|
”نذير مغل واپس ڇو؟“:سنڌ يونيورسٽي جي استادن
۽ ملازمن پاران
سڀاڻي کان تالابندي جو اعلان
ڄامشورو (ن ڪ) سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن ۽ ملازمن پاران وائيس چانسلر نذير مغل کي
هٽائڻ ۽ احتساب جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ سميت سمورن بنيادي مسئلن
جي حل تائين اثرائتي احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سڀاڻي رٿيل
زباني امتحانن ۽ ڪلاسن جي بائيڪاٽ سان گڏ سمورا عام ڪارنهوار احتجاجن بند رکي
احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ ۽ علامتي بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾
سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي جوڙيل ڪاميٽي ۽ استاد اڳواڻن وچ ۾ 5 ڏينهن اڳ
ٿيل ڪامياب ڳالهين باوجود گورنر هائوس پاران يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل
کي ميڊيڪل ليو ذريعي جبري طور موڪل تي موڪلڻ ۽ سندس مٿان لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائڻ
سميت مڙني مطالبن جي حل لاءِ ڪو به نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ اربع واري ڏينهن وي سي
نذير مغل ٻيهر واپس اچي چارج سنڀالڻ واري اطلاعن بعد ٻيهر ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا
ٿيڻ جو اختيار ڌڻين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن پاران
سڀاڻي کان تدريسي عمل سميت ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلين، ڌرڻن، علامتي بک
هڙتالن، تالابندي ۽ ڄامشوري ڪئمپس کان حيدرآباد اولڊ ڪئمپس تائين پيادل لانگ مارچ
ڪرڻ واري اثرائتي احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ
يونيورسٽي ۾ ٽيچرز ڪلب تي سوٽا جي صدر ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه ۽ سيوا جي صدر غلام
نبي ڀلائي جي صدارت هيٺ ٻنهي تنظيمن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس بعد استاد
يونين سوٽا جي اڳواڻن ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه، ڊاڪٽر رابيعا ميمڻ، ڊاڪٽر عرفانه
ملاح، اصغر برفت، ملازم يونين سيوا جي اڳواڻن غلام نبي ڀلائي، الهوڌايو سهتو، محمد
علي گهانگهرو، امداد کوسو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مرحليوار اثرائتي احتجاجي
تحريڪ جو اعلان ڪيو ۽ نئين سر جدوجهد ڪرڻ وارن فيصلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سنڌ
يونيورسٽي جي سوين استادن ۽ هزارين ملازمن پاران وي سي نذير مغل کي گهر ڀيڙو ڪرائڻ
۽ کيس احتساب جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ سميت سمورن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتي
جدوجهد ڪئي ويندي، احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هڻڻ ۽ علامتي بک هڙتالون ڪيون وينديون،
سومر ۽ اڱاري واري ڏينهن تي ڪئمپس جو تدرسي عمل بند رکي ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو
ويندو ۽ احتجاجي ريليون ڪڍي سنڌالاجي جي سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، هنن
وڌيڪ ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ وي سي نذير مغل جي واپسي واري ڏينهن اربع تي يونيورسٽي ۾
مڪمل طور تي تالابندي ڪري سوين استادن ۽ هزارين ملازمن، شاگردن سان گڏ ڄامشوري
ڪئمپس کان حيدرآباد اولڊ ڪئمپس تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو، هنن چيو ته مهينو
سنڌ يونيورسٽي مڪمل طور بند هئي تڏهن تعليم وارو وزير ڪٿي هو؟ جو استادن ۽ ملازمن
وٽ ڳالهين لاءِ لڙي به نه آيو، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير مغل
کي هٽائي گورنر سنڌ لکت ۾ استادن، ملازمن ۽ شاگردن کي تحفظ جو يقين ڏياري ته
تدريسي عمل شروع ڪري سگھون ٿا، سنڌ يونيورسٽي جي آشيرواد سان نوازيل شاگرد هٿياربند
گروپ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن جيڪي موتمار ڌمڪين جا ايس ايم ايس ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن
به ملازم، استاد ۽ شاگرد کي نقصان پهتو ته ان جو ذميوار وي سي هوندو ۽ سومر ڏينهن
تي سنڌ يونيورسٽي ۾ خونريزي جو خدشو آهي ۽ اسان جي حياتين کي خطرو آهي، جنهن جي
حوالي سان ڊي آءِ جي حيدرآباد کي آگاهه ڪيو آهي ۽ وس وارين ڌرين کي اپيل ٿا ڪريون
ته سنڌ يونيورسٽي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا وڃن، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار
چوڌري ، صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کان مطالبو
ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪرپٽ وي سي نذير احمد مغل کي هٽائي سنڌ يونيورسٽي
جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي (سلوٽس) جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر نور شاهه بخاري، جنرل
سيڪريٽري پروفيسر غلام علي ملاح ۽ ٻين پاران سنڌ يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي (سوٽا) جي
وي سي نذير مغل ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ هلايل تحريڪ جي مڪمل حمايت ۽ سهڪار لاءِ سنڌ
يونيورسٽي ٽيچرز ايمپلائيز ۽ شاگردن سان اظهار يڪجهتي ڪيو آهي، هوڏانهن شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران سنڌ يونيورسٽي جي وائيس
چانسلر ڊاڪٽر نذير مغل جي واپسي ۽ گورنر پاران قائم ڪيل ڪاميٽي سان ٿيل معاهدي تي
عمل نه ڪرڻ واري واقعي خلاف استادن، شاگردن ۽ پورهيتن پاران هلايل ٻيهر جدوجهد جي
حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پورهيتن ۽ استادن جي حقن جي تحفظ ۽
کين ڌمڪين وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ سنڌ يونيورسٽي
جي وائيس چانسلر ۽ ان جي حمايت ڪندڙن خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو ويندو.
|