قطرينا ڪيف يتيم خاني لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا

ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪارا قطرينا ڪيف به ٻين اداڪارائن جيان خيراتي ڪمن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي. اداڪارا قطرينا ڪيف پنهنجي ماءُ جي مدد ڪندي خيراتي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا جي ماءُ شهر مدوراءِ جي يتيم خاني لاءِ ڪم ڪندي آهي. قطرينا شهر مدوراءِ جي يتيم خاني لاءِ اسڪول تعمير ڪرائڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. قطرينا ڪيترن ئي برانڊز سان فنڊن جي لاءِ رابطو پڻ ڪيو آهي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com