|
اعليٰ ادارن ۾ سنڌين لاءِ نو انٽري جو بورڊ لڳايو ويو آهي:رياض چانڊيو لاڙڪاڻو (پ ر) جسقم طرفان 7 فيبروري تي اعليٰ عدالتن ۾ سنڌي جج مقرر ڪرائڻ لاءِ اعلانيل مظاهرن جي تيارين جي سلسلي ۾ جسم لاڙڪاڻي ضلعي جي اجلاس کي خطاب ڪندي محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ جي اعليٰ عدالتن ۾ ڏينهون ڏينهن ڌرتي ڌڻين قابل ۽ ايماندار وڪيلن کي نظرانداز ڪري غير سنڌين کي مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر ملڪي قانون مطابق 60 سيڪڙو سنڌي جج هجڻ کپن، سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي ته وڏين عدالتن کان وٺي سمورن ادارن جا وارث ۽ مالڪ سنڌي هجڻ گهرجن، هن وڌيڪ چيو ته تعصباڻي ۽ قبضاگيري جي سوچ سبب هميشه سنڌ جي وارثن کي هٿرادو طور تي وڏن شهرن ۾ ته اقليت ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي پر هينئر ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ساٿاري قوتن سنڌ اندر زندگي جي هر شعبي ۾ اعليٰ ادارن ۾ سنڌين لاءِ نو انٽري جو بورڊ لڳايو آهي،جمهوريت ۽ ترقي جي نالي ۾ نه فقط سنڌين کان جياپي جا وسيلا کسيا ويا آهن پر هينئر حڪمرانن پنهنجي مخصوص اقتداري مفادن خاطر سنڌين کان ڌرتي کسائي رهيا آهن، اسان کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، اجلاس کي محاذ جي مرڪزي اڳوڻ عزيز الله ڀٽو، ذوالفقار سپڙيو، ثمران علي ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. |