|
هر فلم ۾ نئين روپ ۾ نظر اچڻ چاهيندو آهيان:علي ظفر ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) پاڪستاني گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر پنهنجي ايندڙ نئين ڀارتي فلم لنڊن، پئرس، نيويارڪ ۾ هڪ منفرد انداز ۾ نظر ايندو. اداڪار علي ظفر جو چوڻ آهي ته آئون هميشه اهو چاهيندو آهيان ته هر ايندڙ نئين فلم ۾ پهرين وارين فلمن کان مختلف نظر اچان ۽ لنڊن، پئرس، نيويارڪ ۾ به مان پنهنجي پهرين وارن ڪردارن کان بلڪل مختلف ڪردار ۾ نظر ايندس. اداڪار ويلنٽائن ڊي جي حوالي سان ٻڌايو ته آئون نٿو سمجهان ته پيار لاءِ ڪنهن سبب يا ڏينهن جو هجڻ ضروري ناهي، هر ڏينهن ويلنٽائن ڊي ئي هوندو آهي. |