درگاهه سخي الهيار جو گادي نشين غوث محمد گوهر لاڏاڻو ڪري ويو

 نوشهروفيروز/محرابپور/ڪوٽڙي ڪبير/هڱورجا(نمائندن وٽان) الڪبير اڪيڊمي جو چيئرمين درگاهه سخي الهيار جو گادي نشين اديب ميان غوث محمد گوهر 80 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾لاڏاڻو  ڪري ويو، جنهن کي ڪوٽڙي ڪبير ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه، ايم پي اي احمد علي شاهه، اڳوڻي تعلقي ناظم سيد ابرار شاهه سميت ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي، ميان غوث محمد گوهر الڪبير اڪيڊمي نالي ڪوٽڙي ڪبير ۾ هڪ تاريخي لائبريري پڻ قائم ڪئي، جنهن ۾ هزارين تاريخي ڪتاب،قرآن پاڪ جا هٿ سان لکيل نسخا پڻ رکيل آهن، ميان غوث محمد گوهر عشر و زڪوات ضلعي نوشهروفيروز جو چيئرمين ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ قائم، سچل چيئر سان لاڳاپيل پڻ رهيو، ميان غوث محمد گوهر جي وفات جي سوڳ ۾ ڪوٽڙي ڪبير شهر ۽ محرابپور شهر بند ٿي ويا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com