|
فاپواسا مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪگير احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو لاهور/ٽنڊو ڄام (آن لائن/ن ڪ) فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر فدا حسين ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ظفر نون سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدار فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، فاپواسا اڳواڻن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته مطالبن جي منظوري لاءِ گورنر سنڌ جي سفارشن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، پروفيسر بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاري سميت سمورا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن فاپواسا سنڌ چيپٽر ۽ زرعي يونيورسٽي جي ٽيچرز ايسوسيئيشن جي صدر نعمت الله لغاري، سعيد حيدر گهلو، شمشاد سپيو ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل کي ٻيهر چارج ڏني وئي ته سنڌ جي يونيورسٽين جي استاد برادري سخت احتجاج ڪندي ۽ اهو احتجاج سنڌ جي يونيورسٽين کي مڪمل بند ٿيڻ تائين وڃي سگهي ٿو، ڪاوش سان ڳالهائيندي هنن چيو ته جيڪڏهن اهو عمل ڪيو ويو ته استاد برادري جو گورنر هائوس تان ويساهه کڄي ويندو، اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ يونيورسٽي سميت، سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل جاري رکڻ جي لاءِ، مسئلي جي جڙ وائيس چانسلر نذير مغل کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. نذير مغل کي واپس آڻڻ استادن ۽ شاگردن جي فيصلي جي توهين آهي:ستاف حيدرآباد (پ ر) ستاف سنڌ يونيورسٽي جي صدر ڪندن مالهي، فهيم ڪولاچي ۽ عبدالغفار لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گورنر پاران جوڙيل ڪاميٽي جي استادن سان ٿيل ڳالهين تي ڪاميٽي پاران عمل نه ڪرڻ استادن ۽ شاگردن سان هڪ وڏو مذاق ۽ الميو آهي، گورنر پاران استادن جا مطالبا نه مڃڻ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ جي تعليم سان دشمني ۽ ان کي برباد ۽ تباهه ڪرڻ جو چٽو ثبوت آهي، هنن وڌيڪ چيو ته وي سي نذير مغل کي واپس آڻڻ استادن ۽ شاگردن جي ڪيل فيصلي جي توهين آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسين حڪمرانن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جو مهيني کان بند پيل تدريسي عمل کولرايو وڃي. نذير مغل ٻيهر چارج سنڀالي ته احتجاجي تحريڪ هلائي سندس گهيراءُ ڪيو ويندو:جساف (جست) حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي صدر جاويد احمد ڀٽي، امر فياض، ماجد ڏنو، شاڪر بلو، عديل قاضي ۽ رحيم ابڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ سنڌ جي گورنر جو هٿ آهي، ان ڪري نذير مغل جهڙي ڪرپٽ ۽ نااهل وي سي کي واپس سنڌ يونيورسٽي ۾ مقرر ڪرڻ جهڙو عمل سنڌ جي تعليم دشمن سازش آهي، هنن چيو ته سنڌي شاگردن کان ڪراچي جي تعليمي ادارن مان حق کسڻ کانپوءِ اکيون سنڌ يونيورسٽي مٿان آهن، اسين اهڙين سازشن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ نااهل ڪرپٽ وي سي نذير مغل کي واپس چارج ڏني وئي ته جساف (جيئي سنڌ تحريڪ) سخت احتجاجي تحريڪ هلائي وي سي جو گهيراءُ ڪندي. تدريسي عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي ته ڄمي مقابلو ڪيو ويندو:سپاف ڄامشورو (پ ر) سپاف سنڌ يونيورسٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپاف سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالرزاق بروهي، منصور دشتي ۽ ٻين ڪافي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سوٽا ۽ سيوا طرفان وري تعليمي بائيڪاٽ ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي مادري تعليم هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استادن پاران تدريسي عمل بند هئڻ ڪري هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سڄي دنيا ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيا وڃن ٿا پر دنيا ۾ ڪٿي به استادن تعليم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج نه ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سوٽا ۽ سيوا سنڌي قوم جا دشمن آهن ۽ پنهنجي ذاتي مفاد جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جو هڪ دفعو ٻيهر بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، تنهن تي سپاف جي اڳواڻن ۽ ميمبرن اهو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سوٽا ۽ سيوا جي تنظيم پاران سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي عمل ۾ ٻيهر رڪاوٽ وڌي ته سپاف سنڌ يونيورسٽي جا عهديدار ۽ ڪارڪن انهن جو ڄمي مقابلو ڪندا ۽ پنهنجو پاڻ ڪلاس هلندا، هنن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته سپاف جا ڪارڪن زيرو پوائنٽ تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندا. |
|
The Kawish Group of
Publication |