|
ميرپور خاص پوليس زاهده ڏيٿو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙن کي گرفتار ڪري:سول سوسائٽي ميرپورخاص/حيدرآباد (نمائندن وٽان) ميرپورخاص ۾ سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو جي گهر ۾ لڳل ڏيڍ ڪروڙ جي ڌاڙي جي جوابدارن کي پوليس 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بازياب ڪرائي ناهي سگهي، ٻئي طرف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي سول سوسائٽي اهڙي واردات تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ حڪومت جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ پنهل ساريو، ڊاڪٽر اشو ٿاما، سرتاج عباسي، محبوب ابڙو، ستار رند، نور محمد بجير، جاويد سوز هالاڻي، ڪاشف بجير، ارشاد جوڻيجو، نياز چانڊيو، جبار ڀٽي ۽ جعفر ميمڻ ميرپورخاص انتظاميا جي بيحسي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته پوليس ۽ ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ سبب شريف شهري گهرن توڙي روڊن تي محفوظ ناهن، اجلاس ۾ سماجي اڳواڻ زاهده ڏيٿو ڦر واري واردات بابت ڄاڻ ڏني، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيدرآباد جي سول سوسائٽي جا نمائندا جلد گهرو وزير توڙي ڊي آءِ جي ميرپور خاص سان ملاقاتون ڪري زاهده ڏيٿو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙن جي گرفتاري ۽ ڦر ٿيل سامان جي واپسي جو مطالبو ڪندا، ٻئي طرف ميرپور خاص جي سماجي اڳواڻ اصغر ناريجو ايڊووڪيٽ به هڪ بيان ۾ زاهده ڏيٿو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. |
|
The Kawish Group of
Publication |