|
”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ مختلف شهرن ۾ ريليون حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ ريليون، ان سلسلي ۾ بوزدار وڏا ۾ سنڌي ادبي سنگت، جسقم، جسمم، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ شهري اتحاد طرفان ياسر بوزدار، مير حسن بوزدار، شير محمد سومرو، ستار اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدري چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، هڱورجا ۾ صحافين، سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪارڪنن سنڌ صحافي سنگت تعلقي سوڀوديرو جي صدر حسين چانگ، مور سنڌي، عبدالسميع ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪنب ۾ پرڪاش، حيدر ۽ جبار تمراڻي ۽ عنايت پنهار جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، نوشهروفيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران زاهد راڄپر، گل مورو، مظهر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڊکڻ ۾ ڏات ڌڻين مديجي ناڪي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي مشتاق بخاري، خالد زخمي ۽ ٻين چيو ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ چونڊيل نمائندا ڪردار ادا ڪن. |
|
The Kawish Group of
Publication
|