20 هين آئيني ترميم ملڪ جي وجود تي وار آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ  ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو آهي ته 20 هين آئيني ترميم رڳو صوبن لاءِ خطرو نه آهي، پر آمراڻي طريقي سان 20 هين آئيني ترميم بل منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن ملڪ جو وجود داءُ تي لڳي ويندو، حڪمران صوبائي خودمختياري جا ڊراما ڪري ايم ڪيو ايم سان گڏجي اهڙو بل آندو آهي جيڪو نه رڳو صوبن لاءِ خطرو آهي، پر هن ملڪ جي وجود تي وار آهي ۽ حڪمرانن هٿ وٺي ملڪ جي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي خودمختياري تي ٿيندڙ وار خلاف فقط احتجاجي مظاهرا، علامتي بک هڙتالون، شارٽ مارچون ۽ ڌرڻا نه هڻندا، پر 1940ع جي قرارداد موجب سنڌ هڪ رياست طور هن ملڪ ۾ شامل ٿي هئي ۽ سنڌ کي اهو اختيار آهي ته هو هن فيڊريشن ۾ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو ڪري. اياز لطيف پيلجي چيو آهي ته هي سنڌ تبديل ٿيل سنڌ آهي. سنڌ جا ماڻهو جڏهن اٿندا آهن ته 5، 8 ۽ 13 آگسٽ ۽ 28 جنوري تي سڄي سنڌ کي ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين بند ڪري ڇڏين ٿا. سنڌ جا ماڻهو اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن کي پيغام ٿا ڏين ته ملڪ جي ايڪائين خلاف سازش کان باز اچن ۽ ڪرسي خاطر هن ملڪ کي داءُ تي لڳائڻ واري روش کي ختم ڪن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com