حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن جو پروموشن ۽ پوسٽنگ

نه ملڻ خلاف احتجاج، مظاهرو، ڌرڻو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) پروموشن ۽ پوسٽنگ نه ملڻ خلاف حيدرآباد ۾ پي ايم اي جي سڏ تي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ ڪلاڪ بائيڪاٽ، ڊاڪٽرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، تفصيل موجب پي ايم اي سنڌ جي سڏ تي حيدرآباد جي ڊاڪٽرن ڪالهه ضلعي جي مختلف سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، ڀٽائي اسپتال، پريٽ آباد، قاسم آباد ۽ سروسز اسپتال ۾ هڪ ڪلاڪ ڊيوٽين تان بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون، جڏهن ته ڊاڪٽرن ايس پي چوڪ حيدرآباد کان ريڊيو چوڪ تائين پير منظور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پير منظور، ڊاڪٽر رفيق قريشي، گلزار جماڻي، رخسانه پريت چنڙ، قاضي منظر حيات ۽ ٻين چيو ته فور ٽائر فارمولي تحت ڊاڪٽرن کي ڪجهه پروموشن ته مليا آهن پر ترقين جو نه نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ۽ نه ئي پوسٽنگ ڏني وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سکر هاءِ ڪورٽ جي ٽائيم اسڪيل بابت ڏنل فيصلي تي عمل ڪري ڊاڪٽرن کي ترقيون ڏنيون وڃن، هنن اعلان ڪيو ته 6 فيبروري تي ڪراچي ۾ اعلانيل مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ۾ حيدرآباد جا ڊاڪٽر به شرڪت ڪندا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com