|
آسڪر ايوارڊز جا فائينل بيلٽس اڪيڊمي ووٽرز ڏانهن روانا لاس اينجلس(ڪلچرل رپورٽ) هالي ووڊ ۾ ساليانا آسڪر ايوارڊ جا فائينل بيلٽس اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنس جا 5 هزار 783 راءِ ڏيندڙن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن، بيلٽس تي ايوارڊز جي 24 ڪيٽيگريز لاءِ ڪامياب اميدوارن جي لسٽ به ڏني وئي آهي. سڀئي بيلٽس اڪائونٽنگ فرم کي روانا ڪيا ويندا، جتي اڪيڊمي جي قاعدن ۽ ضابطن مطابق ووٽن جو شمار ڪيو ويندو، جاچ پڙتال بعد ڪامياب اميدوارن جا نالا لفافن ۾ وجهي روانا ڪيا ويندا، جن کي ايوارڊ تقريب ۾ کوليو ويندو. آسڪر ايوارڊ تقريب 26 فيبروري تي هالي ووڊ ۾ ٿيندي. |
|
The Kawish Group of
Publication |