|
گمبٽ ڀرسان پنجاب مان اغوا ٿيل نينگر هٿياربندن وٽان ڀڄي نڪتو گمبٽ (ن ڪ) پنجاب مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل نينگر گمبٽ ڀرسان هٿ، پنجاب ۽ خيرپور پوليس جا ڇاپا، جوابدار گهر خالي ڪري ويا، ان سلسلي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پنجاب جي خانيوال ضلعي جي تعلقي ميان چنو جو رهواسي 13 سالن جو نينگر شعيب پٽ نواز هراج گمبٽ ڀرسان فقير آباد مان جوابدار هٿياربندن وٽان ڀڄي نڪتو، جنهن کي پوليس هٿ ڪري ورتو، نينگر جي وارثن کي اطلاع ملڻ بعد چنو ٿاڻي جي پوليس ۽ وارث گمبٽ پهچي نينگر کي پنجاب وٺي ويا، هٿياربندن وٽان فرار ٿيندڙ نينگر ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ مان سبزي وٺڻ لاءِ گهران نڪتس، 4 هٿياربند مون کي ڪار ۾ اغوا ڪري هتي هڪ جڳهه ۾ ٻڌي ويهاري ڇڏيو هئا مون تي تشدد ڪندا هئا، گذريل رات هٿياربند شراب پي بيهوش ٿي ويا ۽ دروازا کليل هجڻ ڪري مان وجهه وٺي اتان نڪري بس ۾ چڙهيس ته بس واري چيو هي بس پنجاب نه پر ڪراچي وڃي رهي آهي ۽ هنن مون کي رسول آباد وٽ لاهي ڇڏيو، جنهن بعد مون کي گشتي پوليس هٿ ڪري هتي وٺي آئي، پنجاب جي ميان چنو ٿاڻي جي پوليس موجب نينگر کي 2010-7-21 تي هٿياربندن اغوا ڪيو هو، جنهن جو اغوا ڪيس جوابدار مرتضيٰ ۽ عبدالقادر ۽ ڪجهه اڻسڃاتلن مٿان داخل ٿيل آهي، بازياب ٿيل نينگر جي نشاندهي تي ڊسٽرڪٽ پوليس ۽ پنجاب پوليس جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. |
|
The Kawish Group of
Publication |