24 انچ قطر جي پاڻي جي لائين به آهي مگر ڪنهن کي به همت نه ٿي ٿئي جو اسان کي پاڻي جي لائين مهيا ڪري. هر MNA ۽ MPA کي جدا جدا 4-4 ڪروڙ ۽ 6-6 ڪروڙ رپيه 18/1/2012 ۽ 21/1/2012 جي اخبار موجب ڏنا ويا آهن ته پنهنجن علائقن ۾ عوام جا ڪم ڪرائن. اسان جي تڪ جي MNA ۽ MPA کي الله تعاليٰ توفيق ڏئي ته اسان جي علائقي کي پاڻي پيئڻ جي لائين مهيا ڪري جس کٽين. قاضي غلام مصطفيٰ/شهباز ٽائون ڪچي آبادي (حيدرآباد) جنين ڪاڻ مياس..... ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي ڊگهڙي جي يوسي پٻڻ جيڪا ڏهن ديهن تي مشتمل آهي ۽ پراڻو دمبالو ڳوٺ محمود رياڙ کان شروع ٿي، ديهه 164 ڳوٺ مير عبدالستار ٽالپر تي ختم ٿئي ٿي ۽ جنهن ۾ ننڍا وڏا ستر ڳوٺ آهن، هتي جو بنيادي مسئلو برساتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به بندوبست نه هجڻ آهي. سياستدان شروع کان وٺي هنن ماڻهن کي ڪوڙا دلاسا ڏيئي بيوقوف بڻائي استعمال ڪندا رهيا. 1986ع ۾ تڏهوڪي وزير اعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو هتي زمين جي بهتري ۽ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اڀياس ڪرائي. ان وقت هڪ سم نالو جيڪو عام حالت ۾ سم ۽ ڪلر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو ۽ پوءِ ٻوڏ ۾ پاڻي کي ڇنڊائڻ جو ذريعو بڻبو. پوءِ وقتاً فوقتاً ميرپورخاص ضلعي ۾ ٻيا به گهڻا ئي سم نالا نڪتا، ليڪن اهو منصوبو فائلن جي نذر ٿي ويو ۽ هر ٻوڏ ۾ هتان جي ماڻهن پنهنجو مال مرڻ، گهر تڙ ۽ فصل ٻڏڻ بعد سُڪي سڙي وڃڻ کي پنهنجو نصيب ڄاتو ۽ ڪنهن به انهن جي زخمن کي ڀرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهو سم نالو ” ڇنڊڻ“ جيڪو ڏهه ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري 1774ع ۾ ڪلهوڙن پاران کوٽايل سرفراز واهه ۾ وڃي پوي ٿو، جنهن جو ڇوڙ پراڻ ۾ ٿئي ٿو ۽ پراڻ ٻوڏ واري پاڻي کي سمنڊ حوالي ڪري ٿي. پر ٽي ايم اَي ڊگهڙي سالن کان مخصوص بااثر ماڻهن جي اثر هيٺ هجڻ سبب سندن مرضي سان سرفراز واهه کي جنهن جو پيٽ 120 فوٽ هو، ڪرپشن ڪري کائي کپائي، مال ٺاهي ان ۾ آباديون قائم ڪري غريب ماڻهن کي لُٽيو ويو آهي ۽ هاڻ انهن ماڻهن کي اٿارڻ بدران هن سم نالي کي اڌ ڪلو ميٽر جو ور ڏئي، يوسي پٻڻ ۽ ڊگهڙي شهر جو به ٻوڏ جو پاڻي سرفراز واهه کان پراڻ جي حوالي ڪيو پيو وڃي. شهيد جمهوريت جي عظيم قرباني جي ڪري، هتان جي عوام پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت واري هن منصوبي کان وڌيڪ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي رت سان وفا ڪندي، پيپلز پارٽي کي يوسي پٻڻ مان تاريخي ڪاميابي ڏياري ۽ ان اميد سان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ايندي ئي هن سماجي الميي کان بچائڻ لاءِ، اهو منصوبو شروع ڪرائيندي، جيڪو انهن واعدو به ڪيو هو، پر افسوس انهن اڃا تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي، سواءِ ٺلهن دلاسن جي! صدر پاڪستان آصف علي زرداري تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ ٻيو ڪو به رستو نه ڏسندي، ماڻهن احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تنهن ڪري 8 فيبروري تي عزيز پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب ڊگهڙي تائين ۽ 13 فيبروري تي يوسي پٻڻ جي شروعاتي حد پراڻو دمبالو موري ڳوٺ محمود رياڙ کان اڻ ڄاتل مدي تائين، پنهنجو حق وٺڻ لاءِ روڊن تي هزارن ماڻهن احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا. اسان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وارن ۽ سول سوسائٽي جي بااثر ماڻهن کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته هن سماجي الميي کان بچڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏين. ممتاز رياڙ /يوسي پٻڻ (ڊگهڙي |
|
The Kawish Group of
Publication |