|
لاڙڪاڻي ۾ انتقام جي باهه معصوميت کي
به نه بخشيو،ٻارڙو قتل،منڍي هٿ،ڌڙ نه مليو!
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ انتقام جي باهه معصوميت کي به نه بخشيو، ٻارڙو قتل،
منڍي هٿ، ڌڙ نه مليو، خبر موجب لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد ڪالوني ڀرسان لب مهراڻ واري
علائقي ۾ 9 ورهين جو سليمان پٽ غلام مصطفيٰ کوکر گذريل جمعي ڏينهن ساڍي پنجين وڳي
گهر کان شيءِ وٺڻ لاءِ نڪتو ۽ واپس نه ٿيو، ڳولا باوجود گم ٿيل ٻارڙو وارثن کي نه
ملي سگهيو. صبح جو پاڙي جي هڪ ٻڍڙي عورت وليد ٿاڻي ڀرسان گند جي ڍير تي پيل هڪ
ٻاچڪو کڻي رهي هئي ته ان ۾ ٻارڙي جي منڍي پيل هئي، درنده صفت ماڻهن ٻارڙي کي ڪهي
منڍي ٻاچڪي ۾ وجهي گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏي هئي، ٻڍڙي عورت اهڙو اطلاع وليد پوليس
کي ڏنو، جنهن مقتول ٻارڙي سليمان کوکر جي وارثن کي ٻڌايو، جيڪي دانهون ڪندا روئيندا
پٽيندا واقعي واري هنڌ پهتا، وليد پوليس مقتول ٻارڙي جي منڍي پنهنجي تحويل ۾ وٺي
پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچائي، منڍي جو ڊاڪٽر طرفان پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽
ان ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ٻارڙي جي منڍي تيز ڌار واري اوزار سان ڪٽي وئي آهي،
ٻارڙي جي پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر جي نشاندهي تي پوليس ڌامراهه ڀرسان ڳوٺ گاداڻي
کوکر تي ڪارروائي ڪري سب انسپيڪٽر ديدار کوکر، عامر کوکر، عمران کوکر ۽ حفيظ کوکر
کي گرفتار ڪري ورتو آهي، لاڙڪاڻي جي لب مهراڻ واري علائقي ۾ قتل ٿيل ٻارڙي سليمان
کوکر جي منڍي کي گهر اندر کٽ تي چادر وڇائي رکيو ويو هو، گهر ۾ قيامت صغريٰ جو منظر
هو، ان موقعي تي مقتول ٻارڙي جي ڏاڏي سڏڪا ڀريندي چئي رهي هئي ته انصاف ڪيو، منهنجي
هن ننڍڙي جو انصاف ڪيو. اسان کي حق کپي ناحق ڪنهن سان به نه ٿئي. پر منهنجي هن ٻچڙي
جي بيدرديءَ سان ڪيل خون جو تڪڙو انصاف ڏنو وڃي، جڏهن ته قتل ٿيل ٻارڙي سليمان کوکر
جو ڌڙ ملي نه سگهيو، منڍي پاڙي جي قبرستان ۾ دفنائي وئي آهي، پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر،
ماءُ ۽ گهر ڀاتي بيحال بڻيل آهن. مقتول ٻارڙي جي پيءُ سب انجنيئر غلام مصطفيٰ کوکر
صحافين کي ٻڌايو ته 2003ع ۾ معصوم نينگر لکمير کوکر ۽ مجاهد کوکر قتل ٿيا هئا جنهن
جو الزام مون تي ۽ پوليس جمعدار ممتاز کوکر تي هنيو ويو هو جنهن ۾ اسان 8 سال جيل
ڀوڳيو، بعد ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم خورشيد جوڻيجو وٽ جرڳو ٿيو هو جنهن ۾ اسان ٻنهي تي 30
لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ڏنڊ جي رقم نه هجڻ ڪري جوابدار ڌر منهنجي 6 جريب زمين، گهر
جي جڳهه به ورتي هئي ۽ ممتاز جي 8 جريب زمين ۽ جڳهه چٽي ۾ انهن حوالي ڪئي وئي هئي،
مون کي پڪ آهي ته منهنجي پٽ سليمان کي ديدار کوکر، عامر، عمران ۽ بشير وارن پلاند ۾
قتل ڪيو آهي، پوليس اسان سان ڪو به تعاون نٿي ڪري جوابدار ديدار سب انسپيڪٽر هجڻ
سبب پوليس ڌر بڻيل آهي، جڏهن ته سليمان پهرين درجي جو شاگرد هو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ
تي ڊي ايس پي حيدري محمد امين کوسو ٻڌايو ته اسان ٻارڙي جي قتل ۾ چئن جوابدارن کي
گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪئي آهي، اسان کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻارڙي جو قتل
پڪڙيل جوابدارن پلاند طور ڪيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته هر حال ۾ مقتول ٻارڙي جو ڌڙ
هٿ ڪيو وڃي، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد ڪالونيءَ ڀرسان لب مهراڻ واري علائقي
۾ 8 سال پهريان هڪ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ 6 ورهين جي لکمير ۽ 8 ورهين جي مجاهد
کوکر کي قتل ڪري لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلايا ويا هئا ۽ انهيءَ الزام ۾ مقتول ٻارڙي
سليمان جي پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر ۽ پوليس جمعدار ممتاز علي کوکر خلاف وليد ٿاڻي تي
ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي جوابدارن کي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ چالان ڪيو
ويو هو. لکمير ۽ مجاهد جو قتل جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ٿيو هو ۽ انهن جي جسم جا
ٽڪرا به سائي رنگ جي ٻاچڪن مان هٿ آيا هئا ۽ هاڻوڪي مقتول سليمان کوکر جي منڍي به
سائي رنگ جي ٻاچڪي مان گند جي ڍير تان هٿ آئي آهي ۽ سليمان جو قتل به جمعي ۽ ڇنڇر
جي وچ واري رات ٿيو آهي.
|