ٺري ميرواهه ۾نينگري جي قتل خلاف شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين جو احتجاجي جلوس،ڌرڻو

ٺري مير واهه(ن ڪ) 5 ڏينهن اڳ ڳوٺ محمد اسماعيل لغاري ۾ بيدردي سان قتل ٿيل گرلز هاءِ اسڪول ٺري مير واهه جي نائين درجي جي شاگردياڻي 14 ورهين جي انيلا لغاري جي قتل واقعي خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گرلز هاءِ اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري هٿن ۾ شاگردياڻي جي تصوير ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي جلوس ڪڍي ٺري-سيٺارجا روڊ تي اسپتال جي گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪندي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي شاگردياڻين سپنا، عظميٰ، سونيا ۽ گلشاد لغاري ٻڌايو ته بنا ڪنهن ڏوهه جي انيلا کي ننڍڙي عمر ۾ قاتل قتل ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن،هنن چيو ته مقتولا جو ڏوهه اهو هو ته هن تعليم جاري رکڻ پئي چاهي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي کان انڪار ڪيو هو، شاگردياڻين مطالبو ڪيو ته قاتل کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ ڪيس ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com