|
ڏوڪري ويجهو گهر تي ڇت ڪري پئي، ٻارڙي ۽ عورت فوت ڏوڪري (ن ڪ) ڏوڪري ويجهو گهر جي ڇت ڪري پئي، 5 ڄڻا دٻجي ويا، عورت ۽ ٻارڙي جا لاش ڪڍيا ويا، ڏوڪري ويجهو ڳوٺ وڪڙو ۾ ڳوٺاڻي سراج جوڻيجو جي گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا دٻجي ويا، ڀرپاسي جي رهواسين موقعي تي پهچي دٻجي ويلن کي ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو، ملبي مان 20 سالن جي مسمات انيلا ۽ 7 ورهين جي ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو، آخري اطلاعن تائين 3 ڄڻا ملبي هيٺ هئا، جن کي ڪڍڻ جي ڪوشش جاري هئي. |
|
The Kawish Group of Publication |