صالح پٽ لڳ کنڀيل زميندار جي اغوا جي تصديق:هاري بازياب

صالح پٽ(ن ڪ) صالح پٽ لڳ اغوا ٿيل گمبٽ جي زميندار عبدالجبار آرائين واري واقعي جي تصديق ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ عبدالجبار آرائين جي هاري رخسار مهر ڪالهه ڊي ايس پي روهڙي ۽ ايس ايڇ او صالح پٽ کي ٻڌايو ته پنهنجي زمين تي موجود زميندار عبدالجبار آرائين ۽ کيس 6 هٿياربندن اغوا ڪيو، جيڪي کيس سنگرار ڀرسان مارڪٽ بعد آزاد ڪيو ويو، پوليس شڪي ڄاڻايل پپو شنباڻي سوڌو 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف اغوا ڄاڻايل زميندار جي پٽ سجاد ۽ عبدالستار آرائين ميڊيا کي ٻڌايو ته صالح پٽ پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن خدشو ڏيکاريو ته اغوا ڪندڙ زميندار عبدالجبار آرائين کي قتل ڪري سگهن ٿا، هوڏانهن رات دير تائين پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com