روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
منهنجي نظم تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش! روزاني ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ تاريخ 16 مئي 2012ع تي نظير ناز لاشاريءَ جو خط شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن ڪاوش جي ڪوتا ڪارنر ۾ ڇپيل منهنجي مشهور نظم ”مون کي نفرت آ، مون کي نفرت آ“ بابت پنهنجي هڪ بزرگ ۽ شاعر امداد فقير جي هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. نظير ناز لاشاري اهو دليل به نه ڏئي سگهيو آهي ته اهو نظم امداد فقير جي نالي سان ڪڏهن ۽ ڪٿي، ڪهڙي رسالي يا اخبار ۾ شايع ٿيو آهي. جڏهن ته منهنجو اهو نظم ڪيترائي سال اڳ ”تحريڪ“ رسالي جي ڪتابي سلسلي (7) ست ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ امداد حسيني، سرمد چانڊيو، زاهد شيخ ۽ ٻين شاعرن جي شاعري پڻ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه مان پنهنجو اهو ئي نظم ميهڙ، راڌڻ سميت دادو ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻڌندڙن جي فرمائش تي گذريل ٻارهن سالن کان وٺي پڙهندو رهيو آهيان. حيرت ته ان ڳالهه تي ٿئي ته تاج سنڌي ۽ ابراهيم چانڊيو وٽ محفوط ٿيل امداد فقير صاحب جا هٿ اکر پنڌ ڪري مون وٽ ڪيئن پهتا؟ جڏهن ته مذڪوره ماڻهن سان ماضي توڙي حال ۾ منهنجي ڪنهن به قسم جي نه ته ڪا ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي، نه وري ڪو ميل ملاقات. هاڻي پڙهندڙ ئي ٻڌائين ته آخر اهي هٿ اکر سندن مسودن مان اڏامي مون وٽ ڪيئن پهتا!؟ موجوده دور چوري ۽ سينا زوريءَ جو دور آهي، ڏاڍو افسوس ٿيو ته اسان حال حيات شاعرن جي شاعري تي به ادبي دنيا ۾ قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي ته هيءَ دنيا ڇڏي ويل شاعرن جي شاعري سان انهن ماڻهن ڪهڙا ڪلور ڪيا هوندا!؟ امتياز عادل سومرو/ميهڙ |
|
The Kawish Group of
Publication |