خيريت سان آهيان،لاڏاڻي جون خبرون ڪوڙيون آهن:لتا

ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) ليجنڊ گلوڪارا لتا منگيشڪر پنهنجي لاڏاڻي جي خبرن کي بي بنياد ۽ ڪوڙيون خبرون قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به افواهن تي يقين نه ڪريو. منهنجي موت واريون خبرون بي بنياد آهن، منهنجي باري ۾ اهڙيون افواهون ڇو پيون هلايون وڃن. رب پاڪ جي مهرباني سان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، آئون بلڪل خيريت سان آهيان، جڏهن ته ٻه ڏينهن پهرين لتا منگيشڪر جي موت جي افواهن واري خبر انٽرنيٽ تي هلي رهي هئي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com