|
بختيار ڊومڪي جي زال ۽ ڌي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ هڙتال، ڌرڻا فائرنگ ۾ 2 مظاهرين مارجي ويا ڊيرامراد جمالي (رپورٽ :منٺار جمالي) ايم پي اي بختيار ڊومڪي جي گهر واري ۽ ڌي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال، احتجاجي مظاهرا، قومي شاهراهه بلاڪ مظاهرين مٿان قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جي فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي، وزيراعلى نوٽيس ورتو، جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان، ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل بلوچستان جي ايم پي اي بختيار خان ڊومڪي جي گهر واري ۽ ڌي واري واقعي خلاف گذريل ڏينهن به ڊيرامراد جمالي سميت بختيار آباد ڊومڪي، لهڙي، سبي سميت مختلف شهرن ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ڪري مذڪوره شهرن جا تمام ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، بختيار آباد ڊومڪي ۾ ڊومڪي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ۾ روڊ کولڻ واري ڳالهه تان منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي اهلڪارن مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 مظاهرين احمد خان مغيري ۽ بندو خان ڊومڪي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ نجي ٽي وي چئنل جو ڪئميرامين افضل رضا سميت 4 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، فائرنگ بعد مظاهرين ڇڙ وڇڙ ٿي ويا، زخمين کي سول اسپتال سبي منتقل ڪيو ويو آهي، مظاهرين مٿان فائرنگ واري واقعي جو بلوچستان جي وزيراعلى نوٽيس ورتو، واقعي جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، |
|
The Kawish Group of
Publication |