”ڪي سليڪٽ“نوجوانن جو پسنديده پروگرام بڻجي ويو

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) ڪشش چئنل تان هر ڇنڇر تي پيش ٿيندڙ ”ڪي سليڪٽ“ نوجوانن جو دلچسپ پروگرام بڻجي ويو. يونيورسٽي، ڪاليج، اسڪول ، فيشن شوز ۽ عوامي هنڌن تي ”ڪي سليڪٽ“ جي ٽيم پهچي اتان جي ناظرين کي ڏنل هڪ موضوع تي سوالن جا جواب ورتا وڃن ٿا ناظرين کان پروگرام بابت رايا به ورتا وڃن ٿا، جڏهن ته ”ڪي سليڪٽ“ ۾ جيڪي سيگمينٽ پيش ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ مڪس پليٽ، ڪشش ڪيئر، پبلڪ سروس، ميسيجز ۽ فون ڪالز شامل آهن. جڏهن ته ”ڪي سليڪٽ“ ۾ جيڪي ناظرين وڌ کان وڌ ايس ايم ايس ڪندا آهن، انهن کي ڪشش جي مونوگرام واري ٽي شرٽ تحفي طور ڏني ويندي آهي ٽي شرٽ تي شو بز جي ناليوارين شخصيتن جا آٽوگراف پڻ ڏنل هوندا آهن. هوڏانهن ”ڪي سليڪٽ“ جي هوسٽ مظهر سيٺار ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش آهي ته ”ڪي سليڪٽ“ کي وڌيڪ تفريحي پروگرام بڻائڻ لاءِ نوان سيگمينٽ آڻيان، جيڪي ناظرين جي پسند موجب هوندا. هن چيو ته ڪي سليڪٽ نوجوان طبقي ۾ تمام گهڻو مشهور ويو آهي. هر نوجوان پروگرام ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com