سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، مذمت ڪرڻ

بدران فيصلو ڪرڻو پوندو:بشير قريشي

قمبر/نصيرآباد/وارهه/ميهڙ (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو آهي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، هاڻي عوام کي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران سرگرم عمل بڻجڻو پوندو، ان سلسلي ۾ قمبر، نصيرآباد، وارهه ۽ ميهڙ ۾ جلسن ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي بشير قريشي وڌيڪ چيو ته جڏهن به قومن تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته ان قوم جي باشعور ماڻهن تي فرض ٿو ٿئي ته اهي جدوجهد ڪن، هن چيو ته اسان جي معدني وسيلن، بندرگاهن ۽ درياءَ تي قبضا آهن، پ پ حڪومت سنڌ دشمن آهي، حڪمران ڪجهه سڪن عيوض سنڌ جو سودو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌين کي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي طرف ڌڪيو پيو وڃي، هاڻي ان جي مذمت ڪرڻ بدران قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته 23 مارچ تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿي اهو عزم ڪن ته هاڻي ذوالفقار آباد، 20 هين ترميم، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ سوڌو سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪنداسين، هن اعلان ڪيو ته 6 فيبروري تي نواب اڪبر بگٽي جي پوٽن ۽ سندس ڌيءَ جي قتل خلاف مظاهرا ڪيا ويندا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان جيڪي سپنا ڏٺا اهي اوڙاهه ثابت ٿيا، اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، 23 مارچ تي لکين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿين، ميڙاڪن ۾ آڪاش ملاح، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، نجف لغاري، مختيار تنيو، وحيد لاشاري، غلام مصطفيٰ جانوري، اعجاز چانڊيو، عاشق سولنگي،ممتاز لاکو،عبدالله سومرو،ڊاڪٽر الياس تنيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، جساف ضلعي مٽياري جو اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر تنيو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ امتياز جسڪاڻي شرڪت ڪئي، جساف ضلعي مٽياري لاءِ صدر ساجن ڪوريجو، نائب صدر شهزاد سولنگي کي چونڊيو ويو، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي  جي وي سي نذير مغل کي هٽائڻ لاءِ جساف طرفان 8 تاريخ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، وزير تعليم ۽ ٻين کي چتاءُ ڏيون ٿا ته پنهنجو قبلو درست ڪن ۽ شاگردن ۽ پروفيسرن سان ويساهه گهاتيون بند ڪن

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com